ناميارا سائنسدان (جلد III)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد III)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-043-2
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

17 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     425287   ڀيرا پڙهيو ويو

گُگليمو مارڪوني (Gugliemo Marconi) 1874ع – 1937ع


هاڻي دنيا ايتري ترقي ڪري چُڪي آهي، جو پُراڻا سَت عجوبا ڪنهن به ڳڻپ ۾ ئي نه ٿا اچن. هاڻوڪن عجوبن ۾ ٽيليفون، ريڊيو، فلم، ٽيليويزن، موٽرڪار، هوائي جهاز ۽ ڪمپيوٽر وغيره کي شامل ڪيو وڃي ٿو.

ريڊيو هينئر ڳوٺن توڙي جَهرجهنگ تائين عام ٿي چُڪو آهي، تنهن ڪري اُن جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ ماڻهوءَ جو آواز سموري دنيا ۾ گونجي ٿو. وائرليس جو ڪم ريڊيو کان به وڌيڪ شاندار آهي. اِنهن ايجادن جو باني مارڪوني آهي.

جن ماڻهن جي گهرن ۾ ريڊيو آهي، اِهي اِها ڳالهه ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا ته سوئيءَ کي ٿورڙو ڦيرائڻ سان دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو پروگرام سولائيءَ سان ٻُڌي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ريڊيو جي ايجادن وائرليس وارين لهرن کي پنهنجي آڱرين ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. هي اُهي لهرون آهن جن جي اڳڪٿي مشهور طبعيات ۽ رياضيءَ جي ماهر ميڪسويل سنه 1864ع ۾ ڪئي هئي.

تنهن کان پوءِ ڪيترائي سالَ چُپ چپات ۾ گُذري ويا، ڪنهن به ميڪسويل جي ان نظرئي تي ڪو ڌيانُ نه ڌريو. ايستائين جو هڪ جرمن طبعياتي ماهر هارٽرز ان جو عملي ثبوت پيش ڪيو. ميڪسويل جيڪي ڪجهه چيو هو، اهو اکر اکر سچ ثابت ٿيو. ان کان پوءِ انگلنڊ، روس ۽ اٽليءَ جي ڪيترن ئي سائنسدانن ان پاسي ڌيان ڏنو ۽ انهن وائرليس- لَهرن تي تجربا شروع ڪري ڇڏيا. تن ۾ بولونا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر رگهيءَ جو نالو خاص ذڪر ڪرڻ جوڳو آهي، ڇو ته گُگليمو مارڪوني اُن جو شاگرد هو.

مارڪوني بولونا ۾ 25 اپريل 1874ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ هڪ شاهوڪار ماڻهو هو. ان ڪري کيس ننڍي هوندي کان سُٺي تعليم ملي. اڃا هو ڇوڪراٽ ئي هو ته کيس طبعيات ۽ برقي تحقيق طرف ذهني دلچسپي پيدا ٿي. سندس عمر پندرهن سال مَس هئي ته کيس هارٽز جي تحقيق ۽ برقي لهرن جي ڳولا بابت ڄاڻ ملي.

تنهن کان پوءِ مارڪونيءَ جو ڌيان انهيءَ موضوع ۾ ئي کُپي ويو ۽ هن وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو. هو پاڻ لکي ٿو ته: ”کيس هڪ نموني اهو الهام ٿيو ته اهڙيون لهرون ويجهڙي وقت ۾ پيغام پهچائڻ ۽ ڳالهائڻ جو هڪ نهايت ڪامياب ذريعو ثابت ٿينديون.“ مارڪونيءَ هارٽز جي دريافت ڪيل وائرليس لهرن کي سڀ کان پهريائين تارَ لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو.

مارڪونيءَ 1895ع جي گرميءَ واري مند ۾ پنهنجي گهر اندر انهن تجربن جي ابتدا ڪئي. هِن جيڪي اوزار استعمال ڪيا، اهي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر هئا. انهن ۾ هڪ ٽرانسميٽر، سِگنل ڏيڻ واري چاٻي، تارن جا ڇُڳا ۽ هڪ ٻه ايريليون شامل هيون.ا نهن ڪجهه اوزارن جي مدد سان هو وائرليس لهرون پيدا ڪرڻ ۽ انهن وسيلي پيغام موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ٻئي سال جي شروعات ۾ اِهو مفاصلو ٻيڻو ٿي پيو.

سنه 1896ع ۾ مارڪونيءَ پنهنجو سمورو سامان انگلنڊ کڻي ويو ۽ هُن 2 جون تي پنهنجي انهيءَ ايجاد کي رجسٽر ڪرايو. هن چاهيو ٿي ته انگلنڊ جي ٽپالَ ۽ تارَ کاتو اُن کي رائج ڪري. اهڙيءَ ريت هن سڀ کان پهريائين لنڊن جي وڏي ٽپال گهر جي ڇت تي اهڙن تجربن جو نماءُ ڪيو، جنهن ۾ ٽپال کاتي جي آفيسرن، زميني ۽ سامونڊي فوج جي عيوضين ۽ ٻين ڪيترن سرڪاري ملازمن شرڪت ڪئي. ان بعد هِن ڏهه ميلَ پَري وائرليس ذريعي پيغامَ اُماڻيا.

