ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     431848   ڀيرا پڙهيو ويو

سَر اليگزينڊر فليمنگ (Sir Alexander Fleming) 1881ع – 1955ع


هي جراثيمن (خوردبينيءَ وسيلي نظر ايندڙ جيوڙن) جو ماهر ۽ پينسلين (Penicillin) دوا جوڙڻ ڪري مشهور آهي. هِن دوا کان اڳ ۾ ڪيترا ئي مريض رت ۾ زهر ڦهلجڻ ڪري مري ويندا هئا. پينسلين اهڙن انسان لاءِ نئين جياپي جو آٿت بڻجي آئي. پوءِ ان سلسلي ۾ ايرومائيسِن، ڪلورومائسٽن ۽ پولي ميڪسين جهڙيون ٻيون ڪيتريون ئي دوائون تيار ڪيون ويون.

اليگزينڊر فليمنگ جو نالو، سندس املهه کوجنا ’پينسلين‘ سبب مشهور ٿيو. هاڻي اها سڄي دنيا ۾ عام ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترين ئي بيمارين ۾ ان جو استعمال انتهائي ضروري ٿي پيو آهي. فليمنگ 1881ع ۾ اسڪاٽ لئنڊ جي ڳوٺ ڊارويل جي هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي کان ئي طبعيت ۾ ماٺيڻو ۽ خاموش هوندو هو. تعليم پرائڻ بعد لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ جراثيمن جي علم جو استاد مقرر ٿيو ۽ آخري دَم تائين اُتي ئي رهيو. پينسلين به اتفاقي طور تي ڳولي لڌائين، ان جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي.

اِها 1928ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اليگزينڊر فليمنگ لنڊن جي سينٽ ميري اسپتال ۾ جراثيمن جي ڄاڻوءَ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. هو مختلف جراثيم يا جيوڙا پيدا ڪندو هو ۽ انهن تي تحقيقي اڀياس ڪندو رهندو هو. جراثيم ناس ڪندڙ دوائون جوڙڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري به هو. هڪ ڏينهن هن ڏٺو ته هڪ پليٽ سينوارجي ڄمي وئي آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. اُنهن ڏينهن ۾ موسم گهميل هئي، جنهن ڪري جراثيمن جي پالنا وارين ڪيترين ئي پليٽن ۾ سينور ڄمي پوندو هو. فليمنگ بي فڪريءَ سان اهڙي هڪ پليٽ کي نلڪي هيٺان رکي پاڻي کولي ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ فليمنگ پليٽ تي نظر وڌي ته ڪجهه ٻيو ئي ڏٺائين. سينورَ اُهي جيوڙا صاف ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي پليٽ ۾ اڳ موجود هئا. اُنهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته سينور ۾ ئي پنهنجو سٺو جراثيم ختم ڪندڙ اثر موجود آهي.

اهڙي مشاهدي ماڻڻ کان پوءِ ڊاڪٽر فليمنگ چيو ته: ”جڏهن مون جراثيم صاف ٿيندي ڏٺا ته مون کي پڪ ٿي وئي ته اڄ مون هڪ اهڙي شيءِ ڳولي لڌي آهي، جيڪا انسان لاءِ نقصان رسائيندڙ جيوڙن جي دشمن آهي.“

فليمنگ اهو ئي سينور ٻيهر تيار ڪيو. جيئن ته ان جو واسطو ’پيني سلم‘ قسم سان هو، ان ڪري هن ان مان نڪرندڙ جراثيم ختم ڪندڙ مادي جو نالو ئي ’پينسيلن‘ رکي ڇڏيو. ڪنهن خاص قسم جو سينور تيار ڪرڻ سولو ڪم نه هو. ڊاڪٽر فليمنگ اهڙي ڪم تي ڏاڍي محنت ڪئي. هِن ٿالهيءَ ۾ بچيل ٿوري گهڻي مقدار مان وڌيڪ سينور تيار ڪيو ۽ مسلسل اٺن مهينن تائين ڏاڍي  ڌيان سان ان تي تحقيق ڪئي.

