هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226224   ڀيرا پڙهيو ويو

شرارت ڳچيءَ ۾!


”ابا منصور، هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکجانءِ، مـَلائِي ڪنهن کي به نه ڏجانءِ، سواءِ ٻن ماڻهن جي- هڪ گُل مستاني کي ۽ ٻيو رامو موچيءَ کي!“

 بابي مون کي پهرئين ڏينهن هوٽل تي بيهاريندي هدايت ڪئي.

گرمين جا ڏينهن ۽ ويڪيشن جي واندڪائي، منهنجي لاءِ ڄڻ ته عيد ٿي ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته مون کي اها عادت هوندي هئي ته پاڙي جي هڪ جيڏن سان گڏجي ڦليليءَ تي وِهنجڻ ويندو هئس، جنهن جي خبر پوڻ تي بابي مون کي مار به ڏاڍي ڪڍي ۽ پوءِ ان جو علاج اهو ڪيائين ته مون کي پنهنجي هوٽل تي سُڪ ڪري ڇڏيائين ۽ هيڏانهن هوڏانهن ٿِڙڻ تي سزا ڏيڻ جا دڙڪا به ڏنائين.

آهستي آهستي آءٌ هوٽل جي ڪم ۾ ماهر ٿيندو ويس. بابي جي چوڻ مطابق آئون ٻن ماڻهن کان سواءِ مَلائي، ڪنهن کي به ڪونه ڏيندو هئس، حالانڪ ملائيءَ جا گراهڪ ڪافي ايندا هئا. گل مستاني جون عجيب ۽ غريب حرڪتون، مَلائي کائڻ وقت ڏسي، مان ڏاڍو خوش ٿيندو هئس.

هڪ ڏينهن عجيب اتفاق ٿيو. عادت مطابق گُل مستاني مون کان ملائي گهري، مون ملائي اچي سندس اڳيان رکي، پر اوچتو ڪنهن خيال اچڻ سان هُن پنهنجي مُنهن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”اڄ مون ماني ته آندي ڪانهي“ ۽ اُٿي کڙو ٿيو ۽ ٻاهر نڪري ويو. آئون به گراهڪ کي چانهه ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويس. ان وچ ۾ هڪ ڪتو هوٽل ۾ اندر داخل ٿيو ۽ اُڀو ٿي ميز تي رکيل پليٽ ۾ ملائي چٽڻ لڳو. عين اُن وقت گل مستانو به اچي ويو ۽ ڪتي کي ملائي کائيندو ڏسي، ڪتي سان ڳنڍجي پيو. چئي: ”ملائيءَ جا پئسا ڪير ڏيندو، پڻهين ڏيندو؟“

 ڪتو ڇڏائڻ ۾ پورو ۽ گل مستانو کيس سوگهو ڪرڻ ۾! اهو منظر ڏسي، هوٽل ۾ ويٺل ماڻهو اٿي آيا ۽ ڪتي جي جند گل مستاني مان ڇڏايائون. مون کي جڏهن ان صورتحال جي خبر پئي، تڏهن مون کيس ٻي ملائي ڏئي راضي ڪيو. حالانڪه حيرت فقط  ان ڳالهه جي هيم ته ڪتي پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِکيس چڪ ڇو نه پاتو!

هوٽل تي منهنجي ڊيوٽي منجهند وقت هوندي هئي. مَلائِي پهرين رامو موچي اچي گهرندو هو ۽ ان کان پوءِ گل مستانو. مون کي گل مستاني سان ڏاڍي عقيدت ٿي ويئي هئي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن کانئس ملائي جا پئسا به ڪونه وٺندو هئس. ان ڪري ته سندس حال ڏاڍا خراب هوندا هئا. ڏاڙهي کنڊريل، وارن ۾ چيڙهه پيل، ڪپڙا ميرا ۽ منهن مٽيءَ سان ڀڀوت هوندو هئس. اڪثر پنهنجي منهن پيو ڀُڻ ڀُڻ ڪندو هو. ڇا چوندو هو، تنهن جي مون کي به خبر ڪانه پوندي هئي، البته جڏهن ٿورو ويجهو ويندو هئس. تڏهن ”توکي ٿو چوان“ جا لفظ منهنجن ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندا هئا ۽ ان وقت سندس اشهد آڱر اُڀ ڏي کڄي ويندي هئي.

گل مستاني اڄ به ماني ڪانه آندي هئي. مون ملائي آڻي اڳيان رکي. ملائي ڏسندي پهريون ڀيرو مون سان مخاطب ٿيو: ”ابا، اڄ مون وٽ ماني ڪانهي، ملائي ڇا سان کائيندس.“ گل مستاني جي ان ڳالهه تي مون کي دل ۾ هڪ شرارت سُجهي آئي ۽ مون ڇا ڪيو، جو رامون موچيءَ جي رکيل ماني، جيڪو اتفاق سان گهڻي ڪم هئڻ سبب پهرين ملائي وٺڻ آيو ئي ڪونه هو، کيس ڏيئي ڇڏي. گل مستانو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ماني کائڻ شروع ٿيو.

گل مستاني کي مانيءَ کائڻ ۾ مصروف ڏسي، مون آهستي آهستي  اتان کسڪڻ شروع ڪيو ۽ رامون موچيءَ سان سندس ماني کائڻ جي ڳالهه ڪيم. رامون موچي، بخيل طبيعت جو ماڻهو هو، سو منهنجي ڳالهه ٻڌي، نڪا هم ڪيائين نڪا تم، سو مترڪو هٿ ۾ کڻي، سڌو گل مستاني جي مٿان اچي بيٺو ۽ پوءِ ٻنهي جي پاڻي ۾ ڏاڙهي پٽ شروع ٿي ويئي، خبر تڏهن پئي، جڏهن گل مستاني جي مٿي مان رت ريلا ڪري وهڻ لڳو. رامون موچيءَ خار ۾ اچي کيس مترڪو هڻي ڪڍيو هو. شرارت منهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي ۽ مان خوف ۽ ندامت جي ڪري گهر اچي نڪتس. بابي کي جڏهن ان ڳالهه جي ڄاڻ ٿي، ته تڏهن واقعي منهنجي کل لاهي ڇڏيائين.

]ماهنامه ”گل ڦل“ ڊسمبر 1986ع[