اِٽليءَ وارن کي مارڪونيءَ جي اهڙي ايجاد جي خبر پئي ته اتان جي حڪومت کيس وطن واپس ورڻ ۽ وائرليس ٽيليگرافيءَ ۾ وڌيڪ سُڌارا آڻڻ جي صلاحَ ڏني. اُتي هڪ اسٽيشن قائم ڪئي وئي، جتان ٻارنهن ميل پَري سمنڊ ۾ جنگي جهازن کي پيغام رسايا ويندا هئا. انهي عرصي ۾ ئي تار بنا بجليءَ جي ڦهلاءَ ۾ تيزيءَ سان واڌارو پئي آيو ۽ دنيا وارا ان جي افاديت ۽ اهميت کان باخبر بڻبا پئي ويا.

1897ع ۾ مارڪونِيءَ اٽليءَ جي بادشاههَ ۽ راڻيءَ آڏو اهڙن تجربن جي نمائش ڪئي. تُرت ئي لنڊن ۾ هڪ وائرليس تار ڪمپني قائم ٿي وئي، جيڪا ٽن سالن کان پوءِ مارڪونيءَ جي نالي سان منسوب ٿي. هِي اُهو زمانو هو، جڏهن سامونڊي جهازَ اڪثر حادثن جو شڪارُ ٿي ڪڏهن ڪڏهن بيوسيءَ جي حالت ۾ ٻُڏي ويندا هئا. خراب حالتن يا مصيبت وارن مرحلن ۾ وائرليس وسيلي پيغامَ پهچي سگهن ها ته اهڙن جهازن کي بچائڻ جو جوڳو بندوبست ڪري سگهجي ها! اِهي ئي خاص سبب هئا، جو هر ڪو اِنهيءَ نڪور ايجاد جي ڪاميابيءَ لاءِ آسروند هو ۽ سائنس جي ترقيءَ ۾ دلچسپي وٺي رهيو هو.

مارڪونيءَ انگلنڊ ۾ پنهنجا تجربا جاري رکيا ۽ سال 1898ع ۾ سڀ کان پهريائين روشنيءَ جي هڪ جهاز تي وائرليس ٽيليگرافيءَ جو سامان هنيو ويو، جيڪو ٻارنهن ميل پري روشنيءَ جي هڪ مينار کي پيغامَ پهچائيندو هو. مارچ 1899ع ۾ روشنيءَ جي هڪ جهاز سان هڪ اِسٽيمر اچي ٽَڪرايو. جلد ئي روشنيءَ جي مينارَ تي اهڙو اطلاعُ ڏنو ويو، جتان ڪجهه ٻيڙيون اماڻيون ويون ۽ جهازي عملي کي ٻُڏڻ کان بچايو ويو. اِها هئي وائرليس تارَ جي پهرين عملي ڪاميابي!

تن ڏينهن ۾ وائرليس وسيلي ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري نه سگهبي هئي، پر مورس ڪوڊ جي مدد سان مختلف آوازَ پيدا ڪري پيغام رَسايا ويندا هئا. سڀ کان پهريائين 1898ع ۾ انگلنڊ جي نديءَ پار پيغامَ موڪليا ويا.هاڻي اڳ جي ڀيٽَ ۾ گهڻو پري تائين پيغامَ پهچائي سگهبا هئا. اُن سال اونهاري جي مند ۾ هڪ جهاز 72 ميل پري هڪ جهازَ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هاڻي مارڪونيءَ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هُن ڀَر پيغام رَسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هي مفاصلو گهڻو پري هو. لوڪَ جي پچارَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! رياضيءَ جي ماهرن حساب ڪتاب ڪري، اِهو چئي ڇڏيو ته ايڏي وڏي مفاصلي کي فتح ڪري نه ٿو سگهجي، پر مارڪونيءَ اِنهن ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو. هِن آڪٽوبر 1900ع ۾ ڪارنوال پولڌو، تي هڪ وائرليس اِسٽيشن جوڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. ايريل وارن ٿنڀن جي اوچائي ٻَه سئو فٽ رکي وئي، ڇو ته اُهي جيترا اوچا هوندا، پيغام اوترا ئي وڌيڪ مفاصل طئي ڪري سگهندا. ايڏا ڊگها ٿنڀا وري طوفانن جو مقابلو ڪري نه سَگهيا ۽ جڏهن اُهي ڪِري پيا ته مارڪونيءَ کي نئين سر ٻيا ٿنڀا کوڙڻا پيا، جن جي اوچائي اڳ جي ڀيٽ ۾ ٽيههَ فٽ گهٽ رکي وئي. پنهنجو اهو ٽرانسميٽر پورو ڪرڻ بعد مارڪونيءَ جلد ئي نيوفائونڊ لينڊ پهتو، جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هُن ڀَر هو. اُتي هن پيغام وصول ڪرڻ لاءِ هڪ اسٽيشن قائم ڪئي، جنهن جي ايريل لغڙن وسيلي چار سئو فٽن جي بلنديءَ تائين پهچائي وئي. مارڪونيءَ کي هِن ڪم ۾ ڏاڍي ڏکيائي پيش آئي.