فليمنگ کي پاڻ ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن تجربن مان اهو ظاهر ٿيو ته سينور جو اهو قسم ڏاڍي عمدي جراثيم ناس ڪندڙ دوا ثابت ٿي سگهي ٿو. اها دوا خاص طرح ٻن قسمن جي جراثيمن جي دشمن هئي، جيڪي انسانن لاءِ ان وقت موتمار بڻيل هئا ۽ جن مٿان ضابطو آڻڻ سولو ڪم ڪونه هو. اُها نمونيا لاءِ تيز تڪڙو علاج ثابت ٿي. حد اها هئي ته خناق جهڙا جراثيم به ان آڏو ڪا حيثيت نه ٿي رکي. ها... جيڪڏهن ان ڪنهن جيوڙي تي ڪو اثر نه پئي ڏيکاريو ته اهي انفلوانزا جا جراثيم هئا.

سڀ کان وڌيڪ ضروري سوالُ اهو هو ته پينسلين خطري واري ته نه آهي. ڪٿي ائين ته ڪونهي ته اها جراثيم مارڻ سان گڏوگڏ مريض کي به نه ماري ڇڏي؟ فليمنگ کي اِن خاص سوالَ جو جواب ڳولڻو هو، پر ڪيئن...؟! ظاهر آهي ته هو ڪنهن انسانَ تي ته اهو تجربو نه پيو ڪري سگهيو. فليمنگ پينسلين واري پاڻياٺ جو ويهه سي- سي مقدار هڪ سيهڙ جي جسمَ ۾ داخل ڪيو. سيهڙ زندهه رهيو. فليمنگ خوش ٿيو، ڇو ته اها دوا گهٽ ۾ گهٽ سيهڙن لاءِ ته زهريلي ڪانه هئي.

هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟ انسانن تي ڪهڙيءَ طرح اهو تجربو ڪيو وڃي! ان وچ ۾ فليمنگ جي پينسلين ڏاڍي مشهوري ماڻي چڪي هئي. ماڻهن  ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ ٿي چاهي، پر فليمنگ وٽ اها وڌيڪ مقدار ۾ موجود ڪانه هئي، ڇو ته اها صرف سينور وسيلي حاصل ڪندو هو. هُن هڪ ٻئي ڊاڪٽر جي مدد سان ڪجهه وڌيڪ مقدار تيار ڪيو، جيئن تجربن جو سلسلو جاري رکي سگهجي.

ٻنهي ماهرن انهيءَ کي پنهنجو پاڻ تي به آزمايو، کين پينسلين مان ڪو به نقصان نه رسيو، تنهنڪري اها پَڪ ٿي وئي ته اها انسانن ۽ جانورن تي ڪنهن بنا خوف خطري جي استعمال ڪري سگهجي ٿي. هاڻي هنن اها ڪنهن مريض تي آزمائڻ ٿي چاهي. انهن وٽ پينسلين جو ايترو مقدار موجود هو ته ڪنهن هڪ مريض تي ڪو تجربو ڪري سگهجي ۽ دوا جو اثر معلوم ڪري سگهجي.

فليمنگ جي خواهش هئي ته ملڪ جا ٻيا ڊاڪٽر به ان کوجنا ۾ دلچسپي وٺن ۽ اهڙو سينور گهڻي ۾ گهڻي انداز ۾ تيار ڪن. انهن جراثيمن تي ڪم ڪندڙ ماهرن جي هڪ ميڙاڪي ۾ اها راءِ پيش به ڪئي پر اها ٻين ڳالهين ۾ دَٻجي رهجي وئي، جنهن اِن پاسي ڪو ڌيان نه ڌريو. ڪنهن به ماڻهوءَ اهڙي مبهم مهم تي پنهنجو وقت وڃائڻ نه پئي چاهيو، پر فليمنگ کي پنهنجي ڪاميابيءَ جي پَڪَ هئي. هن سمجهيو ٿي ته جيڪي ڪُجهه هُن ڳوليو آهي، اهو ڪجهه مرضن لاءِ نهايت مفيد ثابت ٿيندو. هن پنهنجي تجربيگاههَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ان سينور جي ڪجهه مقدارَ کي محفوظ رهڻ ڏنو. ڏهه سالَ اهڙي ريت گذري ويا، پر فليمنگ جي سڀاءَ ۾ حد کان وڌيڪ صبر شامل هو، هو وڌيڪ بهتر نتيجن ۽ سازگار حالتن لاءِ وقت جو انتظارُ ڪندو رهيو.

