ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431856 ڀيرا پڙهيو ويو |
گراهم بَيل جي سڀ کان اهم ايجاد ٽيليفون آهي، جيڪو اڄڪلهه هر هنڌ استعمالُ ٿئي ٿي. ان جي اهميت جو اندازو ڪرڻو هجي ته رڳو اِهو خيال ڪريو ته جيڪڏهن ٽيليفون نه هجي ها ته هاڻوڪي تهذيب ڪهڙي ماڳ تي هجي ها. هن محنت ۽ صبر جو پاندُ هَٿان نه ڇڏيو ۽ دنيا کي هڪ اهڙي ڪارائتي ايجاد عطا ڪئي، جيڪا ايجادن جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي..
اليگزينڊر گراهم بيل 3 مارچ 1847ع تي ايڊنبرا ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي هڪ موچيءَ جي حيثيت سان پنهنجي جيون جي ابتدا ڪئي هئي، پر آخري ڏينهن ۾ تقريري فن جو استاد مڃيو ويو. جنهن ڳالهائڻ ۽ ٻوليءَ جو لَهجو درست ڪرڻ لاءِ پنهنجو هڪ الڳ طريقو ايجاد ڪيو هو. گراهم بيل جو پيءُ مِل وِل بيل به ٻوليءَ جو ماهر هو، خاص طرح هِن گونگن ۽ ٻوڙن لاءِ هڪ عمدو انداز ايجاد ڪيو هو. اليگزينڊر انهيءَ ماحول ۾ اک کولي. هن موسيقيءَ جو ماهر بڻجڻ ٿي چاهيو، ڇو ته سندس ڪَن نهايت حساس ۽ سَرلا هئا. هُن کي اِها صفت ماءُ پاران ورثي ۾ ملي هئي.
سندس پيءُ کيس ٻوليءَ جو ماهرُ بڻائڻ ٿي چاهيو. هِن اسڪول ۾ رڳو پنج سالَ تعليم پرائي، پر کيس گهر ۾ بهترين تربيت ملي. هُن لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي، پر هڪ حادثي سندس جيون جو رخ ڦيرائي ڇڏيو. هن جا ٻَه ڀائرَ سِلهه جي مرض ۾ مري ويا هئا، هِن لاءِ به انهيءَ بيماريءَ ۾ وچڙڻ جو خطرو حد کان وڌيڪ هو، تنهنڪري سندس پيءُ ماءُ آمريڪا لڏڻ جو ارادو ڪيو، انهيءَ آسَ تي ته شايد اُتان جي آبهوا سندس پُٽ کي راس اچي. اُن ڪري هو اونٽريو رياست ۾ اچي آباد ٿيا ۽ پوءِ ڪڏهن به اسڪاٽ لئنڊ واپس نه وريا.
گراهم بيل ڪجهه ڏينهن سير تفريح ۾ گذاريا ۽ ان کان پوءِ هو گونگن کي تعليم ڏيڻ ۾ پنهنجي پيءُ جو هَٿُ ونڊائڻ لڳو. ان وقت هِن جي عمر چوويهه سالَ هئي. هن ٻوڙن ٻارن لاءِ بوسٽن ۾ هڪ اسڪول کوليو، گڏوگڏ کيس بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ به پڙهائڻ جي نوڪري ملي وئي.
اِهو ئي اُهو زمانو هو، جڏهن گراهم بيل کي ڳالهائڻ بابت تجربن ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو. هن هڪ اهڙو اوزار ايجاد ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن سان هڪ ٻئي کان پري ويٺل پاڻ ۾ ڳالهائي سگهن. هِن پنهنجي ڪمري ۾ تارَنِ جو ڄارُ وڇائي ڇڏيو. سندس ميز تي بيٽريون، آواز پيدا ڪرڻ جو سامان ۽ ٻين اوزارن جو ڍيرُ موجود رهندو هو. هو پنهنجي اِن شوق ۾ ايتري حد تائين جنبيل رهندو هو، جو گهڻو ڪري کيس ماني کائڻ جو به هوش نه هوندو هو ۽ ڪيتريون ئي راتيون سمهڻ بنا گذاري ڇڏيندو هو.
ايتري سخت محنت جو نتيجو اِهو نڪتو ته سندس صحت وري خراب ٿي پئي ۽ کيس مڪمل آرام لاءِ ڪئناڊا وڃڻو پيو، پر هو گهڻو وقت ٻاهر نه رهيو. واپس وَرندي ئي هِن پڙهائڻ سميت پراڻا تجربا وري شروع ڪري ڇڏيا. سندس وڏي ۾ وڏي خواهش اِها هئي ته گُونگن، ٻَوڙن ۽ معذور ٻارن کي ڪهڙي طرح به اِن قابل ڪري ته هُو هِن دنيا ۾ خوش رهي سگهن. هِن سڀ کان پهريائين ٻوڙن ٻارن لاءِ هڪ اهڙو اوزار ايجاد ڪيو، جنهن وسيلي هو انهن لهرن کي ڏِسي سگهندا هئا، جيڪي اسان جي ڪنن تي اثر انداز ٿي آوازَ جو احساس پيدا ڪنديون آهن ۽ اهو ئي اوزار اڳتي هلي فون جي صورت ۾ سڀني جي آڏو آيو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اليگزينڊر گراهم بيل ٽيليفون جهڙي ساراههَ جوڳي ايجادَ ٻوڙن ٻارن جي اسڪول ۾ ئي مڪمل ڪئي.
