ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     425292   ڀيرا پڙهيو ويو

رابرٽ.اَي.مِليڪان (Robert. A. Milikan) (1868ع – 1953ع)


مِليڪان هڪ آمريڪي سائنسدان هو، جنهن يورپ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن کي فزڪس جا تجربا ڪرڻ جو بيحد شوق هو. هِن ئي اِليڪٽران جو ڪاٽو بارُ معلوم ڪيو.

آئن اِسٽائن جي نظرئي کي تجربي جي ڪسوٽيءَ تي مِليڪان ئي پَرکيو ۽ نوبل انعام حاصل ڪيو. هو آخري دَم تائين ڪم ڪندو رهيو. فزڪس جي تاريخ ۾ هن جو نالو سدائين سلامت رهندو.

رابرٽ.اي.مِليڪان جو شُمار آمريڪا جي چوٽيءَ جي سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن سڄي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. هڪ عظيم سائنسدان هئڻ کان سواءِ هو فزڪس جو بهترين اُستاد به هو. هُن ڪيترائي ڪتابَ لکيا، جن کي پڙهي ڪيترن ئي آمريڪا واسين اُن عِلم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي. مِليڪان پهرئين مهاڀاري جنگ (19–1914)۾ پنهنجي ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي. آبدوز ٻيڙين، فوجي ريڊيو ۽ ڪجهه ٻين ايجادن آمريڪا جو پلڙو ڳرو رکڻ ۾ مدد ڏني ۽ اِهو سڀ ڪجهه مِليڪان جي محنتن جو ئي نتيجو هو.

مِليڪان جي وڌيڪ مشهوري سندس تجربن ڪري ٿي. هُن ڪائناتي شعاعن تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي ۽ معلوم ڪيو ته اها ننڍڙن اليڪٽراني جُزن تي جُڙيل هوندي آهي، جيڪي ٻاهرين خَلا مان اسان جي ڌرتيءَ تي تمام گهڻي تيزيءَ سان ڪِرندا رهندا آهن. مِليڪان آئن اسٽائن جي سموري تحقيق جو عملي ثبوت حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر سندس نالو سائنسي دنيا ۾ رڳو اِن ڪري زندهه رهيو ته هُن اليڪٽران جو بار معلوم ڪيو.

اليڪٽران اهڙو ننڍڙو ذرڙو آهي، جيڪو هر ائٽم ۾ موجود هوندو آهي. هي ذرا مختلف انگ ۾ ائٽم جي وچ ۾ چوڌاري ڦرندا رهندا آهن ۽ اُن جي حفاظت ڪندا آهن. اليڪٽران تي ٿوري مقدار ۾ ڪاٽو برقي بارُ هوندو آهي. مِليڪان کان اڳ وارا سائنسدان اِنهيءَ ڪاٽو بارَ بابت باخبر ته هئا، پر اهو تجرباتي طور ڄاڻڻ جي ڪوشش مِليڪان ئي ڪئي.

مِليڪان 22 مارچ 1868ع تي آمريڪي رياست الانواءِ جي هڪ شهر موريسن ۾ پيدا ٿيو هو، جتي سندس والد وزير هو. جتان پوءِ اهو خاندان رياست الؤا لڏي آيو. مليڪان جو ننڍپڻ سادو ۽ عام رواجي هو، هُن جو سائنس مضمون ڏانهن ڪو خاص لاڙو نه هو. هُن اسڪول ۾ سائنس پڙهڻ ته شروع ڪئي، پر جڏهن ڪاليج پهتو ته کيس طبيعات جي علم سان وڌيڪ چاههُ پيدا ٿيو، ڇو ته فزڪس پڙهڻ سان گڏوگڏ ساڳيو مضمون ڪڏهن ڪڏهن پڙهائڻو به پوندو هئس.