1938ع ۾ پوري دنيا مٿان مهاڀاري جنگ جا ڪَڪَرَ ڇانيل هئا. انگلنڊ کي انهيءَ شديد خطري جو احساس ٿي ويو. سائنسدانَ ۽ ڊاڪٽر سڀ هوشيار ٿي ويا. ڊاڪٽرن جو اهو فرض هو ته هو جراثيم ناس ڪندڙ بهتر دوائون دريافت ڪن ته جيئن زخمين کي مرڻ کان بچائي سگهجي. ڪجهه سالَ اڳ ۾ سلفا دوائن لاءِ اهو اعلان ٿي چڪو هو ته اهي هر مرضَ جي دوا آهن پر حقيقت ۾ ائين نه هو. ڊاڪٽر اڃا تائين هڪ اهڙي دوا جي ڳولا ۾ رُڌل هئا، جيڪا زخمن کي وڌيڪ پچڻ ۽ خراب ٿيڻ نه ڏئي ۽ جراثيمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.

آڪسفورڊ ۾ پروفيسر فلوري انهيءَ موضوعَ تي ڪم ڪري رهيو هو. ان کي ياد آيو ته ڏهه سالَ اڳ هڪ عام سينور بابت اهو ٻُڌايو ويو ته ان ۾ جراثيم ناس ڪرڻ جي بي انتها سَگهه موجود آهي. هو اليگزينڊر فليمنگ وٽ آيو، جنهن جي مٿي جا وارَ سفيد ٿي چُڪا هئا. هِن انهيءَ سينور متعلق معلوم ڪيو ته اهو فليمنگ کي به ياد آهي يا نه!

فليمنگ اِهو ٻُڌي مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته اهو سينور اڃا تائين سندس تجربيگاههَ ۾ موجود آهي. فلوري ٿورڙو مقدار پاڻ سان گڏ آڪسفورڊ کڻي ويو ۽ اتي هِن وڌيڪ تحقيقي تجربا ڪيا. فلمينگ به ساڻس گڏجي پيو. هن اٺ اڇا ڪوئا کڻي، انهن جي جسمَ ۾ انتهائي نقصانڪار جيوڙا داخل ڪيا. چار ڪوئا هڪ پاسي ڇڏيا ويا ۽ باقي چئن ڪوئن کي هر ٽئين ڪلاڪن پينسلين جون سُيون هنيون ويون. هڪ سُئي رات جو لڳي. ايندڙ صبح تي چار ئي ڪوئا ٺيڪ ٿي ويا، پر پهريان چار ڪوئا جن جو ڪو علاج نه ٿيو، اُهي مري ويا. هاڻي ثابت ٿي ويو ته جيڪڏهن ڪوئا ان سان صحتمند ٿي سگهن ٿا ته ماڻهو ڇو نه!

