ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد III) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-043-2 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 17 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 431847 ڀيرا پڙهيو ويو |
هوائي جهاز کي ڪاميابيءَ سان اڏارڻ ۾ ٻن ڀائرن جون گڏيل ڪوششون شامل آهن. هي ٻئي سائنسدان آمريڪا جا رهاڪو هئا ۽ سندن زندگي جاکوڙ سان جيئڻ جو مثالي نمونو هئي. هنن لاڳيتو محنت کان پو هڪ جهوني خيالَ کي عملي روپ ڏنو ۽ هوا بازي ويهين صديءَ جو وڏو ڪارنامو بڻجي سامهون آئي.
ولبر رائيٽ 1867ع ۾ هِل وِل (انڊائنا) ۾ ۽ اَوروِل رائٽ چئن سالن کان پوءِ 1871ع ۾، اوهيو رياست جي هڪ هنڌ ڊيٽن ۾ پيدا ٿيا. ٻنهي ڀائرن کي شروع کان وٺي مشينن سان دلچسپي هئي. هنن سائنسي ڪتابَ پڙهڻ شروع ڪيا. هنن جي طبيعت ۾ همت، اٽل ارادو ۽ دورانديشي منڍ کان ئي موجودُ هئي. سندن پيءُ هڪ پادري هو، پر هُن پٽن کي زبردستيءَ پنهنجو پيشو اختيار ڪرڻ تي ڪڏهن به مجبور نه ڪيو.
هوابازيءَ جو تَصور هزارين سالَ اڳ ئي دنيا ۾ موجود هو. گهڻن سائنسدانن هوائي جهاز جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪنهن کي ايتري ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي، جيتري هنن ٻنهي ڀائرن جي نصيبَ ۾ آئي. هوُ ٻئي هڪ اسڪولَ ۾ ڪجهه سالَ ئي پڙهي سگهيا. کين سائيڪلن جي مرمت سان چاههُ پيدا ٿيو، جيڪي اُن وقت تائين آمريڪا ۾ عام ٿي چڪيون هيون.
تعليمَ نه هوندي به ٻنهي ۾ ڪتابن پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ سندن حافظو به تيز هو. هُو مشينن جي پُرزن کي غور سان جاچڇيندا رهندا هئا. هنن گهر ۾ ئي ڪيترن ڪتابن جو مطالعو ڪيو ۽ اهڙي طرح آهستي آهستي سندن خيالن ۾ اضافو ايندو ويو. سندن صحت شروع کان سٺي ۽ سندن طبيعتن ۾ ڪم سان لڳاءُ ۽ اتساههُ موجود هو.
هڪ ڏينهن سندن پيءُ کين هڪ رانديڪو آڻي ڏنو، جنهن جو نالو ’هيلي ڪاپٽر‘ هو. ان ۾ ٻَه پکا لڳل هئا، جڏهن انهيءَ ۾ چاٻي ڀَري ويندي هئي ته اُهي پَکا هلڻ لڳندا هئا ۽ رانديڪو هوا ۾ اُڏامندو هو. ٻنهي ڀائرن ان رانديڪي کي کولي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ٽُڪرا ڪري وري ٻيهر ڳنڍيو، وري ٽوڙيو ۽ وري جوڙيو ته جيئن کين خبر پوي ته هي اڏامي ڪيئن ٿو! آخرڪار هو سمجهي ويا ته هِن رانديڪي ۾ پَکا هوا کي اهڙيءَ طرح پوئتي اڇلين ٿا جهڙي طرح ٻيڙيءَ جو وَنجُهه پاڻيءَ کي پوئتي اڇلي ٿو ۽ ٻيڙي اڳتي وڌي ٿي.