ظاهر آهي ته انهيءَ مقصد لاءِ هن کي انساني ڪَنَ جي اندروني بناوت کي سمجهڻ ضروري هو. پنهنجي هڪ ڊاڪٽر دوست جي مدد سان کيس هڪ مئل ماڻهوءَ جو ڪَنُ مِلي ويو ۽ اليگزيندر گراهم اهو غور سان جاچي ڏٺو. پوءِ هو موڪلن وارن ڏينهن ۾ اِهو ڪنُ پاڻ سان گڏ ڪئناڊا کڻي ويو، جتي سندس پيءُ ماءُ رهندا هئا. اُتي 1874ع جي اونهاري ۾ هُن اهڙا تجربا شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيليفون جهڙي عظيم ايجاد وجود ۾ آئي.
ان زماني ۾ سائنسدانن کي برقي وَهڪ بابت گهٽ ڄاڻ هئي. گراهم بيل سائنسدان نه هو، تنهنڪري هِن کي بجليءَ بابت ڏاڍي ڏُکيائي پيش آئي، پر هو مايوس نه ٿيو. هن هڪ لوهي لچڪدار پَتري، چقمق، برقي- چقمق ۽ ڪجهه تارُن جي مدد سان پنهنجو مقصد ماڻي ورتو. ساٿ سهڪارَ لاءِ بيل هڪ مستريءَ کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو، جنهن جو نالو ٿامس- اي واٽسن هو. واٽسن کي برقي-وهڪ بابت چڱي خاصي ڄاڻ هئي. اهڙيءَ ريت هيءَ ڀائيواري ڏاڍي فائديمند ثابت ٿي. گهڻو ڪري هو سڄي سڄي رات پنهنجن تجربن ۾ مصروف رهندا هئا. انهن تجربن ڪري هِن ٻارن کي به پَڙهائڻ ڇڏي ڏنو. هاڻي کيس مالي مشڪلاتن سان مُنهن ڏيڻو پيو، ڇو ته تجربن تي ڪافي ڏوڪڙ خرچ ٿيڻا هئا. دوستن کيس سمجهايو ته اهو ڪم ڇڏي ۽ گذرسفر لاءِ پاڻ پتوڙي، پر هو پنهنجي ارادي جو پَڪو هو، هن چاهيو پئي ته هڪ اِنسان ڪنهن به طريقي سان تَارُن جي مدد سان ٻين انسانن سان ڳالهائي سگهي.
آخر ڪاميابيءَ پنهنجي سهڻي صورت ڏيکاري. اِها 2 جون 1875ع جي ڳالهه آهي، بيل ۽ واٽسَن گڏجي برقي- وهڪ مان آواز جي لَهرن کي ڦهلائڻ جي ترڪيب ڳولي ڪڍي. ۽ ٽيليفون تيار ٿي وئي. بيل قومي جذبي هيٺ پنهنجي هيءَ ايجاد انگلنڊ سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن کي به اعتبار نه آيو. آخرڪار هِن آمريڪا ۾ پنهنجي هيءَ ايجاد رجسٽر ڪرائي ۽ هو ٽيليفون جو موجد مڃيو ويو.
اُن وقت بيل جي عمر 29 سالَ هئي. هن جي ايجاد اڃا شروعاتي مرحلن مان پئي گذري ۽ ڪنهن کي به اِهو خواب خيالُ ۾ نه هو ته ايندڙ وقت ۾ اِها ايتري ترقي ڪري وٺندي، جو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ جي ماڻهن سان به ڪو ڪچهري ڪري سگهندو.
25 جون 1876ع بيل لاءِ هڪ نئون ڏينهن ثابت ٿيو. فلاڊلفيا ۾ مختلف شين جي نمائش ٿي رهي هئي. برازيل جو شهنشاهه خاص مهمان هو. بيل به بوسٽن مان پنهنجي ’فون‘ کڻي نماءَ لاءِ پهتو. جڏهن نمائش جي جَجن سندس اِها ايجاد ڏٺي ته ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چوڻ لڳا:
”تارَ ڳالهائي ٿي“
مشهور سائنسدان سر وليم ٿامس (جيڪو پوءِ لارڊ ڪيلوِن جي نالي سان مشهور ٿيو) پاڻ بيل جي ٽيليفون کي استعمال ڪري ڏٺو ۽ اچرج مان چيو:
”شاباسِ نوجوانَ! تو هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو آهي. مان پيشنگوئي ڪريان ٿو ته تنهنجي هيءَ ايجاد حد کان وڌيڪ مشهوري ماڻيندي.“
بيل کي پَڪَ هئي ته ٿورڙي خرچ سان سندس اِها ايجاد ايتري ترقي ڪري سگهندي، جو اُن وسيلي ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ڳالهه ٻولهه ڪري سگهبي، پر هِن وٽ پئسو صفا هو. گراهم بيل تار ڪمپنيءَ کي گذارش ڪئي ته هُو اِها ايجاد خريد ڪري، پر ڪمپنيءَ کي هِن جي ايجاد جي ڪارگر هجڻ جي ڪابه پَڪَ نه هئي. عوامُ به سندس فون کي رانديڪو سمجهندو رهيو.
