ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431862 ڀيرا پڙهيو ويو |
رابرٽ ڪوچ انهيءَ ڊاڪٽر جو نالو آهي، جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، هڪ موذي مرض جو بنيادي سبب ڳولي لڌو. سندس مشهوريءَ جي خاص ڳالهه اِها هئي ته هِن سِلهه پکيڙيندڙ جيوڙن (جراثيمن) جو ڳُجهه ڳوليو. انهيءَ زماني ۾ هر ستن موتن مان هڪ موتُ اُن مرض سبب ٿيندو هو. اِن کان سواءِ ڪوچ جانورن جي ڪيترين ئي بيمارين جا پڻ جراثيم ڳولي لڌا.
رابرٽ ڪوچ 11 ڊسمبر 1843ع تي ڏکڻ- اولهه جرمنيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم کان پوءِ هُن هڪ ميڊيڪل اِسڪولَ ۾ داخلا ورتي. هن جو خيال هو ته وڏو ٿي وچ ايشيا ۽ آفريڪا جي مُلڪن جو سير ڪندو ۽ اتي پنهنجي هنر سان ماڻهن کي فائدو رسائيندو، پر شاديءَ کان پوءِ هُن اوڀر جرمنيءَ جي ڪجهه ڳوٺن ۾ ڊاڪٽري شروع ڪئي ۽ اتان جو ٿي رهيو.
ڪوچ کي اٺاويهين جنم ڏينهن تي سندس زال هڪ خوردبيني تحفي طور ڏني. طبيعت ۾ جاکوڙي ته اڳ ئي هو، ويتر مصروف رهڻ جو هڪ سبب اڃا وڌي ويس. جڏهن به مريضن مان واندڪائيءَ ملندي هئس ته هو اُن خوردبينيءَ وسيلي باريڪ شين جي حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو. هُن کي جراثيمن سان اڳ ۾ ئي دلچسپي هئي، ڇو ته هُو انهن کي ئي مختلف مرضن جو ڪارڻ سمجهندو هو. هُن خوردبينيءَ کي ترقي ڏني ۽ جراثيمن کي هڪ ٻئي کان ڌارَ ڪرڻ لاءِ ڪي اهڙا طريقا به ڳوليا، جيڪي اڃا تائين هلندڙ آهن.
ڪوچ 24 مارچ 1882ع تي برلن ۾ فزيولاجيڪل سوسائٽيءَ جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سلهه جهڙي موذي مرض جا ڪجهه بنيادي سبب بيان ڪيا. ان ميڙ ۾ انهيءَ وقت جا ڪي مشهور ڊاڪٽرَ ۽ تحقيق ڪندڙ به موجود هئا، جن جي ناماچاري سڄي دنيا ۾ ڦهليل هئي. سِلهه هڪ عامُ مرض هو. ظاهر آهي ته هر ڊاڪٽر اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ وڪوڙيل هو ته جيئن علاج جي ممڪن سهوليت حاصل ٿي سگهي.
اهو اعزازُ ڪوچ جي نصيب ۾ هو. هُن ٻڌايو ته سِلهه هڪ سِيخ جي شڪل جهڙي جراثيم سان ڦهلجي ٿي. ڪوچ اهو جراثيم هر ان مريض جي جسم ۾ ڏٺو هو، جيڪو به اُن مرض ۾ مبتلا هو. هُن اهي جراثيم اهڙن مريضن جي جسمن کان ڌارَ ڪيا، پاليا ۽ اُنهن تي تحقيق ڪئي. ڊاڪٽر ڪوچ اهڙا جراثيمَ ڪجهه جانورن جي جسم اندر داخل ڪيا ۽ انهن جي پڃرن توڙي ٻِرن ۾ انهن کي پکيڙيو. جاچ بعد انهن جانورن کي به سِلهه جي مرض ۾ وڪوڙيل ڏٺائين.
سڀني قابل ڊاڪٽرن ۽ محققن ڪوچ جي ڳالهه غورَ سان ٻُڌي، ڪنهن به سندس ڪا مخالفت نه ڪئي، ڇو ته سندس ڳولا صحيح هئي ۽ اڄ تائين درست سمجهي وڃي ٿي. سڄي دنيا ۾ مشهوري ٿيس ته هڪ جرمن ڊاڪٽر سلهه جهڙي موذي مرض جو ڳجهه ڳولي لڌو آهي.