ڳالهه ته عام رواجي هئي، پر اُن رانديڪي سندن جيون سنواري ڇڏيو. هُنن اِنهيءَ مان هڪ سبق پرايو ۽ سدائين لاءِ سوچن ۾ سمائي ڇڏيو. کين هوائي اُڏام سان دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي. پهريائين هُنن هڪ لغڙ جو غور سان مشاهدو ماڻيو ته اهو هوا ۾ ڪيئن ٿو اُڏامي ۽ پوءِ جِهرڪين ڏانهن توجهه ڏنو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌرتيءَ تي ليٽي جهرڪين کي غور سان ڏسندا رهندا هئا ته اهي ڪهڙيءَ طرح اُڏامن ٿيون، ڪهڙيءَ طرح هوا ۾ پنهنجو وزن سنڀالين ٿيون، ڪهڙي طرح طرف مٽائن ٿيون ۽ پوءِ ڪيئن هيٺ لهي اچن ٿيون. اهڙن قسمن جي مشاهدن سندن ڏاڍي رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
اڃا هنن جي عمر ويههَ سالَ به نه ٿي هئي ته ننڍيون وڏيون ڪيئي ڪارائتيون مشينون جوڙيون هئائون. جهڙوڪ: گاههَ جون ڀَريون ٺاهڻ واري مشين، اخبارون تَههَ ڪرڻ واري مشين ۽ قِسمين قِسمين جا لغڙ. ان طريقي سان کين ڪجهه آمدني به ٿي پوندي هئي. هاڻي هنن اهڙن ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو، جيڪي هوابازيءَ سان واسطو رکندا هئا ۽ اهو ڄاڻڻ چاهيو ته انسان انهيءَ ميدانَ ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي.
شروع ۾ ٻنهي نوجوانن کي ڪيئي رَنڊڪون به پيش آيون. سڀ کان وڏي رڪاوٽ ته اِها هئي، جو وٽن اهڙن تجربن ڪرڻ لاءِ ڪا جوڳي رقم موجود ڪانه هئي. هو ڏئي وٺي هڪ ئي دڪان جا مالڪ هئا، جنهن ۾ سائيڪلن جي مرمت جو ڪم ڪندا هئا. انهيءَ ڪِرت مان معمولي آمدني ٿيندي هئن، پوءِ به بچت سان گذران ڪندي، دڪان جي پويان ميدان ۾ هوابازيءَ جا تجربا شروع ڪري ڇڏيائون. ماڻهو مٿن کِلندا هئا، پر هو پنهنجي ڪَم ۾ لڳا رهيا.
هنن پنهنجي تجربن جي شروعات اهڙن جهازن سان ڪئي، جيڪي سواءِ ڪنهن موٽر جي هوا ۾ حرڪت ڪندا هئا، جن کي گلائڊر چيو وڃي ٿو. هنن جهازن جي اوچائيءَ جو مطالعو ڪيو، چاڙهين ۽ لاهين وارن حصن جو فرق معلوم ڪيو. هوا جي دٻاءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته جيسين جهاز جو وزن ۽ هوا جي داٻَ ۾ هڪ قسم جو توازن قائم نه ٿو ٿئي، تيستائين اهو اڏامي نه سگهندو. آخرڪار هو هڪ سائنسي گِلائڊر تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن تي پندرهن ڊالر خرچ آيو. ان ۾ ڪاٺيءَ جون ڪَمانيون ۽ وڏو ڪپڙو استعمال ڪيو ويو هو.
انهيءَ گِلائڊر کي اڏائڻ لاءِ هنن اهڙي جاءِ ڳولي، جتي ٽَڪريون به هيون ۽ واري به جيئن اُڏامڻ ۽ ڪرڻ ٻنهي حالتن ۾ سهولت رهي. هنن موسميات کاتي وارن جي مدد سان اتر ڪيرولينا ۾ ڪِٽي هاڪ واري هنڌ کي چونڊيو، جيڪو اهڙي تجربي لاءِ مناسب هو.
25 سيپٽمبر 1900ع تي ٻئي ڀائر پنهنجو جهاز کڻي ڪِٽي هاڪ پهتا. پهرين ته هنن اهو خالي اڏايو ۽ اها پرواز ڪامياب رهي، سندن ذهن ۾ جيڪي ڪجهه هو، سو صحيح ثابت ٿيو. ان کان پوءِ وِلبر انهيءَ ۾ سوارُ ٿيو، سوارُ ڇا ٿيو... اُن تي اونڌو سمهي پيو ۽ ڪجهه تارون پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتائين، جن جي مدد سان جهاز تي ضابطو رکي پئي سگهيو. ٿوريءَ ئي دير اندر هو هوا ۾ اڏامي رهيو هو.
