هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     233522   ڀيرا پڙهيو ويو

چَريِ!


رمضان جي حرڪتن، پاڙي وارن جا تڻ تپائي ڇڏيا هئا. اهو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن رمضان ڪا شرارت نه ڪئي هجي. اڄ به چاچي الياس جي جهڳيءَ ۾ وڃي، اتي هڪ آيل مهمان کي ستل حالت ۾ ڏسي، سندس ڳٽي تي جيئرو چيلاٽو رکيو هئائين ۽ مهمان، چيلاٽي جي ڏنگ لڳڻ سبب هڪ درد ناڪ دانهن ڪري، اٿي کڙو ٿيو هو، جڏهن ته رمضان ان جي اکين اڳيان ڏسندي ڏسندي الوپ ٿي ويو هو.

اڄ رمضان جي گهر تي پاڙي جي ماڻهن اچي گوڙ ڪيو هو ۽ هو رمضان جي پيءُ کان رمضان جي دانهن سان گڏ سندس ٻانهن گهري رهيا هئا، ته جيئن کيس سيکت ڏيئي سگهن. انهن پاڙي وارن جي اڳواڻي چاچو الياس ڪري رهيو هو. ان وقت رمضان مٿي ڇت تي سُتل هو. ماڻهن جي گوڙ تي، سندس اک کلي چڪي هئي ۽ کيس پڪ ٿي چڪي هئي، ته اڄ بابو، پُٺن جي کل لاهڻ کان سواءِ ڇڏيندو ئي ڪونه! ان گهڙيءَ رمضان، ٻي ڪا واهه نه ڏسي ڇت تان کڻي پاڻ کي اڇلايو، پر سندس پِير زور هئا، جو کيس ڪابه رهڙ نه آئي ۽ پوءِ پاڙي وارن ڏٺو ته رمضان هڪ طرف ڀڄندو پئي ويو!

رات ڪافي گذري چڪي هئي. رمضان کي بُک به ڏاڍو اچي ستايو هو، پر پهرين کيس سمهڻ لاءِ ڪنهن مناسب جاءِ جي تلاش هئي ۽ اُن جاءِ جي تلاش ۾ هن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. پري کان هن کي هڪ گئراج نظر آئي ۽ اتي سمهڻ جي جاءِ لاءِ هڪ ڀڳل ٽرڪ جي پوئين حصي کي مناسب سمجهي، سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، پر کيس ننڊ نه پئي آئي، ڇاڪاڻ ته بک جي ڪري، سندس پيٽ ۾ ڪُوئا ڊوڙي رهيا هئا. کيس رکي رکي پنهنجي جيجل ماءُ شدت سان ياد اچي رهي هئي، جيڪا کيس، پڻس جي مار کان به بچائيندي هئي ۽ لڪ چوري ماني به کارائي، سمهاري ڇڏيندي هئي.

رمضان جي پيءُ کيس اسڪول ۾ به داخل ڪرايو هو، پر هو اهڙو ته نڀاڳو هو، جو اتان به ڀڄي ويندو هو ۽ آخر سندس نالو اسڪول جي رجسٽر تان ڪاٽيو ويو. پيءُ ويچارو، سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ گهر کان ٻاهررهندو هو ۽ ٻئي طرف رمضان پنهنجين شرارتن ۾ لڳو پيو هوندو هو ۽ آخر اهو ڏينهن به آيو، جو سندس شرارتون کيس راس نه آيون ۽ ان جي نتيجي ۾ مار کان بچڻ لاءِ اڄ کيس هيءُ ڏينهن ڏسڻو پئجي ويو.

چوندا آهن ته ”ننڊ، موت جي ڀيڻ آهي ۽ ننڊ انسان کي ڪنڊن تي به اچي ويندي آهي“ خبر ناهي ته ڪيڏي مهل رمضان سوچيندي سوچيندي، ننڊ جي هنج ۾ هليو ويو هو. صبح جي روشنيءَ جي ڪرڻن، زندگيءَ جي وجود ۾ چُرپُر آڻي ڇڏي هئي پر رمضان اڃا تائين هر شيءِ کان بي خبر ستو پيو هو. اوچتو اتي ڪنهن سيکڙاٽ ڇوڪري جي نظر وڃي سندس مٿان پئي، تنهن وڃي پنهنجي استاد کي ٻڌايو، جنهن اچي کيس ننڊ مان اٿاريو.

دراصل گئراج جو مالڪ، جيڪو گاڏين جو استاد پڻ هو، تنهن کانئس حال حقيقت پُڇيو، جنهن تي رمضان پاڻ کي نڌڻڪو سڏائي، هڪ ڪوڙي  ۽ دردناڪ ڪهاڻي گهڙي ٻڌائي. اهو ٻڌي، استاد کي سندس حال تي رحم اچي ويو ۽ پنهنجي گئراج ۾ ڪم سيکارڻ لاءِ آماده ڪيائين ۽ پاڻ وٽ رهائڻ لڳو، جڏهن ته ان کان اڳ رمضان کي ماني کارائي ڍو ڪرايائين.