چئن ڪوئن جي علاجَ ۾ سموري پينسلين ختم ٿي وئي. سڀ کان وڌيڪ ڏکيائي اِها هئي ته اُها جَهجهي مقدار ۾ گڏ ٿي نه پئي سگهي. ماڻهوءَ لاءِ ته وڌيڪ انداز ۾ گهربل هئي، پوءِ هڪ عجيب اتفاق ٿيو. فيبروري 1938ع ۾ لنڊن جي هڪ سپاهيءَ کي ڏاڙهي ڪُوڙيندي ٽُڪو اچي ويو. ڳالهه ته ڪا وڏي نه هئي، پر جراثيمَ پنهنجو اثر ڏيکاري ويا. سندس رت ۾ زهر ڦهلجي ويو ۽ هو ٻن هفتن ۾ موت جي ويجهو وڃي پهتو. ڊاڪٽرن کيس ڪيتريون ئي سَلفا دوائون کارايون، پر ڪو فائدو نه ٿيو. فلوري ۽ فليمنگ اهڙي موقعي کي غنيمت ڄاتو ۽ جيڪا ٿوري گهڻي پينسلين سندن تجربيگاههَ ۾ موجود هئي، اها کڻي موت ملاقي مريض وٽ پهتا. هر ٽئين ڪلاڪ کان پوءِ سئيءَ وسيلي دوا سندس رت ۾ رسائيندا رهيا.

پنج ڏينهن اهڙي محنت ۾ گذري ويا، پهرين ٻن ڏينهن ۾ بخار ڪجهه گهٽ ٿيو. ٽئين ڏينهن مُنهن تي ڦهليل حد کان وڌيڪ سوڄ ختم ٿيڻ لڳي. چوٿين ڏينهن بخار گهڻي ڀاڱي هٽي ويو. پنجين ڏينهن سندس جان بچندي نظر اچڻ لڳي. انهيءَ ڏينهن ئي پينسلين جو بچيل مقدار به ختم ٿي ويو! مريض کي وڌيڪ پينسلين گهربل هئي. ان لاءِ ڊاڪٽرن پنهنجي تجربيگاهن ۾ تيزيءَ سان تياري شروع ڪري ڏني، پر ان ڪم ۾ ڪجهه دير لڳي. ان کان اڳ ۾ جو مريض جو ٻيهر علاج شروع ڪيو وڃي، جراثيمن پنهنجو ڪم ڪري ورتو ۽ هو مري ويو!

پينسلين جو ٻيو تجربو هڪ پندرهن سالن جي ڇوڪريءَ تي ڪيو ويو. اها 48 ڪلاڪن اندر مري وڃي ها، پر پينسلين سندس جان بچائي ورتي. پينسلين ختم ٿي وئي هئي، پر ايتري ضرور هئي، جو اُن ڇوڪريءَ جو علاج پورو ٿي ويو. هاڻي فلوري کي به ان دوا جي خوبين جي خاصي خبر پئجي وئي ۽ کيس پورو يقين ٿي ويو. هن چاهيو پئي ته ڪنهن به صورت ۾ ان کي وڏي مقدار ۾ حاصل ڪري وٺي ته جيئن گهڻن روڳي روحن کي راحت ملي سگهي.

ظاهر آهي ته اهو ڪم ڪنهن دوائون ٺاهيندڙ ڪارخاني جو ٿي ٿي سگهيو، پر اهڙين حالتن ۾ ڪو به واپاري پينسلين جي تياريءَ تي لکين رپيا خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار نه هو. ان لاءِ لازمي هو ته وڌيڪ تجربا ڪيا وڃن ۽ ڪجهه پيڙا ڀوڳيندڙ انسانن جو علاجُ ڪري زندگيون بچايون وڃن ته جيئن ماڻهن کي دوا جي ڪمالَ جو يقين ٿي وڃي.

فلوري پنهنجي گهرواريءَ کي به انهيءَ نيڪ ڪم ۾ شامل ڪيو، جيڪا پڻ ڊاڪٽر هئي. فلوري ۽ سندس ساٿارين جو ڪم اهو هو ته پينسلين جو وڌ کان وڌ مقدار تيار ڪري، مسز فلوري کي ڏيندا هئا ۽ هو ءَ مناسب موقعن تي استعمال ڪندي هئي. هڪ سال ۾ هڪ سؤ ستاسي (187) مريض صحتياب ٿيا، جيڪي مختلف خوفناڪ مرضن ۾ مبتلا هئا. جيڪڏهن انهن کي پينسلين نه ڏني وڃي ها ته اُهي ضرور مري وڃن ها.

