هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226332   ڀيرا پڙهيو ويو

غريب پيءُ


ننڍڙي شبيرَ، پري کان پيءُ کي ايندو ڏسي، راند ڇڏي ڏني ۽ ڊوڙندو پيءُ کي چنبڙي ويو. پڻس به پيار مان ٻئي ٻانهون کولي، شبير کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهلي، ڪڇ تي کنيو ۽ شفقت سان ٻه ٽي مِٺيون ڏنيون.

”بابا، اڄ سائينءَ پئي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي في نه کڻي آئين ته تنهنجو نالو اسڪول مان ڪٽي ڇڏيندس. ”

شبير، پيءُ کي استاد جي ڌمڪي واري شڪايت کان آگاهه ڪندي چيو. شبير جي ان ڳالهه تي هو ڪنهن اونهي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ کيس ڪوبه جواب ڏيئي نه سگهيو ۽ ماٺڙي ڪري کيس ڪڇ تان لاهي ڇڏيائين ۽ ٿڪل قدمن سان گهر اچي پئجي رهيو. هن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيو. مهانگائي واري هن دور ۾ هڪ غريب پيءُ جي لاءِ  اهو ڏاڍو مشڪل هو ته هو پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان ڪيئن آراسته ڪري؟ دراصل هو هڪ اهڙي اداري ۾ ملازمت ڪندو هو، جتي نهايت معمولي پگهار هئي. هن جي دل ۾ به غلط قسم جا اُڌما جاڳندا هئا ته ڪاش! هو جيڪڏهن ڪنهن اهڙي اداري ۾ نوڪري ڪري ها، جتي رشوت هلندي هجي ها ۽ هو به رشوت وٺڻ کان انڪار نه ڪري ها. هو وساري ويٺو هو ته رشوت وٺڻ حرام آهي ۽ اها گهڻين خرابين جي جڙ آهي، پر هن سوچيو ته شايد ائين هو پنهنجي اولاد جي هر جائز ۽ ناجائز خواهش جو پورائو ڪري سگهي. هن کي پنهنجن ٻارن جو مستقبل اونداهو نظر پئي آيو. هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو،  اهڙي حالت ۾ هو ڇا ٿي ڪري سگهيو. مهيني جي پگهار فقط پيٽ ڀرڻ ۾ ئي پوري ٿي ويندي هيس، پر جيڪڏهن خدانخواسته گهر ۾ ڪو ڀاتي بيمار ٿي پيو ته ان لاءِ دوا جا به وٽس پئسا ڪونه هوندا هئا. لاچار کيس ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻو ٿي پيو. نتيجي ۾ ڪو کيس جواب ڏيئي ڇڏيندو هو، ته ڪو مٿس ترس کائي، ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪري ڇڏيندو هو. ائين آخر حياتيءَ جو جبل جهاڳڻ، هڪ حساس پيءُ جي لاءِ نهايت ڏکيو ٿي پيو هو.

غريبيءَ جي اُن گهُٽ جهڙي ماحول ۾ سندس ٻار، بنيادي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويا ڇو جو شبير ۽ منير جا نالا، هيڊ ماستر فيون نه ڀرڻ سبب رجسٽر تان ڪَٽي ڇڏيا. ان کان پوءِ هو لوفرن وانگر آوارا ٿي هيڏانهن-هوڏانهن ڀٽڪي رهيا هئا.

هڪ ڏينهن کيس خبر پئي ته شبير هڪ هوٽل تي بيري وارو ڪم پيو ڪري. کيس اها خبر پهاڙ جيان محسوس ٿي ۽ کيس ائين لڳو ته هو بيوسيءَ جي ڪري سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آهي. سندس گهر وارن کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن ائين نه ڪجي ها ته صائمه جي دوا جا پئسا ڪٿان اچن ها. بهرحال، شبير جي هوٽل تي ڪم ڪرڻ جي ڪري، صائمه جو علاج به جاري رهندو آيو ۽ گهر جون حالتون به ڪجهه سُڌري رهيون هيون، پر ان ساڳي جاءِ تي هڪ حساس پيءُ جي دل جي دنيا اُجڙي رهي هئي. کيس ڏک فقط اهو هو ته سندس اولاد، غربت جي گهاڻي ۾ پيسجي، تعليم کان محروم رهجي ويو.

آخر هڪ اهڙو به وقت آيو، جو سندس سامهون روشنيءَ جو هڪ ڪِرڻو ڦُٽي نڪتو. حڪومت ”نئين روشنيءَ“ جي نالي سان اسڪولن جي هڪ لاٽ روشن ڪئي، جنهن ۾ غريب ٻارن ککي بنا ڪنهن فيءَ جي، ڪتاب ۽ پڙهائيءَ جو ٻيو خرچ به حڪومت پئي ڀريو، جنهن جو فائدو وٺندي، هن شبير ۽ منير کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، جيڪي پوءِ منزلون طئه ڪندا، تعليم جي ميدان  ۾ اڳتي وڌندا ويا.

اڄ هو ڏاڍو خوش هو. سندس گهر ۾ به چئني پاسي روشني ئي روشني ڦهلجي ويئي هئي. کيس خوشي اها هئي، جو سندس دل جي آس قدرت پوري ڪري ڇڏي هئي. هن کي خبر پئجي وئي هئي ته الله وڏو آهي، مايوسي ۽ نا اميدي گناهه آهي.