هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     231907   ڀيرا پڙهيو ويو

ماءُ جي ممتا


رشيده جي حياتيءَ جا ڏينهن، ڪتاب جي ورقن جيان روز بروز اٿلي رهيا ها. ماضيءَ جا پراڻا ڦٽ، ننڍڙي ارشد جي من موهڻي مُرڪ جي ڪري، ميسارجي ويا هئس. هوءَ هاڻي فقط ارشد جي وجود جو حصو ٿي ويئي هئي. دراصل ارشد ئي هن جو مستقبل هو. هن پنهنجي اندر ۾ ڪيئي ارمان سانڍي رکيا هئا. اهوئي ڪارڻ هو، جو هوءَ  ڌڻي سڳوري جي ذات مان مايوس نه هئي.

رشيده اڄ به روزمره وانگر، پنهنجي مستقبل جي معمار پٽ ارشد کي نيرن کان فارغ ڪرائي، مڪمل طرح تيار ڪري. سندس ڳاڙهن ڳٽن تي، ممتا جي زور ڀري مٺي ڏني ۽ گهر کان ٻاهر نڪتي.

صبح صادق جي روشنيءَ جي ڪرڻن، انساني زندگيءَ کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو هو. هر طرف چهل پهل هئي. ڪي پيادل وڃي رهيا هئا ته ڪي وڏا ماڻهو، موٽرن ۽ ڪارن ۾ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ وڃي رهيا هئا. دنيا جي هن تيز رفتاريءَ ۽ هڻ وٺ ۾، رشيده، ارشد کي سندس پتڪڙي هٿ مان سوگهو جهلي، نهايت خبرداريءَ ۽ هوشياريءَ سان وڃي رهي هئي. دراصل رشيده اهڙي ماحول کي ڏسي، ڪنهن اڻڄاتل خوف ۾ وڪوڙجي ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ئي ماحول ۾ رهي، سندس زندگيءَ جو همسفر امجد کيس هميشه لاءِ جدائي جو داغ ڏيئي ويو هو. هوءَ هلندي هلندي خيالن جي دنيا ۾ گم ٿي ويئي. اڄ کيس امجد ڏاڍو ياد اچي رهيو هو، جنهن کي هن بي رحم سماج پنهنجي لتاڙ ۾ آڻي، هميشه لاءِ ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو. رشيده کي اهو صبح يا د آيو، جڏهن امجد کيس خدا حافظ  چئي ۽ ارشد کي پيار ڪري ڊيوٽيءَ تي روانو ٿيو هو ۽ پوءِ ڳچ دير کان پوءِ امجد جو ٿڌو جسم، ايمبولينس ۾آڻي سندس اڳيان ڇڏيو ويو هو. امجد جي جيئري جاڳندي وجود کي ظالم دهشتگردن موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو هو، پر ان جي باوجود به امجد، رشيده کي هن ظالم دنيا ۾ اڪيلو نه ڇڏيو هو. ارشد، امجد جو روپ ڌاري ماءُ جي اميد بنجي چڪو هو.

”امان، اسڪول اچي ويو.“

اوچتو ارشد جي آواز تي رشيده جي خيالن جو محل ڊهي پيو ۽ هوءَ ارشد کي اسڪول جي گيٽ اندر ڇڏي گهر موٽي ويئي. ارشد کي اسڪول ڇڏڻ ۽ گهر واپس وٺي اچڻ، رشيده لاءِ روز جو معمول بڻجي چڪو هو. ان وچ ۾ واندڪائي واري وقت ۾ هوءَ پاڙي جي ماين کان سلائيءَ لاءِ ڪپڙا وٺي، ڪم  ۾ مصروف رهندي هئي. ڇاڪاڻ ته کيس ارشد جو مستقبل سنوارڻو هو.

هوءَ اڄ به جيئن ئي ارشد کي اسڪول ۾ ڇڏي، گهر موٽي ته سلائيءَ جي ڪم کي لڳي ويئي. سلائي ڪندي ڪندي، اتفاق سان ڌاڳو سئيءَ مان نڪري ويس ۽ هوءَ جيئن ئي ڌاڳو، سئيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. تيئن ئي سئي، سندس آڱر ۾ ٽنبجي ويئي ۽ رت نڪرڻ لڳو. رشيده کي الائي ڇو اهو سنوڻ خراب لڳو ۽ سندس دل ڪنهن اڻ ڄاتل خوف جي ڪري زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي ۽ هوءَ ارشد کي اسڪول مان وٺڻ لاءِ گهر کان ٻاهر تڪڙي تڪڙي نڪري ويئي.

ٻاهر نڪرڻ تي رشيده وري به ساڳي گوڙ گهمسان ۾ گم ٿي ويئي. پر پٽ جي مستقبل بابت سوچيندي رهي. هوءَ چرين وانگر هر ڳالهه کان بي نياز تڪڙيون تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندي، ائين پئي لڳو ڄڻ موت سندس پيڇو ڪري رهيو هجي!

اسڪول مان اڃا ٻارن کي موڪل ڪانه ٿي هئي. رشيده جيئن جيئن اسڪول کي ويجهي ٿيندي ويئي، تيئن تيئن سندس  دل کيس اندر ئي اندر وسامندي محسوس ٿيڻ لڳي. هن کي ائين پئي لڳو، ڄڻ اڄ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اوچتو  ڪنهن گاڏيءَ جي بريڪ جي چرڙاٽ سندس هانءَ ڏڪائي ڇڏيو.

 ”مائي، هيءَ شهر آهي، جهنگ ڪونهي، جو ائين بي پرواهه ٿيو پئي هلين.“

گاڏيءَ جي ڊرائيور اکيون ڦوٽاريندي رشيده کي ڇڙٻيون ڏنيون. رشيده ويچاري هيڪاري هيسجي ويئي ۽ هوءَ هاڻي سنڀالي وکون کڻڻ لڳي. اسڪول جي دروازي تي چوڪيدار کيس روڪيو:

”مائي، اڃا ٻارن کي موڪل ڪانه ٿي آهي.“

چوڪيدار جي ان ڳالهه تي رشيده، اسڪول جي گيٽ ڀرسان ويهي، پنهنجي اميدن جي سهاري جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳي. گهنڊ جي پهرين ئي ڌڪ تي هوءَ اُٿي کڙي ٿي ۽ وائڙن وانگر ارشد کي ٻارن جي هجوم ۾ ڳولڻ لڳي. آخر رشيده جي نظرپنهنجي جگر جي ٽڪري کي تلاش ڪري ورتو ۽ هاڻي هوءَ ارشد ٻانهن مان پڪڙي نهايت هوشياريءَ سان رستو پار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سنڀالي هلڻ لڳي، ڪجهه گاڏيون، ٻارن جي انتظار ۾ بيٺيون هيون ۽ ڪجهه گاڏيون اچي وڃي رهيون هيون. اوچتو ئي اوچتو انهن بيٺل ڪنهن هڪ گاڏيءَ مان زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪو ايڏو ته زوردار هو، جو اُڀ کي ڇهندڙ عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا. هر طرف قيامت جو منظر برپا ٿي ويو هو. اهو ڌماڪو عين ان وقت ٿيو، جڏهن رشيده رستو پار ڪري، هڪ گهٽيءَ ۾ داخل ٿي چڪي هئي ۽ اهڙيءَ طرح جيجل ماءُ جي ممتا، پنهنجي مستقبل جي معمار کي موت جي منهن مان ڪڍي ورتو.

]ماهنامه ”گل ڦل“ ڊسمبر 1987ع[