هاڻي فلوريءَ کي ان ڳڻتي اچي ورايو ته پينسلين کي ڪاروباري بنيادن تي تمام گهڻي انداز ۾ تيار ڪرڻ لاءِ ڪو انتظام ڪجي. جولاءِ 1941ع ۾ هو پنهنجي ڪجهه سنگتين سان گڏ آمريڪا آيو ۽ ڊاڪٽر فليمنگ جي سينور جو ڪجهه مقدار پاڻ سان گڏ کنيو آيو. آمريڪي ڊاڪٽرن ان ڪم ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ وڌيڪ مقدار حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف تجربا شروع ڪيا. آخرڪار کين ڪاميابي حاصل ٿي. جڏهن پينسلين وڌيڪ ملڻ لڳي ته وڌيڪ مريض تندرست بڻيا، جنهنڪري آمريڪي واپارين ۽ دوا سازن ان پاسي ڌيان ڏنو.

1943ع ۾ پينسلين گهڻي انداز ۾ تيار ڪئي وئي ۽ 1948ع تائين ڪاروباري پئماني تي گهڻائيءَ سان ٺهڻ لڳي. دنيا سڄيءَ جا ڊاڪٽر ان جي اثرن کان باخبر بڻيا. طبي تحقيق ڪندڙن سوچيو ته جيڪڏهن قدرت هڪ عام سينور ۾ جادوئي اثر رکيو آهي ته ڇو نه ٻين شين کي پرکي ڏٺو وڃي، شايد انهن ۾ به ڪجهه طبي خاصيتون موجود هجن. ان ڪري وڌيڪ تيزيءَ سان تحقيق ٿيڻ لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ ايرومائسن، بيني ٽراسين، ڪلورو مائسٽن، پولي ميڪس ۽ ٻيون ڪيتريون ئي دوائون حاصل ٿيون، جيڪي مختلف مرضن ۾ جراثيم ناس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيون ويون. جڏهن ته اڄڪلهه جديد زماني ۾ جراثيم ناس ڪندڙ دوائن جو وڏو انگ طبي دنيا ۾ پنهنجي اهم جاءِ جوڙي چڪو آهي، جنهن سان ڪيترين ئي گنڀير ڳُوڙهين بيمارين کان سواءِ جسماني وڍ ٽُڪ (سرجري) کان پوءِ سولائيءَ سان علاج ڪري سگهجي ٿو. انهن دوائن لکين، ڪروڙين انسانن جون جانيون بچايون آهن ۽ بچائي رهيون آهن.

انساني اهنجن ۾ اهڙين دوائن گهٽتائي ضرور آندي آهي ۽ هاڻي اهي دوائون ڪاروباري بنيادن تي وڏن وڏن ڪارخانن ۾ تمام وڏي انگ ۾ تيار ڪيون وڃن ٿيون. سئيءَ واري صورت کان سواءِ پينسلين گورين ۽ شربت جي شڪل ۾ به موجود آهي. اکين لاءِ پينسلين جو مَلم به تيار ٿئي ٿو.

اليگزينڊر فليمنگ جي انهن خدمتن عيوض کيس 1943ع ۾ رائل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊيو ويو. 1944ع ۾ هن کي ’نائٽ‘ جو خطاب مليو ۽ 1945ع ۾ کيس ’جون اسڪاٽ ميڊل‘ سان نوازيو ويو. ساڳئي سال سر فلوري سان گڏ طبي ميدان ۾ اعليٰ خدمتن کي انسانذات جي سک سهنج لاءِ صلاحيتون ڪتب آڻڻ تي کيس ’سر‘ جو لقب به ڏنو ويو. هو 1955ع ۾ ظاهري طور اسان سڀني کان وڇڙي ويو، پر سندس دريافت ڪيل اهم دوا کيس سدائين لاءِ زندهه ۽ امر بڻائي ڇڏيو آهي.