هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226335   ڀيرا پڙهيو ويو

تنهنجي مهرباني!


قاسم کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. سندس ذهن ۾ عجيب غريب خيال اچي رهيا هئا. هن کي پنهنجي دوست مُراد مان اهڙي اميد نه هئي، ته هُو اهڙو بي مروت به آهي ۽ اهڙي بي مروتي سان کيس لوڌي ڪڍندو. هو ته سندس گهر صرف ٽي وي ڏسڻ ويو هو. ان گهڙيءَ هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا. هن کي ائين لڳو، ڄڻ هن دنيا ۾ هو هڪ بيڪار ۽ بي صلاحيت ڇوڪرو آهي.

قاسم فيصلو ڪري ڇڏيو ته چاهي ڇا به ٿي پوي. هو مراد کي هڪ ڏينهن ضرور وڏو ماڻهو ٿي ڏيکاريندو ۽ پوءِ ڪکائين جهوپڙيءَ جي جاءِ تي هڪ محل نما بنگلو تعمير ڪري ڏيکاريندو ۽ اهڙيءَ طرح سندس گهر ۾ هڪ رنگين ٽيليويزن هوندو ۽ هڪ عدد سي ڊي پليئر پڻ هوندو، جو پوءِ هو پنهنجي مرضيءَ سان ڪابه فلم، آرام سڪون سان ڏسي سگهندو، جتي کيس ڪوبه لوڌڻ وارو نه هوندو!

قاسم هاڻي سخت محنت ڪرڻ لڳو هو، کيس وقت جو احساس ئي نه رهندو هو. هن جي جستجو ۽ جدوجهد فقط اها هئي ته هو علم حاصل ڪري، ڇاڪاڻ ته هُو سمجهي چڪو هو ته دنيا ۾ جيڪڏهن وڏو ماڻهو ٿيڻو آهي، ته فقط علم حاصل ڪجي، نه ته جيڪر زندگيءَ جو مقصد اجايو ٿيو وڃي. هونءَ به ڏاهن جو قول آهي ته ”وقت کي محفوظ ڪرڻ، وڏي اطاعت آهي، جيئن نتيجي وقت شرمسار نه ٿيڻو پوي!“

قاسم، رانديون- رونديون، سڀ گهٽائي ڇڏيون هيون. سندس هڪ جيڏا، سندس هن اوچتي تبديليءَ تي حيران ۽ پريشان ٿي ويا هئا، هو جڏهن به کيس راند لاءِ سڏڻ ويندا هئا، ته کيس پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مشغول ڏسندا هئا ۽ قاسم جي انڪار تي، مايوس ٿي موٽي ويندا هئا.

قاسم جي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي ڏسي، سندس وڏي ڀيڻ سندس ساٿ ڏيندي هئي؛ جيڪي گهر جا ٻاهريان ڪم، قاسم کي ڪرڻا پونداهئا، اهي قاسم جي ڀيڻ ٻين کان وٺندي هئي.

قاسم، تعليم جي هر ڏاڪي تي تيزيءَ سان چڙهندو ٿي ويو، سندس استاد به کيس تيزيءَ سان پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو ڏسي، سندس حوصله افزائي ڪندا هئا ۽ هو هر هڪ استاد جي نظر ۾ پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري چڪو هو.

قاسم جي ميٽرڪ جو نتيجو آيو ۽ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس خوشيءَ جي حد نه رهي هئي. سڄو گهر، سندس خوشين ۾ شريڪ هو، خاص طور تي سندس وڏي ڀيڻ جو چهرو چوڏهينءَ جي چنڊ جيان ٻهڪي رهيو هو.

اها حقيقت آهي ته محنت ۾ ئي عظمت لڪل هوندي آهي. اڄ قاسم، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي هئي ۽ آخر ان جو حوصلو کيس ملي ويو. هن ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪتابن ۽ گهر جي خرچ لاءِ هڪ اداري ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي؛ جتي کيس ڪاميابي حاصل ٿي. هن نوڪريءَ سان گڏوگڏ تعليم به جاري رکي ۽ اهڙيءَ طرح ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين پڻ پنهنجي پڙهائي جاري رکيائين.

جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، تيئن تيئن قاسم جا ماءُ- پيءُ ڪُراڙا ٿيندا پئي ويا، قاسم جي وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي چڪي هئي. شاديءَ جي ان گهڙيءَ قاسم، پنهنجي وڏي ڀيڻ کان روئي موڪلائي، دعائون ورتيون هيون.

اداري ۾ نوڪري ڪندي، قاسم کي پورا پنج سال ٿي چڪا هئا. سندس ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جو چرچو، وڌندي وڌندي، ان کاتي جي وزير تائين وڃي پهتو. آخر هڪ ڏينهن وزير صاحب کيس پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪيو. قاسم جي اندر داخل ٿيندي، وزير صاحب اٿي بيهي، سندس استقبال ڪيو ۽ کيس هڪ ڪاغذ هٿ ۾ ڏيندي چيو: ”مان تنهنجي ڪارڪردگيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان ۽ ان جي بدلي اڄ کان پوءِ تون پنهنجي اداري ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي هوندين.“ اهو ٻڌي قاسم جي خوشيءَ جي حد نه رهي ۽ هن ڌڻي سڳوري سان گڏ وزير صاحب جا پڻ ٿورا مڃيا.

قاسم اڃا وزير صاحب جي آفيس ۾ ئي بيٺو هو ته اوچتو آفيس جو در کليو ۽ مراد اندر داخل ٿيو. مراد کي ڏسندي، قاسم جي حيرت جي حد نه رهي ۽ هن مراد کي پهرين نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتو. مراد کي ائين تڪيندو ڏسي، وزير صاحب قاسم جي حيرانيءَ جو طلسم ٽوڙيو: ”هيءَ منهنجو ڪلرڪ آهي مراد، هن سان ملو!“

قاسم کي کن پل ۾ سڀڪجهه ياد اچي ويو ۽ نهايت وڏيءَ دل سان مراد سان ڀاڪر پائي مليو ۽ سندس مهرباني مڃيندي، چيائين: ”جيڪڏهن تون مون کي ٽي وي ڏسندي، لوڌي نه ڪڍين ها ته اڄ مان هن ماڳ تي نه پهچان ها!“

 

]ماهوار ”گل ڦل” سيپٽمبر 1991ع[