رمضان، جنهن ڇوڪري جي هٿ هيٺ ڪم ڪندو هو، سو هڪ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ هو. هو اڪثر پرزن جي هيرا ڦيري ۽ تيل جي چوري ڪرڻ ۾ نهايت ماهر هوندو هو، جنهن جي استاد کي به خبر ڪانه پوندي هئي. چوندا آهن ته ”صحبت جو اثر جهڙو هوندو آهي، تهڙو ڏيکاريندو آهي“. رمضان به ان جي صحبت ۾ اچي، پرزن جي هيراڦيري ڪري، تيل وڪڻي، سئنمائون ڏسڻ ۽ وڏين هوٽلن ۾ کاڌو کائڻ لڳو هو. هاڻي هو هر روز شام جو وهنجي سهنجي، نوان ڪپڙا پائي شهر ۾ آواره گردي به ڪندو هو ۽ آخر ۾ هڪ شاندار هوٽل ۾ ويهي، پنهنجي دوست سلوءَ جي اچڻ جو انتطار ڪندو هو.

اڄ سلوءَ اچڻ ۾ دير ڪري ڇڏي هئي. هو اڪيلو ويٺو هو ته کيس طرحين طرحين جا خيال اچڻ لڳا. تصور جي دنيا ۾ هن پنهنجي جيجل ماءُ کي سندس ڳولا ۾ چرين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي ڏٺو. هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي وسارڻ ٿئي چاهيو ۽ پوءِ هن، پنهنجي شهر کي ڇڏڻ  جو فيصلو ڪري ڇڏيو. رمضان سڌو ريلوي اسٽيشن تي آيو. ٽڪيٽ گهر وٽ بيهي، ماڻهن جي رش گهٽجڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، پرمُنجهي پيو ته ڪهڙي پاسي جي ٽڪيٽ خريدڪري. قطار ۾ اڳيان بيٺل ماڻهوءَ کان پڇيائين:

”اوهان ڪيڏانهن ويندا؟“

”ٽنڊي آدم..“

رمضان به ٽنڊي آدم جي ٽڪيٽ ورتي، تيسين گاڏي به اچي پليٽ فارم تي بيٺي ۽ هو به هڪ دٻي ۾ سوار ٿيو ۽ اتي هڪ خالي بئنچ تي ويهي رهيو. اڃا ويرم ئي ڪانه گذري، ته ريل هلڻ شروع ڪيو ۽ ٿوري دير ۾ گاڏي ٽنڊي آدم جي پليٽ فارم تي اچي بيٺي ۽ هيءُ به ٻين مسافرن سان گڏ لهي پيو. في الحال ته رمضان، نوان ماڻهو ۽ نئون شهر ڏسي، دهلجي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر نهارڻ لڳو. آخر هڪ طرف هلڻ لڳو. دراصل هن کي ڪنهن گئراج جي تلاش هئي. قسمت سٺي هئس. ٿورواڳتي هلڻ سان هن کي هڪ گئراج نظر آئي. هتي به هن پنهنجي لاوارث هئڻ جي ڪوڙي ڪهاڻي گهڙي ۽ گئراج جي ڪم ۾ ماهر سڏائي، گئراج جي مالڪ کي ڪافي متاثر ڪيو ۽ پوءِ گئراج جو مالڪ مٿس مهربان ٿي پيو.

وقت جي تيز رفتاريءَ ۾ رمضان، پنهنجا ماءُ پيءُ وساري ڇڏيا هئا ۽ گئراج ۾ گهڻو وقت ڪم ڪرڻ سبب، هو سٺن ڪاريگرن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽ مالڪ جو به مٿس وڏو اعتماد ٿيڻ لڳو. هڪ ڏينهن استاد کيس ڪنهن پرزي جي ويلڊنگ ڪرائڻ لاءِ موڪليو. رمضان، اهو پروزو کڻي، هڪ گراهڪ جي بيٺل ڪار ۾ ويهي، گاڏي اسٽارٽ ڪئي. ويلڊنگ جو دڪان چڱي پنڌ تي هو. ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ کان پوءِ رمضان کي عجيب لطف محسوس ٿي رهيو هو ۽ هو گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائڻ لڳو. گاڏي تيز هلندي، مختلف روٽن تان ٿيندي پئي ويئي. اوچتو هڪ گهٽيءَ مان هڪ چري مائي ظاهر ٿي، جيڪا رمضان جي بريڪ لڳائڻ جي باوجود به گاڏيءَ جي ٽڪر کان بچي نه سگهي ۽ اونڌي منهن وڃي پٽ تي ڪري. رمضان به ڊوڙي وڃي، ان مائيءَ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا سڄي رت ۾ ڳاڙهي ٿيل هئي. مائيءَ  کي غور سان ڏسڻ کان پوءِ رمضان جي وات مان اڀ ڏاريندڙ دانهن نڪتي: ”امان!“

واقعي هوءَ رمضان جي ماءُ هئي. جيڪا سندس جدائيءَ ۾ ذهني توازن وڃائي، چري ٿي کيس شهر شهر ۽ انهن شهرن جون گهٽيون گهٽيون ۽ روڊ ڀٽڪندي، کيس ڳوليندي ۽ رُلندي ٿي رهي!!

 

]ماهوار ”گل ڦل“ اپريل 1991ع[