هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226287   ڀيرا پڙهيو ويو

ضد جو نتيجو


 

گهر وارا انور جي هر جائز ۽ ناجائز خواهش پوري ڪندا هئا، جنهن سبب هو نٺر ۽ ضدي ٿي پيو هو. هن اسڪول ۾ داخلا به ان شرط تي ورتي هئي ته هو جيڪا به فرمائش ڪندو، سا پوري ڪئي ويندي.

اُها عيد رات هئي. انور، پيءُ سان گڏ بوٽن جي دُڪان ۾ داخل ٿيو هو. دڪاندار اُٿندي ئي هڪ اهڙي قسم جو بوٽ انور کي پارايو هو، جيڪو ڏسڻ ۾ ته خوبصورت هو، پر سوڙهو هو. انور جي پيءُ محسوس ڪيو ته بوٽ سوڙهو آهي، پر انور جي ضد ڪرڻ سبب هو مجبور ٿي پيو ۽ اهو مهانگو بوٽ انور کي خريد ڪري ڏنائين. دڪاندار، انور جي پير مان بوٽ لاهي، ڊٻي ۾ بند ڪرڻ لڳو ته انور کي اها ڳالهه خراب لڳي ۽ ضد ڪرڻ لڳو ته اهو مان هينئر ئي گهر تائين پائي هلندس! انور جي ضد اڳيان سندس پيءُ جي هڪ به نه هلي ۽ نيٺ لاچار اهو سوڙهو بوٽ پارائي کيس گهر وٺي هلڻ لڳو. گهر تائين پهچندي پهچندي، انور جي پير ۾ لڦون پئجي ويون ۽ هو تڪليف سبب روئڻ لڳو.

”بابلا، مون ته توکي پهرين ئي چيو هوته بوٽ سوڙهو آهي، مَٽائي ٻيو ٿا وٺون، پر تون پنهنجي ضد تي قائم رهئين“. انور جي پيءُ کيس سمجهائيندي هدايت ڪئي.

”مون کي هاڻي ٻيو بوٽ وٺي ڏيو؟“ انور ٻيهر ضد ڪرڻ لڳو.

انور جو پيءُ لاچار ٿي پيو ۽ وري موٽي ساڳئي دڪاندار وٽ آيو ۽ بُوٽ مَٽائي ڏيڻ لاءِ کيس منٿ ڪرڻ لڳو، پر دڪاندار بوٽ واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته بوٽ استعمال ۾ اچڻ سبب پهرين واري حالت ۾ نه رهيو هو.

آخر وري به مجبور ٿي انور جي پيءُ، سندس ئي فرمائش تي هڪ ٻيو بوٽ وٺي ڏنو.

انور جي وڌندڙ ارڏاين، ماءُ- پيءُ کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر انور کي انهن جو ڪوبه احساس ڪونه هو. هو سمجهندو هو ته مان ماءُ-پيءُ جو اڪيلو پُٽ آهيان ۽ بابو به منهنجي لاءِ ئي ڪمائي ٿو، اها ڪمائي آخر هو ڪنهن تي خرچ ڪندو.

هاڻي وري ٻي عيد آئي. انور کي پنهنجي امڙ ڏاڍا سهڻا  ڪپڙا پارايا هئا. اڄ کيس سُوٽ- بوٽ پيل هو ۽ ان لباس ۾ هو ڏاڍو ٺهيو پئي. جيجل امڙ کيس گهڻي دير تائين ڏسندي رهي.

انور، پيءُ سان عيد نماز پڙهي، واپس گهر موٽي رهيو هو. عيدگاهه جي دروازي وٽ هن هڪ گهورڙئي کي ڏٺو، جيڪو مختلف قسمن جا رانديڪا وڪڻي رهيو هو. انهن رانديڪن مان انور کي اها جهرڪي پسند آئي هئي، جيڪا زور ڏيڻ سان ’چُون-چُون‘ جا آواز ڪڍي رهي هئي ۽ هو ان وقت ته پيءُ سان ڳالهه نه ڪري سگهيو، پر گهر پهچڻ تي وري ضد ڪرڻ لڳو ته مون کي اها جهرڪي وٺي ڏيو، جيڪا مون عيدگاهه جي گيٽ وٽ هڪ گهورڙئي وٽ ڏٺي هئي.

