ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431853 ڀيرا پڙهيو ويو |
نيوزي لينڊ جو هڪ سائنسدان، جنهن ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ آخري پَل به اُتي گذاريا. هِن جوهري تحقيق جو رستو کوليو. ائٽم جي اندروني بناوت ٻُڌائي، ڪيميادانن لاءِ هڪ پُراڻي سپني جي ساڀيان پَسائي. هِن هڪ عنصر کي هٿرادو طور ٻين عنصرن ۾ تبديل ڪرڻ جو ڳُجهه به ڳولي لَڌو.
1895ع جي سَرءُ واري سَمي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڊگهو/قدآور، بُت ۾ ڀَريل، جانٺو جوانُ نيوزي ليند مان انگنڊ آيو ۽ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي مشهور تجربيگاههَ ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ شوق ڏيکاريائين. هو ڪنهن هاريءَ جو پُٽ پئي معلوم ٿيو.
اُن ڳڀروءَ جو نالو ارنيسٽ ردرفورڊ هو. هُو اڳتي هلي ’ائٽم جو نيوٽن‘ لقب ماڻي مشهور ٿيو. هُن کي سچ پچ ته ائٽمي دور جو ابو ڪوٺي سگهجي ٿو. کيس ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ سَر جَي-جَي-ٿامسن جهڙو قابل استادُ مليو ۽ ان جي هدايتن تي تجربا ڪري هن اليڪٽران ڳولي ورتو.
هتي ائٽم جي اندروني بناوت بابت ڪجهه بنيادي ڳالهيون لکڻ ضروري آهن. مادي يا ڪنهن به شيءِ جي ننڍي ۾ ننڍي جزي کي ائٽم يا اَڻو چئبو آهي. اهو اسان کي نظر نه ٿو اچي، پر قدرت ان ۾ هڪ عجيب غريب ڳُجهو نظامُ رکيو آهي. هر ائٽم کي هڪ مرڪزي نَهرو حصو ٿيندو آهي، جنهن کي ’نيوڪلس‘ يا مرڪز چئجي ٿو ۽ اُن جي چئني پاسي گولائيءَ ۾ انتهائي مختصر ذرڙا سدائين ڦرندا رهندا آهن. انهن ذرڙن کي ’اليڪٽران‘ چئبو آهي. اُنهن مٿان هَلڪو ڪاٽو برقي بارُ موجود هوندو آهي. اُنهيءَ ڪاٽو بارَ جي مقابلي ۾ واڌو برقي بار به هوندو آهي ۽ اُهو جن ذرڙن مٿان هوندو آهي، تَن کي ’پروٽان‘ سَڏجي ٿو ۽ اهي ائٽم جي مرڪز ۾ موجود هوندا آهن. اهڙيءَ طرح ڪاٽو ۽ واڌو بارُ هڪ جيترو ٿي پوندو. جن ذرڙن تي ڪنهن به قسم جو ڪو بارُ موجود نه هوندو آهي. اُنهن کي ’نيوٽران‘ ڪوٺجي ٿو. هي سڀئي ذرڙا آهستي آهستي ڳولي ظاهر ڪيا ويا.
قدرت ڪجهه ڌاتن ۾ اِها خوبي رکي آهي ته اُنهن مان پاڻ هُرتو تيز ۽ خطرناڪ شعاعَ نڪرندا رهندا آهن. اَهڙن ڌاتن کي ’تابڪار‘ چئجي ٿو ۽ اُن عمل کي ’تابڪاري‘ سڏجي ٿو. ريڊيم هڪ اهڙو ئي ڌاتو آهي، جنهن جي شعاعن سان ڪينسر جهڙي موذي مرض جي علاج ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. ٻيو مثال يورينيم جو آهي، جنهن کي ائٽم بم جي جوڙجڪ ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ردرفورڊ تابڪار ڌاتن تي تحقيق ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪجهه اصول به جوڙيا. 1911ع ۾ هِن ائٽم جي اندروني جوڙجڪ بيان ڪندي ٻُڌايو ته:
”ان ۾ هڪ مرڪز هوندو آهي ۽ ان جي چئني پاسي ڪجهه اليڪٽران سدائين ڦِرندا رهندا آهن“.
1919ع ۾ هن جهونن ڪيمياگرن جي هڪ سپني جي سچي ساڀيان ماڻيندي هٿرادو طور هڪ ڌاتوءَ کي ٻئي ڌاتوءَ ۾ مَٽائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو.
