هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226290   ڀيرا پڙهيو ويو

روشـنـي


پريلَ جنهن مقصد هيٺ ڳوٺ ڇڏيو هو، تنهن ۾ کيس شهر ۾ به ڪاميابي نصيب نه ٿي هئي. دراصل هن پنهنجي لاڏلي پٽ وريام جي آئيندي کي بچائڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏيا هئا، پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو.

هو اڄ ڏاڍواُداس هو. بس کي گئريج ۾ بند ڪري، ٿڪل قدمن سان گهر موٽيو هو. هو اڃا گهر ۾ پيل ڇنل کٽ تي ويٺو ئي مس هو، ته دروازي تي سڏ ٿيو. دروازي تي پاڙيسري محمد خان بيٺل هو.

”پريل! ڳالهه ٻُڌ، پاڻ کي هتي پاڙي ۾ رهندي چڱو وقت ٿيو آهي، گهر ڀاتين وانگر رهندا ٿا اچون، پر تو واري نينگر منهنجي پُٽ جا به لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ هو اڄ به گهر کان غائب آهي. مون کي خبر پئي آهي ته هو تنهنجي پُٽ سان گڏجي پاڙي جي بيواهه مائي راستيءَ جي ڪڪڙ چورائي، وڪڻي، سئنيما ڏسڻ ويا آهن. ادا ڀلا تنهنجي مون سان ڪهڙي دشمني آهي جو پنهنجي نينگر کي جَهلين نٿو؟“

محمد خان بنا ڪنهن هٻڪ جي اها سڄي ڳالهه چئي ويو، جو کيس ڏاڍي ڪاوڙ هئي.

”ادا سائين، ٿورو ٿڌو ٿي، ڪهڙو مائٽ چاهيندو ته سندس اولاد کري؟ باقي مون وارو ڇوڪرو اچي ته آئون ڳالهايانس ٿو، وري توکي شڪايت جو موقعو نه ملندو“. پريل نرمائيءَ سان محمد خان کي هٿ ٻڌندي چيو.

پريل جي گهر ۾ داخل ٿيندي ئي سندس گهر واريءَ حليمان ان گهڙيءَ کيس سواليه نظرن سان ڏسندي سمجهي ويئي هئي ته اڄ وري پريل سان، ڪنهن وريام جي شڪايت ڪئي آهي. هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجي لاڏلي پٽ وريام لاءِ دعا گهرڻ لڳي. آخر ماءُ جو هئي.

سج، پنهنجي آخري ڪَني به لڪائي چڪو هو، پر وريام اڃا گهر نه موٽيو. هڪ طرف پريل ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لڳو پيو هو ته ٻئي طرف سندس ماءُ پريشان هئي. ٻنهي کي وريام جي اوسيئڙي ۾ نه ننڊ پئي آئي ۽ نه دل کي سُڪون! اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي. پريل ڪاوڙ ۾ زمين تي پير ڇنڊيندي دروازو کوليو. سامهون وريام بيٺو هو، وريام کي ڏسندي، پريل پنهنجو پاڻ تي ضابطو نه ڪري سگهيو ۽ وريام کي لتن ۽ مُڪن سان اچي ورتائين. اهو  منظر ڏسي ماءُ جي ممتا کان رهيو نه ٿيو، هوءَ پُٽ کي بچائڻ لاءِ ٻنهيءَ جي وچ ۾ ڀت بڻجي بيهي رهي. ڪاوڙ ۾ انڌي ٿيل پريل، حليمان کي به نه بخشيو. جيجل ماءُ کي مار کائيندو ڏسي وريام هاڻي زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو، جيئن پاڙي وارا سندس دانهون ٻڌي، کيس ۽ سندس ماءُ کي بچائين. آخر وريام جي دانهن تي پاڙي جي ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي  ويا ۽ زور زور سان دروازي کي کڙڪائڻ لڳا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو دروازو ڀڃي اندر داخل ٿي ويندا. ان صورتحال کي ڏسندي، پريل ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ يڪدم دروازو کولي، ٻاهر نڪري ويو.

وريام کي پهريون ڀيرو چڱي مار ملي هئي. سو سندس سَنڌ سَنڌ سور ڪري رهيو هو، جنهن سبب هو پاسا ورائي رهيو هو. کيس ننڊ نه پئي آئي. گهڙيءَ پل لاءِ هن سوچيو ته هن جي ڪري سندس ماءُ اجايو مار کاڌي هئي. ائين سوچيندي، وريام جو ضمير جاڳي پيو ۽ هن پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته آئينده هو ڪڏهن به چوريون نه ڪندو ۽ نه ئي بُرن جي صحبت ۾ اٿندو ويهندو.

صبح ٿيندي ئي هو پيءُ جي پيرن تي ڪِري معافي وٺڻ لڳو ۽ ماءُ جي شفقت ڀرئي سيني سان چنبڙي روئڻ لڳو. هن جي پيءُ کي به پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ هن سندس ماءُ کان پڻ معافي گهري ۽ وريام کي به پيار سان سمجهايائين. آخرڪار هو پيءُ ۽ ماءُ جي چوڻ تي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو.

وقت گذرندي، دير ڪانه ٿي لڳي. جنهن پاڙي کي وريام لاءِ شڪايت هئي. سي اڄ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀري رهيا هئا ۽ هو تعليم جي ميدان ۾ ڪافي اڳتي نڪري چڪو هو. حقيقت ۾ وريام کي به هاڻي خبر پئي ته علم، روشني آهي، جنهن سان سندس آئيندو روشن ٿيندو.

]ماهوار ”گل ڦل“ ڊسمبر 1988ع[