ڪتاب جو نالو | هڙ ۾ آئيندو |
---|---|
ليکڪ | فقير شهمير چانڊيو |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-047-0 |
قيمت | 60 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 14 November 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 232034 ڀيرا پڙهيو ويو |
نانيءَ جي نصيحت ڀريل ٽوٽڪن ۽ ڳالهين، نويد جي معصوم ذهن تي ڄڻ جادُو ڪري ڇڏيو هو. ناني، ڇا ويئي هئي، ڄڻ نويد جي دنيا، اوندهه ۾ هلي ويئي هئي، نانيءَ جي نصيحت، کيس اڄ به چٽيءَ طرح ياد هئي، ۽ ان جي اها آخري خواهش، کيس اڄ به چڱيءَ طرح ياد هئي.
نانيءَ جي آخري خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ نويد، رانديون رونديون گهٽائي ڇڏيون هيون ۽ هو اسڪول مان موٽڻ تي به گهر ۾ پڙهندو رهندو هو. هن کي خبر هئي، ته جيڪڏهن نانيءَ جي روح کي سُڪون پهچائڻو آهي، ته کيس ان جي آخري خواهش پوري ڪرڻي پوندي، جيڪا هئي نويد جي ڊاڪٽر بڻجي دکي انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي. خاص طور تي اهڙن انسانن جي خدمت ڪرڻ جي، جن وٽ علاج لاءِ پئسو نه هجي!
نويد هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو. ننڍي هوندي کان ئي هو حساس طبيعت جو مالڪ هو. هُو گهر جي ڀاتين کان سواءِ پاڙي جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي پريشان ڏسندو هو، ته پاڻ به پريشان ٿي ويندو هو. کيس سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هو ڪيئن پريشان ماڻهوءَ جي مدد ڪري سگهي ٿو، پر پوءِ ڪجهه به نه سمجهندي، نانيءَ سان حال اوريندو هو، جيڪا کيس گهر ۾ گهڻو ڀائيندي هئي. موٽ ۾ ناني کيس، ڪونه ڪو نصيحت ڀريو ٽوٽڪو ٻڌائي، دلداري ڏيئي ڇڏيندي هئي.
دراصل، نانيءَ جو زور فقط ان ڳالهه تي هوندو هو ته ڪنهن به ساهه واري شيءِ کي نه رنجائجي، بلڪه ان کي ڏکيو ڏسي، ان جي ڪم اچجي ۽ ان جي پنهنجي وت آهر مدد ڪجي.
رات پنهنجو فطري چڪر پورو ڪري صبح ساجهُر ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ سفر طئه ڪري رهي هئي، جڏهن ته گهر جا سڀ ڀاتي ننڊ ۾ هئا ۽ ڪو جاڳي رهيو هو، ته اهو فقط نويد هو، ڇاڪاڻ ته امتحان سر تي اچي بيٺا هئا. ان سلسلي ۾ نويد محنت ڪافي ڪئي هئي، پر تنهن هوندي به هُو مطمئن ٿيڻ لاءِ وري وري، سوالن جا جواب ذهن ۾ پڪا ڪري رهيو هو. ان رات سيءَ به ڏاڍو هو. نويد کي ان گهڙي ٿڪاوٽ ۽ سيءَ محسوس ٿيڻ لڳو. هن ڪتاب ٿانيڪا ڪري سُمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سمهي نه سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جا ڪن، ڪُتيءَ جي گلرن جي آوازن طرف اندازو لڳائڻ لاءِ اُڀا ٿي چڪا هئا. نويد پاڻ کي چڱيءَ طرح ويڙهي سيڙهي ٻاهر نڪتو. هن ڏٺو ته ٻاهر وِلهه ۾ ڪُتيءَ جا گُلر سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا هئا. هن کي ڪتيءُ جي گُلرن تي قياس آيو. هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هو اهو عمل غير ارادي طور عمل ۾ آڻي رهيو هجي ۽ ان وقت هن کي پنهجي نانيءَ جا لفظ شدت سان ياد اچي رهيا هئا. ”ڪنهن به ساهه واري شيءِ کي نه رنجائجي ۽ ان جي وت آهر مدد ڪجي!“
ٻاهر نڪرڻ سان ئي نويد کي سيءَ ۽ ٿڌي هوا ڏڪائي ڇڏيو. هن ڏٺو ته پريان ڪتيءَ جا تازا ڄاول گلرَ سيءَ ۾ هڪ ٻئي مٿان سٿيا پيا هئا ۽ ڏڪڻ سان گڏ ڪُون ڪُون ڪري رهيا هئا. نويد ڪمبل ۾ ويڙهيل هئڻ جي باوجود پاڻ به ڪنبي رهيو هو. نويد ان جي پرواهه نه ڪندي، ڪمبل لاهي. ڪتيءَ جي گلرن تي هڪ پاسو هيٺان ڏيئي ۽ ٻيو پاسو مٿان ورائي، گهر موٽيو.
صبح صادق جي روشني، ساري جهان کي منور ڪري چڪي هئي، نويد جو پيءُ، چانهه جو کير وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪتو هو. اوچتو هن جي نظر پريان ويڙهيل سيڙهيل، ان ڪمبل تي پيئي، جيڪو نويد جي حوالي ٿيل هو. هن واپس اچي گهر ڏٺو ته نويد اڃا ستو پيو هو. ننڊ مان اٿيو ته سخت بيمار هو. هن کي نمونيا ٿي پئي هئي. سڄو گهر، نويد جي اهڙي حالت ڏسي پريشان ٿي ويو. نويد جو پيءُ ڊاڪٽر کي وٺڻ ويو هو ۽ هن کي کير وٺڻ به وسري ويو هو.
ڪلاس ۾ امتحان هلي رهيو هو. پر نويد جي ڊيسڪ خالي هئي. استاد کي نويد جي باري ۾ پوري ڄاڻ ٿي چڪي هئي ۽ ان اهڙو اطلاع پرنسپال کي بروقت ڏنو هو، جنهن نويد جي اهڙي قربانيءَ کان متاثر ٿي، نويد لاءِ پنهنجي طور تي امتحان جو خاص اهتمام ڪيو.
اسڪول جي تاريخ ۾، هيءَ پهريون ڀيرو هو، جو پوري ڪلاس ۾ فقط هڪ شاگرد جو امتحان هلي رهيو هو. هيءُ خوش نصيب شاگرد نويد هو، جيڪو پوري مهيني جي عذاب جهڙي بيماري ڪاٽي، امتحان ڏيئي رهيو هو. نتيجو اهو نڪتو، جو هو نتيجو اچڻ ٿيڻ تي سڀني شاگردن ۾ پهريون نمبر آيو هو.
اڄ نويد جي پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ پورو گهر خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو، ڄڻ نويد جي سالگرهه پهريون ڀيرو ملهائي پئي وڃي ۽ نويد کي ائين پئي لڳو، ڄڻ ان پوري ميڙ ۾ نانيءَ جو روح به شامل ٿي، نويد لاءِ دعائون گهري رهيو هجي. اهڙو تصور ڪري نويد کي اڃا به محنت ڪري ڊاڪٽر بڻجڻ لاءِ وڏي سگهه پيدا ٿي پيئي!
]ماهوار ”گل ڦل“ 1991ع جولاءِ[