ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     431849   ڀيرا پڙهيو ويو

ٿامس الوا ايڊيسن (Thomas Alva Edison) 1847ع – 1931ع


هِن آمريڪي سائنسدانَ جو نالو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ڇو ته اسان روزانو زندگيءَ ۾ ڪيريون ئي اهڙيون شيون استعمال ڪريون ٿا، جيڪي سندس جُڙيل آهن.

بيپناهه صلاحيتن، ذاتي همت، مستقل مزاجيءَ ۽ تجرباتي سائنس سان حد کان وڌيڪ لڳاءُ کيس پنهنجي دؤر ۾ مڃتا جي اهڙي بُلند مقام تي رَسايو جيڪو تمام گهٽ ماڻهن کي ملي سگهيو آهي.

اسان جي سڌريل سماج ۽ جديد تهذيبَ کي سنوارڻ، سجائڻ ۾ ’ايڊيسن‘ جو وڏو هٿ آهي.

چيو ويندو آهي ته بجليءَ واري بيٽري تيار ڪرڻ لاءِ ايڊيسن ڏهه هزار شين کي مِلايو، پر اُهي ڪيميائي طور درست ثابت ٿِي نه سگهيون. ان سبب کيس هڪ ويجهي دوست اِهو چئي ڏنو ته، ”ايڊيسن! ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي ته ايتريءَ محنت کان پوءِ به تون ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهئين...!!“

”ڇو، اِن ۾ شرم جي ڪهڙي ڳالهه...؟!“ ايڊيسن بُردباريءَ سان جواب ڏيندي چيو ته ”مون ڪجهه هزار اهڙيون ٻيون شيون ڳولي لَڌيون آهن، جيڪي برقي بيٽريءَ ۾ ڪم نٿيون اچن، پر آهن ڪارائتيون.“

ٿامس الوا ايڊيسن کي اِهو اعتمادُ، مستقل مزاجي ۽ حد کان وڌيڪ ڪم جي قوت کيس پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مِلي هئي. سندس پَڙ ڏاڏو هڪ انقلابي ماڻهو هو ته وري پيءُ سيموئل ايڊيسن هڪ جانٺو، قدآور، ويڪري ڇاتيءَ وارو بهادر شخص هو. هو ڪئناڊا ۾ رهندو هو، پر هُن اتان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهڙيءَ سازش جو پَتو حڪمرانن کي پئجي ويو. هو پنهنجي ڊگهين ڄَنگهن وسيلي جهرجهنگ جهاڳيندو ۽ درياههَ لتاڙيندو آمريڪي رياست اوهيو جي هڪ هنڌ ميلان پهتو، جتي هُن هڪ چَڪي هنئي. تنهن کان پوءِ پنهنجي زالَ ۽ ٻارن کي به گُهرائي ورتائين. ميلان شهر ۾ ئي 11 فيبروري 1847ع تي ٿامس الوا پيدا ٿيو، هو پنهنجي پيءُ ماءُ جو ستون نمبر اولاد هو.

ايڊيسن کي ننڍپڻ کان ئي تجربن ڪرڻ جو شوق هو ۽ هو هر شيءِ جي انت تي رَسڻ چاهيندو هو. جڏهن هو ڇهن ورهين جو هو ته هُن اَن ڀرڻ واري ڳوڻ کي باهه ڏني، صرف اِهو ڏسڻ لاءِ ته ائين ڪرڻ سان ڇا ٿو ٿئي! ڳوڻِ ته سَڙي رَکَ ٿي وئي ۽ ايڊيسن جي پنهنجي جان به ڏاڍي ڏکيائيءَ سان بچي. سندس والد سڀني ڳوٺَ وارن آڏو خوب ڪُٽيو ته جيئن اڳتي اهڙين حرڪتن کان مُڙي وڃي.

هڪ ٻئي ڀيري الوا ايڊيسن هڪ ٻي عجيب شرارت ڪئي. هو هنج جي آکيري ۾ پهتو ۽ آنن مٿان چڙهي ويٺو، فقط اهو جاچڻ لاءِ ته جهرڪيءَ جيان هنجُ به هُن سان وڙهي ٿو يا نه. نتيجو اهو نڪتو ته سمورا آنا ڀڄي پيا ۽ سندس ڪپڙا خراب ٿي ويا. هُن هڪ دفعو ٻيهر ڏاڍي مارَ کاڌي.