1882ع کان 1900ع تائين وارو زمانو اِن ڪري به يادگار آهي ته انسانَ بيمارين خلاف جنگ همت سان جاري رکي. ڪوبه مهينو اهڙو نه گذرندو هو، جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرض جو ڪارڻ ڳولي نه لَڌو ويو هجي. 1883ع ۾ خناق ۽ دستن/هيضي جا جراثيم دريافت ٿيا. 1886ع ۾ نمونيا جو سبب ڄاتو ويو. 1990ع تائين بخار جي ڪيترن قسمن، پليگ کان سواءِ ٻين ڪجهه بيمارين جي جراثيمن جو پتو لڳايو ويو.
1865ع ۾ لوئي پاسچر اِها سچائي ثبوتن سان سمجهائي ته جراثيمَ جانورن ۾ به بيماريون پکيڙين ٿا ۽ اهي جانورَ وري انسانن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿين ٿا. شروع ۾ ڪنهن کي به اِن ڳالهه تي يقين نه آيو، پر پوءِ سڀئي ساڻس سَهمت ٿيا. دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ڊاڪٽرن خوردبينين وسيلي نقصانڪار جراثيمن جو ڳُجهه ڳولڻ شروع ڪيو ته جيئن مرضن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۽ علاج ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿي پوي. اهو ڪم سولو نه هو، ڇو ته انساني جسم اندر ڪيترن ئي قسمن جا جراثيمَ هوندا آهن. ڪنهن هڪڙي جراثيمَ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اِهو ضروري هو ته ٻيا جراثيم پيدا ڪيا وڃن. پوءِ انهن کي جانورن جي جسم اندر داخل ڪجي ۽ ڏسجي ته ان طريقي سان تحقيق طلب بيماري ڦهلجي ٿي يا نَه. ان ڪم لاءِ وقت کان سواءِ وڏي محنت پڻ درڪار هئي.
ڪوچ سخت جفاڪش هو. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ محققن سندس اصولن تي عمل ڪندي، ڪيترين بيمارين جا جراثيمَ ڳولي لڌا. 1876ع ۾ ڪوچ رڍن ۽ چوپائي مال ۾ تِريءَ جو بخارُ پيدا ڪندڙ جراثيمن جو مشاهدو ماڻيو ۽ انهن جي خاتمي لاءِ اثرائتو علاج پڻ ڳولي ڪڍيو، نه ته اڳ ۾ چوپائي مالَ جا ڌڻن جا ڌَڻ وچڙندڙ مرض سبب مري ويندا هئا.
اهڙي لاڀائتي تحقيق کان پوءِ ڪوچ جي مقرري برلن جي اِمپيريل هيلٿ آفيس ۾ ٿي. اُتي کيس تحقيق جان نوان موقعا مليا ۽ هُن جراثيمَ پالڻ جو هڪ نئون طريقو معلوم ڪيو. ان وقت تائين تجرباتي جراثيمَ قسم قسم جي پاڻياٺي شين ۾ پاليا ويندا هئا، پر هوا هجڻ ڪري ڪيترا ٻيا جراثيم انهن سان شامل ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ انهن جراثيمن کي ڌار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو هو، جنهن تي ڊاڪٽر تحقيق ڪرڻ چاهيندو هو. ڪوچ پَٽاٽن ۽ اهڙين ٻين نهرين شين تي جراثيمَ گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي پالنا خاطر هڪ نئون طريقو ڳولي ڪڍيو.
ان کان پوءِ هن پنهنجو سمورو ڌيانُ سِلهه جي جراثيم تي ڏنو. تيستائين هڪ فرانسيسي محقق به اها ڳالهه معلوم ڪري ورتي هئي ته سِلهه هڪ وچڙندڙ وَبا آهي ۽ جيڪڏهن ان جي جراثيم کي اِنساني جسم مان ڪنهن جانور جي جسم اندر پهچايو وڃي ته اهي به هِن بيماريءَ ۾ وڪوڙجي ويندا. ان هوندي به تنهن وقت تائين ڪنهن به انهيءَ وَبا جا جراثيم پنهنجي اکين سان نه ڏٺا هئا.