انساني تاريخ ۾ پنهنجي قسم جو هيءُ پهريون ۽ انوکو تجربو هو. ولبر رائٽ منڍ ۾ ڪافي گهٻرايو پئي، ڇو ته ساهه سڀني کي پيارو ٿيندو آهي ۽ رڙيون واڪا ڪندي چوڻ لڳو: ”مون کي لاهيو... مون کي هيٺ لاهيو...“ ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن ولبر هوابازيءَ جي فن ۾ ماهر ٿي ويو ته هو گهڻو ڪري پنهنجي انهيءَ شروعاتي ڊڄڻ وار ي واقعي تي ڏاڍو کِلندو هو. جڏهن ته اها اڏامَ رڳو اٺن فٽن جي اوچائيءَ تائين ڪئي وئي هئي.
ٻنهي ڀائرن اِهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هوابازي رڳو خواب ڪانهي، ان کي عملي صورت به ڏئي سگهجي ٿي. ان کان پوءِ هنن چاهيو ٿي ته پنهنجي جهاز ۾ هڪ موٽر لڳائين، جيڪو پکن کي حرڪت ۾ آڻي ۽ جهاز تيزيءَ سان اڏامي سگهي. اهڙو مقصد ماڻڻ لاءِ هو لاڳيتو ٽي سالَ تجربا ڪندا رهيا. هڪ ڀيري ته ولبر ايترو مايوس ٿيو، جو هُن اهو سمورو سلسلو ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو ۽ چوڻ لڳو:
”انسان هڪ هزار سالن تائين به اُڏامڻ سکي نه ٿو سگهي.“
ننڍو ڀاءُ اَور وِل وڏي کان وڌيڪ اٽل ارادي وارو هو. کيس هروڀرو به خطري کڻڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. ٻئي ڀائر گڏجي ٽن سالن تائين مختلف قسمن جي موٽرن ۽ پَکَن سان تجربا ڪندا رهيا. هنن آڏو انيڪ مشڪلاتون آيون، پر ڪا به پرواههَ ڪرڻ کان سواءِ مختلف هوائي جهازن جا ڪيترائي نمونا تيار ڪيائون ۽ اُنهن کي آزمايو به ويو. هڪ ڏينهن سندن پيءُ بيزار ٿي پُڇيو:
”نوجوانو! توهان ڪڏهن اهڙي قسم جي تجربن جي جان ڇڏيندؤ!!“
”بابا! اُن وقت تائين نه، جيستائين اسان هڪ اهڙي مشين تيار نه ٿا ڪري وٺون، جيڪا هوا ۾ اُڏامي سگهي.“ ولبر جواب ڏنو.
”... ۽ اِها اسان جي ڪم جي شروعات هوندي.“ اَوروِل ڀاءُ سان ها ۾ ها ملائيندي چيو. هاڻي ٻنهي ڀائرن جي عمر 36 ۽ 32 سالَ ٿي چڪي هئي. هو پنهنجن ارادن ۾ اهڙيءَ طرح اٽل هئا، ڄڻ سندن جسم زمين تي هو، پر دل دماغ اُڀ تي سير ڪندو هجي. نيٺ 1903ع جي آخر تائين هنن هڪ اهڙو هوائي جهاز تيار ڪيو، جنهن ۾ هڪ موٽر به لڳل هئي ۽ ان کي ڪِٽي هاڪ کڻي ويا. هنن هيءَ جهاز سائنسي اصولن تي بڻايو هو. ان ۾ ٻَه پَکا لڳايا ويا هئا ۽ هوا جي داٻَ جو به پورو خيال رکيو ويو هو.
14 ڊسمبر 1903ع جو ڏينهن هوابازيءَ جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رهندو. ٻنهي ڀائرن ڪُڻا وِڌا ته ڪيرُ اهو جهاز اُڏاري. ولبر جو ڪُڻو نڪتو، پر اڏامَ ڪامياب نه رهي. جهاز هوا ۾ رڳو ساڍا ٽي سيڪنڊَ رهيو ۽ پوءِ هڪ پاسي ڪِري پيو. ٻه ڏينهن اُن جي مرمت ۾ لڳي ويا ۽ پوءِ اوروِل هوابازيءَ جا فرضَ پنهنجي ذمي کنيا. اهو 17 ڊسمبر جو ڏينهن هو. اُڀ تي ڪَڪَر ڇانيل هئا ۽ تيز هوا لڳي رهي هئي. ويجهي ڳوٺ ۾ پنجَ ماڻهو اِهو تماشو ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا، جيڪي مٿن چَٿرون ڪري رهيا هئا.
