هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226236   ڀيرا پڙهيو ويو

آسرو مَ لاهيج


غلام محمد وقت کان اڳي ئي پوڙهو ٿي چڪو هو، کيس دنيا جي ڏکن دردن ۽ پنهنجن پراون جي سُلوڪ، صفا مايوس ڪري ڇڏيو هو. پر هن پنهنجي باجهاري رب مان آس نه لاٿي هئي. اڄ هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ڳوٺ کي الوداع چئي. ڪنهن ٻئي هنڌ هلي قسمت آزمائي ڪجي.

غلام محمد کي ڳڻتي هئي ته فقط پنهنجي معصوم پٽ علي حسن جي، جنهن اڃا دنيا جي ڏکن ۽ سُکن کي ڏٺو ئي ڪونه هو ۽ نه ئي دنيا جي مسئلن کان آگاهه ٿيو هو. هو اڪثر سندس آئيندي جي باري ۾ سوچيندو رهندو هو. غلام محمد، هڪ حسرت ڀري نگاهه سان پنهنجي ڪکائين جهوپڙيءَ ڏانهن نهاريو ۽ ننڍڙي علي حسن کي هٿ مان سوگهو جهلي، مختصر سامان جي هڙ  ڪلهي تي رکي، ڌڻي سڳوري جو نالو وٺي، ڪنهن نامعلوم منزل ڏانهن راهي ٿي ويو.

هلندي هلندي غلام محمد آخري ڀيرو، پنهنجي اباڻي ڳوٺ تي لڙڪن ڀريل اکين سان نهاريو. سج به پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري الوپ ٿي چڪو هو. هلندي هلندي غلام محمد کي پري کان روشنين جو شهر نظر آيو، جيڪو اُڀ کي ڇهندڙ عمارتن سان ڳتيو پيو هو. هُو وڏي منزل لتاڙڻ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، جڏهن ته غلام محمد کان وڌيڪ معصوم علي حسن گهڻو ٿڪجي پيو هو. هن کي پاڻ کان وڌيڪ علي حسن جو اونو هو.

چوندا آهن، ته ”بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري“ سو پيءُ- پٽ کي بک بيحال ڪري ڇڏيو هو. هو هاڻي شهر ۾ داخل ٿي چڪا هئا، جتي هنن ٻنهي جو آڌر ڀاءُ اتي جي خاموش اُڀ کي پهچندڙ عمارتن ڪيو. هنن ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٿي ٽنگڻ چاهيو، هو خيالن جي دنيا ۾ گم سم، هلندا پئي ويا ته اوچتو ڪار جي هارن کين ڇرڪائي ڇڏيو ۽ پوڙهو غلام محمد پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ سندس هٿ معصوم علي حسن کان ڇڏائجي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو هُو ڪار جي پوئين حصي سان ٽڪرائجي سخت زخمي ٿي پيو.

ڪار چرڙاٽ ڪري بيهي رهي هئي؛ ان مان هڪ شخص، جيڪو لباس منجهان شاهوڪار ماڻهو پئي لڳو، ٻاهر آيو ۽ اُن يڪدم غلام محمد کي پنهنجي گاڏيءَ جي پوئين سيٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ علي حسن کي به پنهنجي ڀر ۾ ويهاري، ڊرائيور کي ڪنهن ويجهي اسپتال ڏانهن هلڻ لاءِ حڪم ڏنائين.

دراصل ڪار جو ڌڻي، وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، کيس ڏسندي، اسپتال جو پورو عملو حرڪت ۾ اچي ويو ۽ گهڻي جفاڪشيءَ کان پوءِ غلام محمد کي هوش ۾ آندائون. هوش ۾ اچڻ سان ئي غلام محمد هيڏانهن هوڏانهن اکيون گهمايون. کيس علي حسن جي تلاش هئي. سندس ائين نهارڻ تي اتي موجود نرسن، غلام محمد کي ٻڌايو ته ”اوهان جو پٽ، خيريت سان آهي ۽ هينئر مير صاحب کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو آهي.“