برلن جي اسپتالن ۾ ماڻهو سِلهه جو شڪار ٿيندا هئا. ڪوچ انهن جي لاشن مان اهڙي بيماريءَ وارا جراثيمَ حاصل ڪندو هو، پر انهن کي ڏسڻ ۾ کيس ڏکيائي پيش پئي آئي. ڏاڍي ڪوشش کان پوءِ ڪوچ کي ڪو هڪ جراثيمُ رڙهندي نظر ايندو هو، جنهن کي ڌارَ ڪرڻ ۽ پرورش ڏيڻ سولو نه هو. ڪوچ ان لاءِ هڪ خاص قسم جي رَت گاڏڙ- غَذا تيار ڪئي ۽ ان جو انگُ وڌايو. اڃا هڪ ڪم باقي هو ته انهن جراثيمن کي ڪِن جانورن جي جسم اندر داخل ڪيو وڃي. اهو ڪم خوفائتو ان ڪري به هو ته سُئيءَ جي ٿورڙي غلط حرڪت ڪري ڪوچ کي آڱر سان ٽڪرائجڻ ۽ خطرناڪ جراثيمَ جو سندس جسم اندر داخل ٿيڻ جو بيحد ڊپ هو! ڪوچ ڪنهن به قسم جي ڪا پرواههَ نه ڪئي. هِن سوين جانورن تي اهڙا تجربا ڪيا ۽ اهي ڪامياب بڻايا. سِلهه واقعي ڦهلجندڙ بيماري يا وچڙندڙ وبا هئي.
ڪوچ کي اڃا به دلجاءِ نه ٿي. هُن جو خيالُ هو ته اهو مرض ساههَ وسيلي به ڦهلجي سگهي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن هِي جراثيمَ ساهه کڻڻ سبب ٻئي ڪنهن جسم ۾ پهچي وڃن ته هو به ان ۾ گهيرجي سگهي ٿو. ڪوچ هڪ ٽيوب ذريعي اهڙي قسمَ جا جراثيمَ پنهنجي تجربيگاهه کان ٻاهر سوئرن ۽ ڪجهه ٻين جانورن جي واڙن ۾ پهچايا ۽ ڏٺو ته اهي واقعي سِلهه جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا. تحقيق پوري ٿي ۽ حقيقت جا دروازا کُليا.
انهيءَ ڳولا سبب ڪوچ جي مشهوري چوڌاري ڦهلجي وئي. پوري يورپ جي ڊاڪٽرن هن جو تجربيگاههُ ڏسڻ گُهريو، ۽ سڄي دنيا جا محقق وٽس اچي گڏ ٿيا. ڪوچ جي شُهرت ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي، کيس تحقيق لاءِ هڪ نئون ۽ وسيع ميدانُ ملي ويو.
1883ع جي ابتدا ۾ هندستان ۾ دستن جي بيماريءَ وبائي صورت اختيار ڪري ورتي. اتان اها وچ اوڀر کان ٿيندي مصر تائين وڃي رَسي. فرانس ۽ جرمنيءَ سوچيو ته اهو موقعو نه فقط انساني خدمت جو آهي، پر انهيءَ مرض تي وڌيڪ تحقيق به ڪري سگهجي ٿي. جرمنيءَ ڪوچ کي موڪليو ته بيماريءَ جو خاص سبب معلوم ڪري. ڪوچ هندستان آيو ۽ هِن ثابت ڪيو ته مرض ”ر“ جي شڪل جهڙن جراثيمن سان ڦهلجي ٿو.
ان تحقيق کان پوءِ جڏهن ڪوچ پنهنجي وطن واپس ويو ته سندس هڪ وڏي فاتح وانگر آجيان ڪئي وئي. قيصر اعظم پنهنجي هٿن سان کيس جرمنيءَ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز عطا ڪيو. ان کان پوءِ 1886ع ۾ هن هڪ آمريڪي محقق سان گڏجي اکين جي هڪ بيماريءَ جو ڪارڻ معلوم ڪيو. پوءِ هو ٻه ڀيرا ڏکڻ آفريڪا ويو ۽ اتي جانورن جي هڪ وچڙندڙ بيماريءَ جو سبب پڻ ڄاڻي ورتائين.
ڪوچ جي زندگي ڏاڍي ڪامياب رهي. هن انيڪ انساني دشمنن جو ڳُجهه ڳولي لڌو ۽ ٻين ڪيترن کي اهڙي واٽَ ٻُڌائي، جنهن سان اهڙا ٻيا هاڃيڪار دشمن سڃاڻڻ کان پوءِ ناس ڪري سگهجن. هُن پاسچر جي سهڪار سان ڦهلجندڙ مرضن جو ڪنهن حد تائين خاتمو آندو، جنهن عَمل کي ويهين صديءَ جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڪوٺي سگهجي ٿو.