فزڪس پڙهائڻ لاءِ کيس تمام گهڻي محنت ۽ تياري ڪرڻي پوندي هئي. آهستي آهستي هن جو اِهو لڳاءُ شوق ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هِن پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. اهو اوڻويهين صديءَ جي آخر جو زمانو هو. اڃا آمريڪي يونيورسٽين ۾ ڪنهن به مضمون ۾ تحقيق ڪرڻ جو وڏي پئماني تي ڪو خاص انتظام ڪونه هوندو هو. ان لاءِ مِليڪان ڪجهه ڏوڪڙ قرض وٺي، 1895ع ۾ يورپ هليو ويو، جتي فزڪس جي تعليم بهتر درجي جي ملي سگهندي هئي.

اُن سال ئي رونجن ايڪسريز دريافت ڪيا هئا. ان کان پوءِ ٻئي سال تابڪاريءَ جي دريافت به عَمل ۾ آئي. مطلب ته سائنسدانَ اهڙن ڌاتن کان واقف ٿيا، جن مان هر وقت تيز شعاعَ نِڪرندا رهندا آهن. سال 1897ع ۾ انگلنڊ جي مشهور سائنسدان سر جَي-جَي-ٿامس اليڪٽران ڳولي لڌا. اهڙيءَ طرح هر پاسي طبيعاتي علم جو هُل هنگامو ٿيو ۽ ماڻهو ان  ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيا هئا.

نوجوان  مِليڪان کي انهن وڏن وڏن سائنسدانن جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ٿيو، جن هِن ۾ محنت ۽ ڳولا جي عادت پيد اڪئي. انهن عظيم انسانن جي صحبت جو اثر اِهو ٿيو ته اڳتي هلي هي پاڻ به دنيا جي وڏن سائنسدانن ۾ ڳڻجڻ لڳو. تجرباتي فزڪس ۾ هِن جو چاههُ ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو، ايستائين جو هُن هڪ ڏينهن نهايت سهڻي نموني اليڪٽران جو برقي بارُ معلوم ڪري ورتو ۽ اها سندس وڏي ڪاميابي هئي.

اڄڪلهه ائٽم جو نالو هر ماڻهوءَ کي معلوم آهي ۽ سڀئي جوهري توانائيءَ بابت سٺي ڄاڻ رکن ٿا، پر اڄ کان پنجاهه سالَ اڳُ اِها ڳالهه ڪانه هئي. رڳو سائسندانَ ائٽم بابت هڪ ڌنڌلو نظريو رکندا هئا ۽ ُهي اِهو نه ڄاڻندا هئا ته اُن کي ٽوڙي به سگهجي ٿو يا اُن جو ڪو ننڍڙو ذرو به ٿي سگهي ٿو. سر ٿامسن جڏهن اليڪٽران ڳولي لڌا ته سائنسي دنيا حرڪت ۾ اچي وئي، پر اهو انقلاب ان وقت تائين مڪمل نه پئي ٿي سگهيو، جيستائين اليڪٽران جو برقي بارُ ۽ اُن سان لاڳاپيل ٻيون ڳالهيون معلوم نه ڪيون وڃن ها. اِها مشهوري مليڪان جي حصي ۾ ئي آئي، جنهن اليڪٽران تي وڌيڪ تحقيق ڪئي.

مِليڪان کان اڳ ڪن انگلستاني سائنسدانن به اليڪٽران جو برقي بارُ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اهي ڪامياب ٿِي نه سگهيا.

مِليڪان 1908ع ۾ شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾ اِنهن تجربن کي شروع ڪيو ۽ اليڪٽران جو برقي بار درست نموني معلوم ڪري ورتو. هِن دنيا کي ٻُڌايو ته اهو ايترو ته ٿورو آهي، جو هڪ ڪولمب چارج حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي 63 اليڪٽرانن کان پوءِ 17 ٻُڙيون لڳائڻيون پونديون.

