ڪتاب جو نالو | هڙ ۾ آئيندو |
---|---|
ليکڪ | فقير شهمير چانڊيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-047-0 |
قيمت | 60 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 232036 ڀيرا پڙهيو ويو |
اڄ آچر جو ڏينهن هو، دستور موجب، خانوءَ جا سڀ دوست، پراڻي بلڊنگ سامهون، ميدان تي ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ گڏ ٿي چڪا هئا. اڳئين ڀيري خانوءَ جي ٽيم شڪست کائي چڪي هئي، جڏهن ته خانوءَ واري ٽيم، هن ڀيري، پلاند وٺڻ لاءِ ئي ميدان ۾ لٿي هئي.
راند شروع ٿي چڪي هئي، خانوءَ جي بيٽنگ نهايت جارحاڻي هئي. بال، بيٽ تي لڳڻ سان هوا ۾ اُڇل کائي، هوا ۾ اڏامڻ لڳو.
”ڇڪو!“ ڪنهن ٻار دانهن ڪئي.
بال، بائونڊري لائين پار ڪري، ساڳي رفتار سان مٿان ئي مٿان سامهون واري بلڊنگ ۾ وڃي ڪريو. بال کي هٿ ڪرڻ لاءِ منو، هڪ بلڊنگ جي ديوار تي چڙهي، هيٺ لهڻ لاءِ مناسب جاءِ جاچڻ لڳو، ته اوچتو هن جي نظر ڪجهه ماڻهن تي پيئي، جيڪي پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي رهيا هئا.
منوءَ ديوار تي ويٺي ويٺي، بال کي ڳولڻ لاءِ نهار ڪئي. سندس نظر، ان هنڌ ڄمي بيهي رهي هئي، ڪجهه شڪي قسم جا ماڻهو بيٺا هئا. انهن کان ٿورو پرڀرو بال پيو هو. منوءَ لاءِ اها صورتحال نهايت ڏکي هئي. الائي ڇو هن کي، انهن ماڻهن جا مهانڊا نه وڻيا هئا. هن چئني پاسي وري به نهار ڪئي. هن کي اتي ٺهيل لان، مناسب نظر آيو ۽ هن پاڻ کي ڇٻر تي اڇلائي ڇڏيو.
منوءَ جي هيٺ ٽپ ڏيڻ سان ئي، انهن ماڻهن مان ڪنهن هڪ جي نظر هن تي پئجي ويئي هئي ۽ منوءَ کي جهلڻ لاءِ هن طرف لوهه ڪيائين. منوءَ کي ان ماڻهوءَ جا ارادا سٺا ڏسڻ ۾ نه آيا ۽ هو بال جي پَچر ڇڏي، وري ڀت تي چڙهيو، ڇاڪاڻ ته منوءَ جي تيز نظر، اهو سڀ منظر ڏسي ورتو هو، جيڪو کيس هٿيارن جي ڍير ۾ نظر آيو هو.
منوءَ جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو هو اُن ماڻهوءَ جي ويجهو اچڻ کان اڳ ئي ساڳئي نموني تيزيءَ سان کِسڪندو، هيٺ لهڻ لڳو ۽ وري به تيزيءَ سان، پنهنجن هڪ جيڏن يارن کي ڇڏي خوف ۾ ڊوڙڻ لڳو، جڏهن ته اهو ساڳيو ماڻهو به پويان ڊوڙي رهيو هو.
ٻارڙن ۾ به ان صورتحال کي ڏسندي ۽ منوءَ جي پويان ان خوفناڪ چهري واري ماڻهوءَ کي ڏسندي، ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ هو به خوف ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
دراصل منو خوف ۾ ايڏو ته تکو ڊوڙيو هو، جو اُن کي اهو هوش به نه رهيو هو، ته هو هاڻي جهنگ ۾ داخل ٿي چڪو آهي. سندس ٽنگون ڊوڙندي ڊوڙندي ساڻيون ٿي چڪيون هيون ۽ هو هڪ هنڌ ويهي، ساهي پٽڻ لڳو.
شام ٿيڻ واري هئي. آهستي آهستي اوندهه پنهنجا پَرَ پکيڙڻ لڳي. ان گهڙيءَ منوءَ جا هوش حواس واپس اچي چڪا هئا. چئني پاسي ڦهليل وڻ کيس راڪاس وانگي نظر پئي آيا. هو هڪ دفعو وري به هيسجي ويو هو ۽ وري به تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو.
هاڻي منو پڪي روڊ تي اچي چڪو هو. هن جي پيٽ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو هو. آهستي آهستي شام مان هاڻي رات ٿي رهي هئي. روڊ تي هلندڙ گاڏين جي هيڊ لائيٽن رستي تي روشني پئي پکيڙي، منوءَ هڪ ٽرڪ کي هٿ لوڏي بيهڻ لاءِ چيو. ڊرائيور خدا ترس ماڻهو هو، جنهن گاڏي روڪي، کيس پنهنجي اڳيان ڀر ۾ ويهاريو ۽ پار پتا پڇي، کيس پنهنجي ماڳ رسايو.
منو پنهنجي ماڳ پهچي، گهر وڃڻ بجاءِ سڌو هڪ ويجهي پوليس اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويو ۽ انسپيڪٽر سان سڄي ماجرا بيان ڪيائين.انسپيڪٽر، منوءَ جي پُٺي ٺپري، کيس شاباس ڏنائين ۽ سندس نشاندهيءَ تي ان پراڻي بلڊنگ ۾ ڇاپو هنيو، جتان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ اتي موجود تخريبڪار گرفتار ٿيو.
ٻئي ڏينهن، اخبارن ۾ منوءَ جي تصوير ۽ وڏين سرخين سان خبرون شايع ٿيل هيون. اُن ڪارنامي سرانجام ڏيڻ تي منوءَ کي ڊي. آءِ. جي صاحب هڪ لک رپيا انعام به ڏنو.
]ماهوار ”گل ڦل“ جولاءِ 1989ع[