ارنيسٽ ردرفورڊ 30 آگسٽ 1871ع ۾ نيوزي لينڊ جي ڏاکڻي ٻيٽ ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي پيءُ ماءُ جي ٻارنهن ٻارن مان چوٿين نمبر تي هو. هي خاندان اسڪاٽ لينڊ مان اچي هِت آباد ٿيو هو. ارنيسٽ ردرفورڊ جو پيءُ اُنَ جو ڪاروبار ڪندو هو، جنهن کي پنهنجو هڪ ڪارخانو به هو. سندس ماءُ هڪ اسڪولَ ۾ پڙهائيندي هئي. ارنيسٽ شروع کان ئي پنهنجي اِسڪولَ ۾ هوشيار شاگردُ هو. سندس عمر اڃا ڪا گهڻي سمجهه واري به نه هئي ته هُو پنهنجي هَٿَ سان ڪئميرا، گهڙيالُ، پاڻي ڇِڪڻ واريون چرخيون ۽ ٻيون شيون ٺاهيندو هو.
ردرفورڊ جي اهڙي ذهانت ڏِسندي سندس ماءُ ۽ پيءَ ساڻس ڪيتريون ئي آسون اُميدون جوڙي ورتيون ۽ سندن هن باصلاحيت پٽ انهن سمورين سوچن کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. هِن کي پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي نوبل انعامُ مليو، جيڪو عِلمي دنيا جو هڪ وڏو اعزاز آهي.
هو ڪيونڊش ليبارٽريءَ ۾ سَر جَي-جَي-ٿامسن کان پوءِ فزڪس جو پروفيسر مقرر ٿيو، جيڪو پڻ هڪ وڏو عُهدو هو. جيمز ڪلارڪ-ميڪسوئيل به اُن عهدي تي فائز رهي چُڪو هو. ردرفورڊ کي پنهنجي امڙ جي حياتيءَ ۾ ئي ’نائٽ‘ جو خطاب مليو ۽ هو ’لارڊ ردرفورڊ آف نيلسن‘ سڏجڻ لڳو. اِهو آهي محنتن جو ڦَلُ.
ردرفورڊ پنهنجي زندگيءَ جو پهريون ڪارنامو 1898ع ۾ انجام ڏنو. هِي اُهو زمانو هو، جڏهن ٻه سالَ اڳ هڪ فرانسيسي سائنسدان هنري بيڪرل اِها ڳالهه معلوم ڪري چُڪو هو ته يورينيم ڌاتوءَ مان عجيب غريب شعاعَ نڪرندا رهندا آهن. اُن وقت تائين اُنهن شعاعن بابت اِن کان وڌيڪ ڪجهه معلوم نه هو ته اهي ڪاغذ ۾ ويڙهيل فوٽوگرافيءَ وارين پليٽن کي ڪارو ڪري ڇڏين ٿا. ردرفورڊ اهو ثابت ڪيو ته يورينيم مان ٻن قسمن جا شعاعَ نڪرندا آهن ۽ انهن جي سگهه ڏاڍي گهڻي آهي.
اڃا ردرفورڊ جي عمر 27 سالَ مس هئي ته هِن کي مونيٽريال ۾ ميڪ گل يونيورسٽي ۾ فزڪس جي پروفيسر واري حيثيت مِلي وئي. اُتي هُن اهو معلوم ڪيو ته ريڊيم مان هڪ قسم جي گئس به نڪرندي آهي، جنهن کي هاڻي ’ريڊون‘ چوندا آهن.
ردرفورڊ تابڪاريءَ تي وڌيڪ تجربا ڪيا. هُن جو هڪ ڪارنامو اِهو به آهي ته هُن ثابت ڪيو ته هر تابڪار مادو وقت گذرڻ سان ختم ٿيندو رهندو آهي. مثال طور اوهان ريڊيم جو ڀلي ڪيترو به مقدار کڻو ۽ ان جي تابڪاري 1760ع واري سال ۾ اڌ وڃي بچندي. اِها ڳالهه ظاهري طور تي ته عام ٿي معلوم ٿئي، پر ردرفورڊ ان وسيلي ڌرتيءَ جي عمر معلوم ڪئي. ڌرتي جي پهاڙين ۾ تابڪار مادو لڪل آهي، جنهن وسيلي ڌرتيءَ جي عمر معلوم ڪري سگهجي ٿي. اُن وقت تائين اِهو سمجهيو ويندو هو ته زمين کي وجودَ ۾ آئي ڏهه ڪروڙ سالن کان وڌيڪ وقت نه گذريو آهي، پر ردرفورڊ کي تابڪاري مادي جا اهڙا نمونا به مليا، جن جي عمر ستر ڪروڙ سالن کان گهٽ نه هئي.