ايڊيسن جو ننڍپڻ تجربا ڪندي گذريو. جڏهن هو ستن سالن جو هو ته سندس والدين مشيگان رياست جي هڪ هنڌ ’پورٽ هرون‘ ۾ وڃي لڏي ويٺا. جتي کيس تجربن جو نئون موقعو مليو. هو هڪ مُناري تي چڙهي پراڻي دوربينيءَ سان پري پري جون شيون ڏسندو هو. هُن گهر جي تَههَ خاني ۾ هڪ ننڍڙي تجربيگاهه به قائم ڪئي. اُتي رکيل سڀني شيشين تي هڪ پرچي هڻي ڇڏي ”زهرُ- هٿ نه لڳايو“. اِهو ان ڪري، جيئن ڪو به انهن سان ڇيڙڇاڙ نه ڪري.

هڪڙي ڏينهن ايڊيسن هڪ ٻارَ جو واتُ هٿ سان کولي اهڙو ڪيميائي پائوڊر کيس گهڻي انداز ۾ کارائي ڇڏيو، جيڪو پاڻيءَ ۾ ملائڻ سان اڀامڻ لڳندو هو: ”تو ايئن ڇو ڪيو؟“ سندس پيءُ پڇيو. الوا جواب ڏنو، ”رڳو اهو ڏسڻ لاءِ ته هُو ان پائوڊر جي گئس سبب هوا ۾ اڏامي سگهي ٿو يا نه!“

سندس پيءُ سيموئل ايڊيسن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڇا ڪري. پاڙي وارا هن مٿان کلندا هئا، ٻارڙن ساڻس کيڏڻ ڇڏي ڏنو، پر پوءِ به هن جي امڙ کي اِهو يقين هو ته سندس پيارو پـٽ وڏو ٿي، پنهنجو ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندو. هوءَ هر طرح سندس همت افزائي ڪندي رهندي هئي. الوا جي نائين جنم ڏينهن واري موقعي تي ماءُ کيس هڪ ڪتاب سوکڙيءَ طور ڏنو، جنهن ۾ ڪيترائي سائنسي تجربا ڇپيل هئا. ايڊيسن سڄي حياتي انهيءَ تحفي جو قدر ڪندي، ان کي ساهه سان سانڍيندو رهيو. هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته هو ڪيترن ئي سائنسي ڪتابن جو سونهون بڻجي چڪو هو.

الوا ايڊيسن کي ڪتابن پڙهڻ کان وڌيڪ عملي تجربن جو شوق هو. جڏهن ٻارهن سالن جي عمر کي پهتو ته هڪ ريل گاڏيءَ تي اخبارن وڪڻڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو، پر واندي وقت ۾ تجربن وارو مشغلو به جاري رکيائين. انهيءَ مقصد لاءِ هِن ريل جي هڪ دٻي اندر ننڍڙي ڪيميائي تجربيگاهه به جوڙي. نه فقط ايترو پر هن گاڏيءَ ۾ ئي هڪ ننڍي ڇپائيءَ واري مشين ٺاهي ۽ پاڻ پنهنجي اخبارَ ڇاپڻ لڳو.

هڪ ڏينهن اتفاقي طور فاسفورس جو هڪ ٽُڪرو ريلَ جي فرش تي ڪِري پيو ۽ دٻي ۾ باهه لڳي وئي. باهه ته انهيءَ وقت ئي گارڊ وسائي ڇڏي، پر اڳينءَ اسٽيشن تي هِن ايڊيسن جو سمورو سامان ريل مان کڻي پَٽ تي اڇليو ۽ هن کي خوب مارَ ڪڍيائين. اهو واقعو سندس جيون ۾ تمام سٺو سؤڻ ثابت ٿيو.