سڪيلڌي پٽ هئڻ جي ناتي ۽ عيد جي سڳوري ڏينهن هئڻ سبب انور جي پيءُ ڪابه ريڙهه پيڙهه نه ڪئي ۽ موٽي وري عيدگاهه طرف انور سان گڏ هلڻ لڳو.

عيدگاهه پهچڻ تي معلوم ٿيو ته اهو گهورڙيو، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري ويو آهي. آخرڪار هلندي هلندي اهو گهورڙيو کين مارڪيٽ جي هڪ گهٽيءَ ۾ نظر آيو. انور جهرڪي حاصل ڪري، خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، اصل گلاب جي گل وانگر ٽڙي پيو، سڄي واٽ ’چُون- چُون‘ ڪندو گهر آيو.

عيد آئي ۽ وئي به هلي. اسڪول کُلي ويا. جڏهن اسڪول وڃڻ جو پهريون ڏينهن آيو ته انور اڃا ستو پيو هو. ماءُ کيس ننڊ مان پئي اٿاريو. نيٺ هو ڪِنجهندو ۽ ڪُرڪندو، چادر هَٽائي، مُنهن ڀيلڙو ڪري اٿيو ۽ نيرن ڪرڻ لاءِ ڊبل روٽيءَ جي جاءِ تي ’بن‘ جي گُهر ڪرڻ لڳو. ماڻس، کيس گهڻو ئي سمجهايو ته ابا، پڻهين ڊبل روٽي وٺي ڏيئي ويو آهي، اڄ ڊٻل روٽي کائي، اسڪول وڃ، سڀاڻي توکي ’بن‘ وٺي ڏبو.

انور کي ماءُ جي ڳالهه نه وڻي ۽ هو ڊٻل روٽي اڇلائي، گهر کان ٻاهر نڪري، سامهون ريل جي پٽڙين تي هلڻ لڳو ۽ ڪاوڙ جي ڪري انور کي آسپاس جو هوش ئي نه رهيو جو هُو وڃي ريل جي پٽڙيءَ کان هلندي هلندي، مٿان ٺهيل پُل کي پار ڪرڻ لڳو. اوچتو هن ٿاٻو کاڌو ۽ ريل جي سليپرن جي وچ ۾ سندس پير ڦاسي پيو. هن پير ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر پير سليپرن منجهان ڇڏائي نه سگهيو. هاڻي هو روئڻ لڳو. کيس ان حالت ۾ ڪافي وقت گذري چڪو هو. اوچتو هن ڏٺو ته پريان ريل سيٽيون هڻندي اچي رهي هئي. انور کان هاڻي روئڻ وسري ويو ۽ وڏي واڪي دانهون ڪرڻ لڳو. هاڻي هو ڏاڍو پشيمان ٿي رهيو هو. ڪاش، جيڪڏهن هو ضد نه ڪري ها ته اڄ هن مصيبت ۾ نه ڦاسي ها.

اوچتو انور جو پير سليپر کان ٻاهر نڪري آيو. هن پُل اُڪرڻ لاءِ ڊوڙ پائڻ شروع ڪئي، پر نهايت احتياط واري نموني ۾، جيئن سندس پير وري نه ڦاسي. عين ان وقت ريل مٿان اچي ڪڙڪي، ان دوران انور هيٺ پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏنو. اها انور جي خوش نصيبي هئي، جو ڪجهه فاصلي تي ويٺل هڪ داروغي کيس ٽپ ڏيندي ڏسي ورتو هو ۽ کيس بچائڻ لاءِ ان پاسي لُوهه ڪئي، جنهن پاسي انور پاڻ کي هيٺ ڦِٽو ڪيو هو.

انور هاڻي پاڻيءَ ۾ غوطا کائڻ لڳو هو ۽ سندس پيٽ ۾ ڪافي پاڻي به ڀرجي چڪو هو. نتيجو اهو نڪتو جو هو پاڻيءَ ۾ ئي بيهوش ٿي ويو.

انور کي هوش ان وقت آيو، جڏهن هن پاڻ کي هڪ اسپتال ۾ ڏٺو. سندس ڀر ۾ سندس ماءُ-پيءُ بيٺا هئا، جيڪي کيس اکيون کوليندي ڏسي، مرڪي رهيا هئا.

انور کي ضد جي ڪافي سزا ملي چڪي هئي، ڄڻ هو موت جي منهن مان موٽي آيو هو. هن عهد ڪري ڇڏيو ته هاڻي هو ڪڏهن به اجايو ضد نه ڪندو.

]ماهوار ’گل ڦل‘ فيبروري 1991ع[