بيل بيقدريءَ سبب دل تي پٿر رکي خاموش ٿي ويو ۽ جيئن تيئن ڪري پنهنجي ايجاد کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيو. واٽسن ۽ ڪجهه ٻيا دوست ساڻس گڏ ڪَمُ ڪندا رهيا. هاڻي انهيءَ رانديڪي سان ٻن مَيلن جي مفاصلي تان ڳالهائي سگهبو هو، پوءِ سورهن مَيل ۽ ان کان پوءِ بوسٽن ۽ نيويارڪ جي وچ وارو مفاصلو، جيڪو ٻن سئو ميلن کان به وڌيڪ هو.
ماڻهن کي آخر يقين اچي ويو ته تارن وسيلي واقعي پري پري وارن هَنڌن تي هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگهجي ٿو. 11 جولاءِ 1877ع تي بيل جي شادي ٿي. هو ڏيڍ سال تائين پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ ملڪ کان ٻاهر رهيو. کيس پَڪَ هئي ته واپسيءَ تي دولت ۽ شهرت سندس قدمَ چمندي، پر افسوس اِهي سمورا سَپنا ساڀيان پائي نه سگهيا! بيل جا ڪيترائي حاسد ۽ دشمن پيدا ٿي پيا. اُنهن هِن مٿان ڪيس ڪيو ته بيل سندن ايجاد چورائي آهي. بيل کي سخت پريشانيءَ سان مُنهن ڏيڻو پيو. هو قرضي بڻجي ويو، صحت ڌار خراب ٿي پيس. ڪيسُ ڊگهو ٿيندو ويو، پر آخر ۾ فيصلو هِن جي حق ۾ آيو.
بيل جو ٻُڍاپو ڏاڍي آرامَ سان گذريو. ڇاڪاڻ ملڪ ۽ ماڻهو سندس عظمت کان باخبر بڻجي ويا هئا. هِن کي ڪيترا تمغا، ڊِگريون، انعامَ ۽ اٿاههُ پيار ۽ عزت حاصل ٿي. هِن جا مُجسما جوڙيا ويا ۽ سڀني ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هِن پنهنجي ايجاد وسيلي انسانذات جي وڏي خدمت ڪئي آهي. بيل رڳو اهو چوندو هو:
”ماڻهو هاڻي اِهي سڀ شيون مون کي ڇو ٿا ڏين؟ هن عمر ۾ مون کي انهن مان ڪهڙو فائدو رَسي سگهي ٿو؟ فائدو ته تڏهن ٿئي ها، جڏهن آءٌ جوان هيس.“
سائنس سان سندس دلچسپي ساڳيءَ ريت رهندي آئي. هاڻي هو هڪ اميرُ ماڻهو ٿي ويو هو. هِن وٽ ملڪيت تمام گهڻي هئي. هو پنهنجو وقت گهڻُو ڪري لغڙَ اُڏاريندي گذاريندو هو، ڇو ته اهڙي راند سان هو. هوا جي داٻَ تي تجربا ڪندو رهندو هو. هي اُهوئي زمانو هو، جڏهن رائٽ ڀائرَ ۽ ڪجهه ٻيا جاکوڙي سائنسدانَ جهازُ جوڙڻ جي تجربن ۾ مصروف هئا. گراهم بيل اُنهن سڀني سان خط ڪتابت ڪندو هو ۽ پنهنجي نتيجن کان کين باخبر رکندو هو. هو عام طور رات جو ٽين وڳي تائين ڪم ڪندو هو، پوءِ ڪجهه دير لاءِ گهمڻ لاءِ نڪري پوندو هو، تنهن کان پوءِ اچي سمهندو هو.
بيل جي محنتن رنگُ لاتو. هو حد کان وڌيڪ محنتي ۽ مستقل مزاج انسانُ هو، کيس ماضيءَ سان ڪا دلچسپي نه هئي، هو مستقبل جو شيدائي هو. جڏهن جسماني طاقت جواب ڏئي ڇڏيس ته هو سمهي يا ليٽي ڪم جون ڳالهيون لکندو رهندو هو، ايستائين جو حياتيءَ وارو آخري سج اچي پهتو. اُنهيءَ ڏينهن هن ڪُجهه لکڻ پئي گهريو، پر سندس گهرواريءَ کيس مِنٿ ڪندي چيو: ”تڪڙ نه ڪر.“
”نه- مان اِهو ڪرڻ تي مجبور آهيان.“
بيل جهيڻائيءَ مان جوابُ ڏيندي وڌيڪ چيو:
”تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي، گهڻو اڃا باقي آهي.“