ايڊيسن کي ان ڳالهه جو ڪوبه ڏک نه ٿيو، ڇو ته انهن ئي ڏينهن ۾ هن کي ٽيليگرافيءَ (تارَ گهر) سان دلچسپي پيدا ٿي پئي. هِن ارڙهن ارڙهن ڪلاڪَ لڳاتارَ محنت ڪئي ۽ سُتت ئي ٽيليگراف آپريٽر بڻجي ويو. ايڊيسن وطن واسين جي ڀرپور خدمت ڪئي ۽ سڀئي سندس قابليت جا قائل ٿي پيا. هو جيڪو ڪجهه ڪمائيندو هو، سو ڪتابن ۽ پنهنجن تجربن جي سامان وغيره تي خرچ ڪندو هو. ذاتي ضرورتن کي به گهٽ اهميت ڏيندو هو. ايستائين جو سياري جي هڪ مند ۾ کيس سيءَ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڪو وڏو ڪوٽ به ڪونه هو ۽ هو مَرندي مَرندي بَچيو هو!

ايڊيسن ڪيترائي شَهر گهميا ۽ مختلف قسمن جون نوڪريون ڪيون، پر سندس مالڪ حد کان وڌيڪ ذهين هئڻ ڪري کيس پسند نه ڪندا هئا. هو انهن کي اهڙيون ڳالهيون ٻُڌائيندو ۽ ترڪيبون سمجهائيندو رهندو هو، جيڪي سندن سمجهه کان ٻاهر هيون، پر هي پنهنجي عادت کان مجبور خاموش به رهي نه سگهندو هو. آخر ڀاڳُ ڇِڪي کيس بوسٽن وٺي آيو. اِها 1868ع جي ڳالهه آهي. هِن تار گهر ۾ آپريٽر ٿيڻ چاهيو، پر اداري جي اعليٰ عملدار سندس حُليو ڏٺو ته گهٻرائجي ويو. سوٽُ لُنڊو ۽ ڦاٽلُ، بوٽ گسيل، ٽوپلي ۾ سوراخَ، قميص تي ڪيتريون چَتيون ۽ اهي لَٽا ڪپڙا به اهڙا ته ميرا هئا، ڄڻ هفتن کان ڌوتا نه ويا هجن، اڻڀا وارَ وکريل، ڄڻ انهن ڪڏهن ڦڻيءَ جي شڪل به نه ڏٺي هجي.

الوا ايڊيسن جو امتحان ورتو ويو. سندس اکر ڏاڍا سُٺا هئا ۽ کيس برقي تار جي وڏي مشق ٿيل هئي. هو سمورن اميدوارن ۾ پهريون نمبر آيو ۽ کيس سڀ کان تيز آپريٽر مڃيو ويو. انهيءَ زماني ۾ برقي تار تي ٻِٽي لائين استعمال نه ڪئي ويندي هئي. پيغامَ صرف هڪ پاسي موڪليا ويندا هئا ۽ ڪنهن کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي هئي ته انهن کي هڪ ئي وقت ۾ مخالف طرف ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو. ايڊيسن انهيءَ اڻ ٿيڻي ڳالهه کي پورو ڪري ڏيکارڻ تي بضد هو ۽ آخرڪار ڪامياب ٿي ويو. ان کان پوءِ هُن آپريٽر واري نوڪريءَ تان استعيفا ڏني، ڇو ته هن پنهنجو وقت نين کوجنائن ۽ تجرباتي ڪمن کي ڏيڻ پئي چاهيو. کيسي ۾ ڪوڏي به ڪانه هئس، پر حوصلو حد کان وڌيڪ بلند ۽ سوچن ۾ مثالي مستقبل هئس. هڪ عاليشان آئيندي جي اوني سان هن تڪڙو ۽ تيزيءَ سان ان طرف وڌڻ پئي گهريو.

ايڊيسن کي محنتن جو اجورو جلد ئي ملي ويو. هڪ واپاريءَ سندس ايجاد ڪيل شيون چاليهه هزارن ڊالرن ۾ خريد ڪري ورتيون. اها رقم هن جي وهم گمان کان به وڌيڪ هئي. جڏهن کيس چيڪ مليو ته هو ذري گهٽ بيهوش ٿيندي ٿيندي بچيو! کيس ڪجهه سُجهيو ڪونه پئي ته ايتري گهڻي قيمت ڪيڏانهن ڪندو، پر هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ ايڏي وڏي رقم جلد ئي خرچ ٿي ويس.