اَوروِل انهن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ موٽر هلائي، هوائي جهاز ۾ ويهي رهيو. هي ئي اهو پَلُ هو، جنهن جو آدم جي اولاد لکن سالن کان انتظآر ڪري رهيو هو. اڏامَ ڪامياب رهي، پر ماڻهن کي ان جو يقين نه آيو. ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هوا کان ڳري شيءِ، هوا ۾ بيهي ڪيئن ٿي سگهي، اها ته سِڌو پَٽ تي اچي پوندي.
رائٽ ڀائرن اهڙين ڳالهين ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. هو پنهنجي مشين کي بهتر بڻائڻ ۾ مصروف رهيا ۽ پنجن سالن کان پوءِ هنن جهاز ۾ ايترو ته سُڌارو آندو، جو ان ڪيترن ئي سائنسدانن، ايڊيٽرن، صحافين ۽ تماشو ڏسندڙن اڳيان ڪاميابيءَ سان اڏامَ ڪئي. ان وقت به ڪيترائي ماڻهو حيرت ۾ هئا ته اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو آهي. تُرت ئي سندن مشهوري چؤ طرف ڦهلجي وئي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کين اعزازي ڊگريون ڏنيون، بادشاهن کين درٻارن ۾ گُهرايو، عوامَ پنهنجي فن تي تقريرون ڪرڻ جون دعوتون ڏنيون، پر ٻنهي ڀائرن کي تعريف ۽ ڏيکاءَ کان سخت چِڙ هئي. هَٺ، تڪبر ۽ وڏائي سندن طبيعت ۾ هرگز نه هئا.
ولبر ۽ اوروِل رائٽ مان ڪنهن به شادي نه ڪئي هئي، هو پنهنجي ڀيڻ ۽ پيءُ ماءُ سان گڏ کلندي خوش گذاري رهيا هئا ته 30 مئي 1912ع تي ولبر مُدي جي تَپ سبب گذاري ويو. ان وقت هن جي عمر رڳو 45 سالَ هئي. ظاهر آهي ته اوروِل لاءِ هيءُ صدمو جيءُ-جهوريندڙ هو. زندگيءَ جو ساٿ جَهٽ ۾ ختم ٿي ويو! هنن جيڪي به ڪجهه حاصل ڪيو هو، اهو ٻنهي جي گڏيل ڪوششن جو ڪرشمو هو.
هاڻ اَوروِل اڪيلو ٿي پيو، سندس دِل ڀڄي پئي ۽ وڌيڪ سَتُ نه ساري سگهيو. هن پنهنجي جهاز َ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ڪم ۾ ڪو به مزو نه آيو. هيءَ راند هينئر کيس بي چَسي لڳي، رائٽ ڪمپنيءَ جي ٽن سالن تائين صدارت سنڀالڻ کان پوءِ هِن استعيفا ڏئي ڇڏي.
17 ڊسمبر 1928ع تي آمريڪا هوابازيءَ جي پنجويهين سالگرهه ’سلوِر جوبلي‘ ڪري ملهائي. رائٽ ڀائرن جي ياد ۾ ڪِٽي هاڪ هنڌ تي هڪ يادگار جوڙيو ويو. اوروِل کي خاص طور انهيءَ ميڙ ۾ گهرايو ويو. هو يادگار ويجهو اچي بيٺو. هن ماڻهن جي هجومَ ڏانهن مُرڪندي ڏِٺو، پر کيس پنجويههَ سالَ اڳ جا عڪسَ اکين آڏو اچي ويا. ڀاءُ جي ياد ۾ اکيون آليون ٿي ويس ۽ خيالن ۾ اوهيو جو قبرستان اڀري آيس، جتي سندس دوست، سندس ڀاءُ سدائين لاءِ گَهري ننڊ سُتل هو.