هڪ ڳالهه ٻي به هئي. مشهور طبعياتي ماهر لارڊ ڪيلون اِهو نظريو پيش ڪيو هو ته زمين کي سج کان ايتري گرمي نه ٿي ملي، جيتري اُن مان خارج ٿيندي رهي ٿي. نتيجو اِهو نڪرندو ته اسان جي ڌرتي ڪجهه لک سالن کان پوءِ ٺوٺ بڻجي ويندي ۽ اُتي ڪوبه جاندار زندهه رهي نه سگهندو. ردرفورڊ کي اها ڄاڻ هئي ته تابڪار عنصرن مان تمام گهڻي گرمي نڪرندي رهندي آهي. هِن ڪيلون جي انهيءَ نظرئي جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته گرميءَ جي گهٽتائي تابڪاريءَ سان پوري ٿيندي رهي ٿي. اڃا ڌرتيءَ کي اربين سالن تائين ڪو خطرو ڪونهي. لنڊن جي اخبارن انهيءَ خبر کي اِها سُرخي ڏني ته ’قيامت ملتوي ٿي وئي‘.
1907ع ۾ ردرفورڊ، ميڪ گل يونيورسٽيءَ مان انگلنڊ جي مانچسٽر يونيورسٽيءَ هليو ويو ۽ ڪجهه مهينن ۾ ان کي ائٽمي تحقيق جو اهم مرڪز بڻائي ڇڏيو. اُن وقت هُن چاهيو پئي ته ڪنهن به صورت ۾ تابڪاريءَ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪو عملي طريقو معلوم ڪيو وڃي.
هانس گيگر نالي هڪ جرمن نوجوان ردرفورڊ جو مددگار هو، جنهن پنهنجي اُستادَ جي هدايتن هيٺ هڪ اهڙو ڪارائتو اوزار ايجاد ڪيو، جيڪو ’گيگرپيما‘ يا گيگر-ڪائونٽر‘ جي نالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ان کي تابڪاري عنصر جو ڳُجهه ڳولڻ ۾ سولائيءَ سان استعمالُ ڪيو ويندو آهي.
ردرفورڊ پنهنجا تجربا جاري رکيا ۽ سال 1911ع ۾ هِن ائٽم جي اندروني بناوت معلوم ڪئي. هِن وٽ اِهو چوڻ لاءِ ڪيترائي ثبوت هئا ته هر ائٽم ۾ هڪ سخت مرڪزي حصو ٿيندو آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيتري ئي جاءِ هوندي آهي. اهو نظريو اڄ به صحيح سمجهيو وڃي ٿو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ ردرفورڊ جي تجربيگاهه بند رهي. ردرفورڊ جا ڪيترائي شاگردَ زميني ۽ سامونڊي فوج ۾ وڃي ڀَرتي ٿيا. هو پاڻ به اهڙن اوزارن جوڙڻ ۾ جُنبي ويو، جيڪي جنگ ۾ ڪَتب اچي سگهن. صلح سانت ٿيندي ئي ردرفورڊ پنهنجي تجربيگاههَ ۾ واپس وريو، جتي هڪ ٻي اهم ڪاميابي سندس انتظار ڪري رهي هئي.
هائيڊروجن ۽ نائيٽروجن گئس تي ڪم ڪندي هِن، هڪ عنصر کي هٿرادو طور ٻين عنصرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ترڪيب ڳولي لَڌي. ڪيميادانَ تمام آڳاٽي وقت ۽ جهوني جُڳَ کان سون ٺاهڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل رهندا هئا، پر ڪنهن کي به ڪا ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي هئي. ردرفورڊ اهو اوزار معلوم ڪري ورتو ۽ طبعياتي علم ۾ هڪ اهڙي بابَ جو اضافو ڪيو، جنهن کي سمجهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ اڃا اِنساني عقل کي ڳچ عرصو لڳندو.
اُن کان پوءِ سائنسدانن ڪيترائي نوان عنصر ڳولي لڌا يا پاڻ تيار ڪيا. ائٽمي تحقيق، جوهري توانائي، ائٽم بم سڀ اِنهيءَ ڳولا جو نتيجو آهن. ردرفورڊ رڳو هڪ سائنسي کوجنائي نه هو، پر هن کي ٻين ڪيترن ئي ڪمن جو شوق پڻ هوندو هو. هو هڪ بهترين مقرر هو، ماڻهو سندس ليڪچر ٻُڌڻ جا بيحد منتظر ۽ مشتاق هوندا هئا. ٻُڍا، ٻار، نوجوان سڀئي سندس ڳالهيون ڏاڍي ڌيانَ ۽ ڌيرج سان ٻُڌندا هئا.
ردرفورڊ 1919ع ۾ ڪيمبرج ۾ فزڪس جو پروفيسر مقرر ٿيو ۽ آخري دم تائين اُتي رهيو. 19 آڪٽوبر 1937ع تي وفات ڪيائين. سندس موت پُڄاڻان ائٽمي تحقيق ۾ اڃا واڌارو آيو، پر اهڙي تحقيقي راههَ جو سُونهون ۽ سَرواڻ ردرفورڊ کي ئي سمجهيو وڃي ٿو.