هُن هڪ دڪان کوليو ۽ ڪيترائي ملازم رکيا، جن کي وڏيون ۽ سُٺيون پگهارون ڏنائين. هاڻي کيس تجربن ڪرڻ جو هڪ نئون ميدان ۽ سُٺو موقعو ملي ويو هو. هو هڪ ئي وقت برقي تار تي ٻه، چار، اَٺَ پيغام موڪلڻ جي خواهش ڪرڻ لڳو. الوا ايڊيسن هڪ اهڙي مشين جوڙڻ پئي گهري، جيڪا ماڻهن وانگر ڳالهائي ٻولهائي سگهي. هن هڪ اهڙي هَٿ- بتي به ٺاهڻ پئي چاهي، جيڪا علاءُ الدين جي چراغ کي شرمائي ۽ ساري جڳ ۾ روشني پکيڙي جوت ورهائي.

هو ڏينهن رات انهن خيالن ۾ غرق رهندو هو. هن ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ٿورو وقت شادي ڪرڻ لاءِ ڪڍيو. پوءِ کيس ٻه ٻار به پيدا ٿيا. جن کي هو برقي تار واري ٻولي ۾ ’ڊاٽ‘ ۽ ‘ڊيش‘ سڏيندو هو. جڏهن به ڪا گهڙي واندي ملندي هئس ته ايڊيسن ٻارن سان گهر ۾ قسمين قسمين رانديون کيڏندو ۽ سمورو وقت ساڻن گڏ گذاريندو هو.

ٿامس الوا ايڊيسن کي سڄي عمر هڪ ڪَن ۾ ڏاڍي سورَ جي تڪليف رهي. هو ڪم تمام گهڻو ڪندو هو ۽ آرام لاءِ ڀرپور مصروفيت واري زندگي ۾ ڪابه واندڪائي ملي نه سگهندي هئس، تنهنڪري پنهنجي صحت کان به بيپرواهه رهيو. هو سٻاجهو، صبر ۽ تحمل وارو شخص هو. ان کان سواءِ قدرت کيس يادگيريءَ جي ايڏي سُٺي سگهه عطا ڪئي هئي جو خاص ڳالهه يا ڪم لکڻ جي ضرورت به گهٽ پوندي هئس. هو هڪ نظر سان سڄي مشين جي سمورن پُرزن کي سُڃاڻي وٺندو هو ۽ سٺي نموني ياد رکندو هو.

ايڊيسن رات ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان رڳو چار ڪلاڪَ سمهندو هو ۽ اِهو چوندو هو ته، ”زندگي اهڙي غير ضروري شيءِ ڪانهي، جنهن کي صرف سمهندي وڃائي ڇڏجي. ڪيترائي تجربا اهڙا آهن، جن کي وقت جي سخت ضرورت آهي.“

هو روزانو لڳاتار سترهن، ارڙهن ڪلاڪَ ڪم ڪندو هو. ايتري مسلسل محنت سبب ئي اُهي ايجادون عمل ۾ آيون، جن سندس نالي کي سدائين روشن رکيو ۽ زندهه بڻايو. جڏهن هو ستهٺ سالن جي عمر تي رَسيو ته هُن هي لفظ چيا:

”مون کي اڄ تائين ڪابه واندڪائي ملي نه سگهي آهي. شايد اسي ورهين جي ڄمارَ ۾ مون کي ڪجهه وقت ملي، جنهن کي مان پنهنجو چئي سگهان.“

قدرت کانئس ڏاڍا ڏکيا آزمائشي امتحان به ورتا. 1915ع ۾ ويسٽ اورنج شهر ۾ سندس اهڙي تجربيگاهه سڙي رک ٿي وئي، جنهن جون ڇهه عمارتون هيون. سندس 50 لک ڊالرن جو نقصان ٿيو، پر هُن رڳو ايترو ئي چيو ته:

”ڪا ڳالهه ڪانهي... مان سڀاڻي کان وري پنهنجي نئين زندگي شروع ڪندس. زندگي ڪڏهن به وري نئين سَري سان شروع ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ عمر جو ڪو قيد ڪونهي.“

تمام گهٽ ماڻهو ايڏيءَ وڏي دل وارا هوندا آهن ۽ اهڙا ئي ماڻهو سچ پچ پيروي ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا.