ٿوري دير کان پوءِ علي حسن ۽ مير صاحب، غلام محمد وٽ آيا ۽ کانئس طبيعت جي باري ۾ پڇيائون. اُن گهڙيءَ غلام محمد نهايت ٿورائتين نظرن سان مير صاحب کي ڏسي رهيو هو ۽ بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڪنڌ جي ڌوڻ سان پنهنجي چڱڀلائيءَ جو اظهار ڪري رهيو هو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ غلام محمد بلڪل صحتيات ٿي ويو ۽ کيس اسپتال مان موڪل ڏني ويئي، مير صاحب، هڪ خدا ترس ماڻهو هو، جنهن غلام محمد کي پنهنجي باغ ۾ مالهي ڪري رکيو ۽ علي حسن کي هڪ ويجهي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو.

هڪ ڏينهن غلام محمد، مير صاحب کي پنهنجي اندر جي آس کان آگاهه ڪيو. مير صاحب کيس دلداري ڏيندي چيو ته ”تون پرواهه نه ڪر، تنهنجو ڇوڪرو پڙهي وٺي ته پوءِ کيس مان نوڪري وٺرائي ڏيندس.“

آخر اهو ڏينهن به آيو، جڏهن علي حسن سيڪنڊ ڊويزن ۾ انٽر پاس ڪئي. علي حسن جي پاس ٿيڻ تي، غلام محمد، وري به يادگيري ڏيارڻ لاءِ مير صاحب کي ٻيهر عرض ڪيو، تنهن تي مير صاحب کيس چيو ته هاڻي گريجوئيشن ڪري وٺي ته مان کيس نوڪري وٺائي ڏيندس.“

غلام محمد کي، مير صاحب جي اُن دلاسي ۽ ڳجهارت ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ مايوس ٿيڻ لڳو. هن سمجهيو ته شايد مير صاحب مون کي ٺلها دلاسا پيو ڏئي. پر وري به صبر کان ڪم وٺي، ٻيهر وقت جو انتظار ڪرڻ لڳو.

هاڻي علي حسن، گريجوئيشن به ڪري ورتي هئي. غلام محمد هاڻي آس نراس جي ٻه واٽي تي منجهي بيهي رهيو. هن ۾ هاڻي همت نٿي ٿي ته هو مير صاحب کي وري عرض ڪري! پر وري به ڪجهه سوچي، حوصلو رکي، مير صاحب کي چيائين، مير صاحب، ٽيهر کيس جواب ڏنو ته ”هاڻي فقط ايم. اي ڪري وٺي ته مان کيس سُٺي نوڪري ڏياريندس.“

غلام محمد وري به مير صاحب جي ان جواب تي مايوس ٿي ويو هو ۽ ان ٿڪائيندڙ عرصي کيس جهوري وڌو هو ۽ هو بيمار رهڻ لڳو. کيس پنهنجي، جيئري ئي پٽ جو مستقبل اونداهو نظر اچڻ لڳو ۽ مير صاحب جي دلاسن مان مطمئن نه ٿيو. آخرهڪ ڏينهن، هو آخري اسٽيج تي اچي پهتو. مير صاحب کي جڏهن خبر پئي ته غلام محمد جو حال هاڻي پورو آهي، تڏهن کيس پنهنجي فلسفي کان آگاهه ڪيائين ته مان جيڪڏهن توکي اهي دلاسا نه ڏيان ها، ته تنهنجو پٽ اڳتي پڙهي نه سگهي ها ۽ نتيجو اهو نڪري ها، جو هڪ معمولي ملازم ٿي رهجي وڃي ها. منهنجي نيت اِها نه هئي، مون ته هن کي اڃا به اڳتي ڪرڻ پئي چاهيو. هاڻي علي حسن کي منهنجي سفارش جي ڪا به ضرورت نه آهي، هو هاڻي ايترو ته هوشيار ٿي ويو آهي، جو پاڻ ئي ڪا سٺي نوڪري وٺي سگهي ٿو.

مير صاحب جي اها ڳالهه ٻڌي، غلام محمد جي مُنهن تي هڪ مرڪ موٽي آئي ۽ سندس وجود هڪ طرف ڍرڪي پيو.

]ماهنامه ”گل ڦل“ جون 1987ع[