12 ڊسمبر 1901ع تي پولڌو مان وائرليس وسيلي پيغامن جو هڪ سلسلو نشر ڪيو ويو. هي سگنل نيوفائونڊ لينڊ ۾ ڪاميابيءَ سان موصول ڪيا ويا. مارڪونيءَ پهرئين ئي ڪوشش سان ائٽلانٽڪ سمنڊ کي فتح ڪري ورتو. اهڙيءَ ريت وائرليس ٽيليگرافي تجرباتي دؤر مان نڪري، هڪ باقاعدي سروس جي شڪل اختيار ڪري ورتي. مارڪوني انهيءَ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل ئي رهيو.

ڪجهه عرصي کان پوءِ انگلنڊ جي هڪ سائنسدان ڊاڪٽر فليمنگ اهڙو والو ايجاد ڪيو، جيڪو اسان جي ريڊيو سيٽ جي  جان آهي. ان کان پوءِ وائرليس ٽيليگرافيءَ ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي ڪئي. 1910ع ۾ مارڪونيءَ وٽ آئرلينڊ ۾ پنهنجي هڪ پيغام وصول ڪندڙ اسٽيشن تي بيونوايرس مان هڪ پيغام پهتو، جنهن جو مفاصلو ڇهه هزار ميل هو. سيپٽمبر 1918ع ۾ هن انگلنڊ مان پهريون ڀيرو آسٽريليا سگنل اُماڻيو.

سنه 1914ع ۾ پهرئين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي وئي ۽ مارڪونيءَ وائرليس جي جنگي ڪارج طرف ڌيان ڏنو.

1916ع ۾ هُن شارٽ وَيو تي تجربن جي ابتدا ڪئي. مارڪونيءَ جنگ جي وقت پنهنجي ملڪ جي ساراههَ جهڙي خدمت ڪئي. هو اٽليءَ جي ميداني ۽ سامونڊي فوج ۾ ڀَرتي ٿيو، جيڪو جنگي وفد اٽليءَ مان آمريڪي رياستن موڪليو ويو هو. مارڪونيءَ ان جو به ميمبر هو. هن ٻيون به ڪيتريون خاص خدمتون سرانجام ڏنيون 1919ع ۾ مارڪونيءَ جي ڪمپنيءَ چيمسفورڊ ۾ دنيا جي پهرين ريڊيو اسٽيشن قائم ڪئي. مارڪونيءَ اِها ڳالهه سمجهي ورتي هئي ته شارٽِ ويو جي مدد سان پيغامن کي گهڻو پري تائين موڪلي سگهجي ٿو. هن 1923ع ۾ پاڻ هندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن جو سامونڊي سفر ڪيو ۽ رستي ۾ پولڌو مان سگنل وصول ڪيا. انهيءَ تجربي سندس نظرئي کي هَٿي ڏني.

اهڙن تجربن جي نتيجي ۾ مارڪونيءَ اعلان ڪيو ته شارٽ ويو ته ڏکڻ آمريڪا کي به ڪاروباري بُنياد تي پيغام پهچائي سگهجن ٿا. هُن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته وائرليس جون مختصر لهرون گڏيل صورت ۾ ڪنهن به پاسي موڪلي سگهجن ٿيون.

1933ع ۾ مارڪونيءَ شارٽ ويو وائرليس ٽيلي گرافيءَ ۾ ڪيترا اهم سُڌارا آندا. هاڻي سامونڊي سفر اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو محفوظ ٿي پيو هو. نه رڳو ايترو پر مارڪونيءَ اونداهيءَ ۾ جهازن کي بندرگاهن اندر داخل ڪرائڻ لاءِ ڪجهه اهڙا اوزار به ايجاد ڪيا، جيڪي انتهائي هلڪين لهرن ۾ ڪم ڪندا هئا. انهن اوزارن جي ايجاد سان حادثن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي وئي.

دنيا مارڪونيءَ جو وڏو قدر ڪيو. هو حقيقي طور به اهڙي عزت ۽ مڃتا جي لائق هو. 1909ع ۾ مارڪونيءَ کي فزڪس جو نوبل انعام مليو. اُن سال ئي هو اطالوي سينٽ جو ميمبر به بڻايو ويو ۽ 1929ع تي هو مارڪوئس ٿي ويو.

1937ع ۾ مارڪونيءَ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس ايجاد اڃا به ترقي ڪئي. ۽ ريڊيو جا بيشمار فائدا سامهون آيا. ان کان پوءِ ٽيلي ويزن جُڙي ۽ پوءِ ريڊار ٺهيو. هاڻي اوهان وائرليس وسيلي گهر ويٺي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري سگهو ٿا. سائنس جي اِها شاخ ڪڏهن به زوال ماڻي نه ٿي سگهي. ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ ترقي حاصل ڪندي ۽ مارڪونيءَ جو نالو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.