جڏهن ايڊيسن بجليءَ جو بلب جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته انهن ڏينهن ۾ سندس گهر اندر اوندهه ڦهلجي وئي، هن جي گهرواري دل جي بيماريءَ سبب وڇڙي وئي. ايڊيسن کي وڏو صدمو پهتو، پر اهو به هن صبر سان سهندي پنهنجي ڪَم ۾ ڪوبه فرق نه آندو. 18 مهينن کان پوءِ هُن ٻي شادي ڪئي. سندس هيءَ گهرواري ڏاڍي همدرد ۽ خيالن ۾ هڪجهڙي ثابت ٿي.

پهرين جنوري 1879ع جي هڪ شام جو ايڊيسن جي بڻايل بلب رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. فرانس، انگلستان ۽ روس ۾ به ڪيترائي ٻيا سائنسدان اهڙين ڪوششن ۾ رُڌل هئا، پر انهن اِها ڪاميابي نه ماڻي، جيڪا ايڊيسن جي حصي ۾ آئي. هن اليگزينڊر گراهم بيل جي جوڙيل ٽيليفون کي به ترقي وٺرائي وات ۽ ڪَن لاءِ ڌار ڌار اوزاري حصا جوڙيا ۽ سيٽَ کي بهتر بڻايو، نه ته اڳي رڳو هڪ ئي هنڌ تان ٻئي ڪَمَ ورتا ويندا هئا.

ايڊيسن پنهنجي حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪيو. هن جي عمر چوراسي سالن کي پهتي، پر شايد ڪو هڪڙو به ڏينهن هِن عظيم انسان اجايو وڃايو هجي! اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي هِن نامياري سائنسدانَ جون ايجاد ڪيل آهن. هن فوٽوگراف، برقي روشني ۽ سئنيما مشين کان سواءِ ڳالهائيندڙ تصويرون ايجاد ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي. ان کان سواءِ ڪيتريون ئي ٻيون ننڍڙيون ننڍڙيون ايجادون اهڙيون آهن، جن کي استعمال ڪرڻ وقت اسان جي ذهن ۾ خيال به نه ٿو اچي ته اهي ايڊيسن جي ڪوششن جو ڪمال آهي.

ٿامس الوا ايڊيسن پنهنجي حياتيءَ ۾ غير معمولي ڪاميابيون ماڻيون، پر هو پنهنجي ماضيءَ مان ڪڏهن به مطمئن نه ٿيو. سندس نظر هميشه هڪ بهتر مستقبل تي هوندي هئي. هو پنهنجي ايندڙ ڏينهن کي اڄ کان بهتر ڏسڻ گُهرندو هو ۽ سندس ڪاميابيءَ جو وڏو راز به اِهو ئي هو.

آمريڪا اوڻويهين صديءَ اندر هن جهڙو ڪو ٻيو سائنسدان پيدا نه ڪيو، جنهن سائنس جي لڳ ڀڳ هر موضوع ۽ ميدانَ ۾ جوهر ڏيکاريا. جڏهن موتَ کيس ظاهري دنيا جي پابندين کان آجو ڪيو ته هو هٿرادو رٻڙ تيار ڪرڻ جي ترڪيب ۾ مصروف هو.

ايڊيسن موتَ کان نه ڊڄندو هو. هو ان کي نئين زندگيءَ جي ابتدا ڄاڻندو هو، جتي اڃا به وڌيڪ تجربا ڪري سگهجن ٿا. سندس آخري لفظ هي هئا:

”مون پنهنجو ڪم ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيءَ دنيا ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“

سندس موت ويسٽ اورنج نيو جرمنيءَ ۾ 1931ع ۾ ٿيو، پر پنهنجي ڪاوشن ۽ سائنسي ايجادن ڪري سدائين زندهه رهندو.