انهيءَ وقت ۾ آئن اسٽائن پنهنجو اهو جڳ مشهور نظريو پيش ڪيو ته جڏهن ڪن ڌاتن تي تيز روشني وِڌي وڃي ته ان مان اليڪٽران خارج ٿيڻ لڳندا آهن. مِليڪان ان نظرئي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ تجربا شروع ڪيا. آخرڪار 1923ع ۾ اهڙي تحقيق تي ئي کيس نوبل انعام مليو. جنهن نظرئي جو بنياد آئن اسٽائن وڌو هو. اُن جو عَملي ثبوت مِليڪان مهيا ڪيو.

مِليڪان پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ پنهنجي ملڪ جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ ڪجهه وقت واشنگٽن ۾ گذاريو. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ هِن شڪاگو يونيورسٽي ڇڏي ڏني ۽ ڏکڻ ڪيليفورنيا هليو ويو ۽ اُتي هِن مشهور عالمي اداري ڪيليفورنيا اِنسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جوڙڻ ۾ عملي هَٿُ ونڊايو. انهن ڏينهن ۾ مليڪان کي ڪاسمڪ ريز (Comic Rays) يا ڪائناتي شعاعن سان لڳاءُ پيدا ٿيو ۽ باقي پنجويهن سالن جو ڊگهو عرصو انهيءَ تحقيق ۾ گذاريائين. هاڻي مِليڪان جي شُهرت سڄي دنيا ۾ ڦهلجي چڪي هئي. هِن کي سائنسي ڪمن سان بي پناهه چاههُ هو. هو پنهنجي تحقيق تي ڏاڍي محنت ڪندو هو.

ڪاسمڪ ريز يا ڪائناتي شعاعَ اسان کي نظر نه ٿا اچن، پر اُهي ٻاهرين خلا ۾ هر وقت اسان جي ڌرتيءَ مٿان حملو ڪندا رهن ٿا. جابلو چوٽين تي اهي گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، جو سائنسدان کي انهيءَ موضوع تي تحقيق ڪندي ڌرتيءَ جي ڏورانهن حصن تائين به وڃڻو پوي ٿو. مليڪان به اِئين ئي ڪيو. دنيا جو ڪوبه ريگستان يا جبل اهڙو نه هو، جتي هو بهتر نه هو نتيجن لاءِ نه رَسيو هجي!

اڄ جيڪا اسان کي ڪائناتي شعاعن بابت ڄاڻ حاصل آهي، انهيءَ ۾ مِليڪان جي محنتن جو وڏو عمل دَخل آهي، ايستائين جو انهن شعاعن کي اهو نالو به مِليڪان ئي ڏنو. 1950ع تائين ٻياسي سالن جي عمر ۾ به هِي جهونو سائنسدان اِنهن پُراسرار شعاعن تي تحقيق ڪندو رهيو. ان کان ٽي سال پوءِ هو 1953ع ۾ گذاري ويو.

مليڪان جي حياتيءَ مان اِها ئي نصيحت ملي ٿي ته ڪوبه ماڻهو دنيا ۾ جيستائين حد کان وڌيڪ محنت ڪرڻ جو عادي نه ٿو ٿئي، اهو پنهنجو نالو نمايان ڪري نه ٿو سگهي. سائنس ۾ نظرين ۽ تجربن لاءِ جاکوڙ کان سواءِ هڪ ٻي شيءِ جي به اشد ضرورت ٿئي ٿي، اُها آهي همت. سائنسدان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيترائي ڀيرا ناڪام ٿيندا آهن، پر اهي همت کان مُنهن موڙيندا ناهن. هڪ تجربو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ اٽل ارادي سان هر هر ساڳيو عمل ورجائيندي نيٺ ڪاميابي ماڻيندا آهن.

دنيا ۾ ڪوبه سائنسي نظريو ان وقت تائين مڃيو نه ٿو سگهجي، جيسين تجرباتي پرکَ تي اهو پورو نه لهي. سمورن مشهور سائنسدانن جنهن شرط کي لازمي طرح پورو ڪيو آهي، ان جو نچوڙ محنت، همت ۽ اٽل ارادو آهي.