هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226225   ڀيرا پڙهيو ويو

تِر جي گُٿي ...!


هوش ۾ اچڻ تي آئون، هيڏانهن هوڏانهن اکيون ڦاڙي نهاري رهيو هئس. چئني پاسي سواءِ گُهگهه اونداهه جي ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. منهنجي دماغ ۾ خيالن جي اچ وڃ هئي. مون کي منهنجو ضمير ڌونڌاڙي رهيو هو. آهستي آهستي مون کي سڀ ڪجهه ياد اچڻ لڳو . آئون هڪ ٽرڪ ۾ سوار هئس، جيڪا مون کي ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي. مون کي اهو به ياد اچڻ لڳو، ته مان گهران ڪهڙي سبب ڪري ڀَڄي نڪتو هئس...!

اڄ مون کي بابي ڏاڍي مار ڏني هئي.آئون زارو قطار روئي رهيو هئس،  ڪاش! آئون اسڪول مان گسايان نه ها، ته بابو مون کي مار نه ڏئي ها. ٽرڪ جي تيز رفتاريءَ  سان گڏ منهنجا خيال به تيز ٿيندا ويا.  بابي کي آفيس ۾ ڪنهن ملازم جي اوچتي موت سبب سويل موڪل ملي هئي ۽ هو منهنجي پارت ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ لاءِ اسڪول ۾ استاد سان مليو هو؛ پر استاد ته مٿان وري کيس منهنجي شڪايت ڪري ڏني ته توهان وارو ڇوڪرو ڪافي ڏينهن کان غير حاضر آهي ۽ ڪلاس ۾ اچي ئي ڪونه ٿو! استاد جي اُن انڪشاف تي بابي جي ڪاوڙ جو پارو، آسمان تي پهچي ويو! يڪدم گهر پهچي، منهنجو انتظار ڪرڻ لڳو.

مان صبح جو گهران، اسڪول وڃڻ جو بهانو ڪري اسڪول جي موڪل تائين سڄو ڏينهن شهر جي آس پاس ڌڪا کائي، واپس گهر موٽندو هوس. گهر وارا سمجهندا هئا ته مان پڙهي، اڪ ڪارا ڪري آيو آهيان!

پر اڄ گهر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي بابي جي موچڙن منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ دل تي مار ڏني هئائين ۽ پوءِ مان ڪروڌ مان گهر کي هميشه لاءِ الوداع چئي، ٻاهرنڪتو هوس. مان راڻي باغ واري گس تان وڃي رهيو هوس. بک به ڏاڍي لڳي هئم، آخر هلندي هلندي، ٿڪجي هڪ جاءِ تي ويهي رهيس. ڪيئي گاڏيون آيون ويون پئي، پر مان ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هوس، ته اوچتو هڪ ٽرڪ منهنجي اڳيان اچي بيٺي. ان مان هڪ ماڻهو هيٺ لٿو ۽ منهنجي مٿي تي هٿ رکي پڇڻ لڳو، ته:

 ”ٻچا، ڇو ائين نماڻو ٿيو ويٺو آهين . شايد بکيوآهين؟“

مون کيس پنهنجو همدرد سمجهي سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ۽ بُکيو هئڻ جي شڪايت به ڪئي مانس، منهنجي ڳالهه ٻڌي، ان ماڻهوءَ کي منهنجي حال تي رحم اچي ويو ۽ پنهنجي کيسي مان مٺائي ڪڍي، مون کي کائڻ لاءِ ڏنائين. مٺائي کائڻ سان ئي منهنجي مٿان بيهوشي طاري ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ مان بيهوش ٿي ويس.

مون محسوس ڪيو ته ٽرڪ بيهي ويئي آهي. ڪو ماڻهو، ٽرڪ جي پٺئين پاسي چڙهي، منهنجي سار سنڀال لهڻ لاءِ آيو ته مان اڃا بيهوش آهيان يا هوش ۾ اچي چڪو آهيان. مان ڄاڻي واڻي سُمهي رهيس. هو ماڻهو تسلي ڪري هيٺ لهي هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ منهنجي ڪنن ۾ ڪنهن جي ڳالهائڻ جو آواز محسوس ٿيڻ لڳو، جڏهن ته مان ان جي ٻولي سمجهي نه پئي سگهيس. مون موقعي جو فائدو وٺڻ لاءِ وري به چئني پاسي نهار ڪئي، جتي فقط گُهگهه اوندهه جو راڄ لڳو پيو هو. مان اٿي کڙو ٿيس ۽ ان طرف نهارڻ لڳس، جتان ڳالهائڻ جو آواز اچي رهيو هو. مون محسوس ڪيو اهي شايد ماني کائڻ ۽ ڳالهين ۾ لڳل آهن، موقعو ڏسي مان هڪ طرف تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳس. مون کي اها به خبر ڪانه هئي ته مان ڪهڙي پاسي وڃي رهيو آهيان، پر ڊوڙندو رهيس. آخر ڪافي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ مون کي پري کان ڪجهه روشني نظر آئي، پڪ ٿيم ته ڪو ڳوٺ آهي.

هاڻي مان ڳوٺ ۾ داخل ٿي چڪو هئس. ڳوٺ جي ڪتن مون کي بي گاهه وقت ڏسي، هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ڀونڪڻ شروع ڪيو. ان صورتحال منهنجو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو ۽ مون رڙيون شروع ڪري ڏنيون. منهنجين رڙين تي ڳوٺ جا ست- اٺ ماڻهو، گهرن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ انهن مان هڪڙو مون کي پنهنجي گهر وٺي آيو. هو نهايت نيڪ انسان هو. ان مون کي پهرين ماني کارائي ۽ بنا ڪنهن ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي، هڪ کٽ تي وڇايل هنڌ تي سمهاري ڇڏيائين، جڏهن ته مون کي ننڊ نه پئي آئي ۽ امڙ مون کي شدت سان ياد اچي رهي هئي ۽ تصور ئي تصور ۾ پنهنجا مائٽ، پنهنجا ماڻهو ۽ پنهنجي ڌرتي ياد اچي رهي هئي. منهنجي مٿان قيامت برپا هئي. پر مان ان بيوسيءَ جي حالت ۾ ڪري به ڇا ٿئي سگهيس.

واقعي ڏاهن صحيح چيو آهي ته ”تر جي گٿي، سو چوٽون کائي“ ان گهڙيءَ مون پنهنجي خدا کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو، جو نهايت رحم وارو ۽ ٻاجهارو آهي! صبح ٿيڻ تي، خدا جي ان نيڪ بندي، مون کان پار پتا پُڇيا ۽ مون کي شهر وٺي آيو ۽ هڪ بس ۾ سوار ڪري، ڪنڊيڪٽر کي منهنجي پارت ڪيائين ۽ ان کان سواءِ مون کي ٻه- ٽي رپيا خرچي به ڏنائين.

اهڙيءَ طرح مان گهر موٽي آيس، جتي منهنجي لاءِ سڀ گهر جا ڀاتي پريشان هئا، خاص طور تي امڙ ڏاڍي پريشان هئي! هاڻي مون عهد ڪري ڇڏيو ته مان ڪڏهن به پڙهڻ ۽ اسڪول وڃڻ کان نه نٽائيندس!!

                                                                                                                                                ]ماهوار ”گل ڦل“ اپريل 1987ع[