هڙ ۾ آئيندو

ڪتاب جو نالو هڙ ۾ آئيندو
ليکڪ فقير شهمير چانڊيو
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-047-0
قيمت 60    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

14 November 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     226267   ڀيرا پڙهيو ويو

هَــڙَ ۾ آئيندو


شهر، بتين سان روشن ٿيندي ئي گلاب جو پيءُ، ڪِليءَ ۾ ٽنگيل هَـڙَ کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويندو هو ۽ پوءِ رات جو ڪيڏيءَ مهل گهر واپس موٽندو هو، سا گلاب کي به خبر ڪانه پوندي هئي. اهو سلسلو، گلاب جي پيءُ، گلاب کي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پوءِ شروع ڪيو هو.

گلاب ان باري ۾ پنهجي امڙ کان سدائين پيو پُڇندو هو ته اُن هڙ ۾ ڇا آهي، جيڪا بابو رات ٿيندي ئي ڪِليءَ مان لاهي، ٻاهر کڻي هليو ويندو آهي؟ گلاب جي ان سوال تي،گلاب جي ماءُ پهرين ته ٿورو پريشان ٿي ويندي هئي پر پوءِ نٽائي چوندي هئي: ”اَبا، اُن ۾ تنهنجي پيءُ، تنهنجو آئيندو سانڍي رکيو آهي، هُو توکي وڏو ماڻهو بنائڻ ٿو چاهي.“

ماءُ جي اُن ڳجهارت جهڙي جواب تي گلاب جي ڪچڙي ذهن ۾ عجيب ۽ غريب ڳالهيون ڦرڻ لڳنديون هيون ۽ کيس پنهنجي پيءُ جي حال تي ترس ايندو هو. گلاب جو پيءُ هڪ جڏڙو ماڻهو هو. گلاب سوچيندو هو ته منهنجي پيءُ جي هڪ ٻانهن ڀڳل آهي،آخر هو هڪ ٻانهن سان ڪهڙو پورهيو ڪندو هوندو ۽ ان هڙ ۾ منهنجو آئيندو، بابي ڪيئن سانڍي رکيو آهي؟ مطلب ته اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچيندي، گلاب جو ننڍڙو ذهن ٿڪجي پوندو هو ۽ پوءِ ڪنڌ کي ڌوڻي، هو سوچڻ ئي ڇڏي ڏيندو هو.

گلاب شروع شروع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيندي ئي دل لڳائي پڙهڻ لڳو، پر پوءِ چوندا آهن ته صحبت کاري يا سنواري! ان چوڻيءَ وانگر گلاب به انور جي بُري صحبت ۾ اچي، پاڙي ۾ تازو کليل ويڊيو گيمز ۾ وقت ضايع ڪرڻ لڳو ۽ ائين پڙهائيءَ ۾ پوئتي پوندو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو گلاب جي سڄي سال جي ڪمائي ڪُٽ ٿي ويئي ۽ هو فيل ٿي پيو.

گلاب جي پيءُ کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هُو اُن صدمي ۾ بيمار ٿي پيو. گلاب جي ماءُ، وڏي حوصلي واري هئي، اُن گلاب کي سندس پيءُ جي خراب ٿيندڙ حالت کان آگاهه ڪيو ۽ چيو:  ”ابا، تنهنجي باري ۾ تنهنجي پيءُ پنهنجي اندر ۾ الائي ڪيترا ارمان سانڍي رکيا آهن، پر تنهنجي ناپاس ٿيڻ تي کيس بيمار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو کَٽ تي پيو آهي!“ ماءُ کيس پاٻوهه سان ڳراٽڙي پائي، وري چوندي هئي: ”پُٽَ، ائين نه ڪر، پاڻ غريب ماڻهو آهيون،آخر اڄ تون ننڍو آهين، سڀاڻي وڏو ٿيندين، پوءِ وڏو ٿي آخر ڇا ڪندين؟ ائين ته تنهنجو پيءُ به ننڍو هو، جو ان جي پيءَ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو هو، پر پوءِ هو الائي ڇونه پڙهي سگهيو، اها مون کي به خبر ڪانهي، پر اڪثر مون کي چوندو رهندو آهي ته مان ته نه پڙهيس، پر پُٽ کي ضرور پڙهائيندس.  جيڪڏهن تون به نه پڙهندين ته پوءِ شايد تنهنجو پيءُ ان صدمي ۾...“

گلاب جي ماءُ وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي ۽ سندس اکيون ڀرجي آيون.

گلاب اُن گهڙيءَ ماءُ جي هدايت ۽ نصيحت غور سان ٻُڌندو رهيو، پر گلاب ماءُ جي نصيحت هڪڙي ڪن کان ٻُڌي، ٻئي مان ڪڍي ڇڏي.

گلاب ويڊيو گيم کان سواءِ پاڙي کان ٻاهر به رهڻ لڳو ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ لڳو. گلاب جي پيءُ جي بيماريءَ گهر جي ڀاتين کي ويتر بُکن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هڪ رات گلاب جيئن رُلي رُلي گهر موٽيو ته گهر ۾ سواءِ بيمار پيءُ جي، ماءُ کي نه ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پيءُ کان ماءُ بابت پُڇيائين، جنهن چيس ته ”ابا! تنهنجي ماءُ، اڄ کان وٺي مون واري ڊيوٽي سنڀالي آهي ۽ هَڙ کڻي تنهنجو آئيندو سنوارڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويئي آهي، ائين هوءَ منهنجي خواهش جي پورائي ڪري رهي آهي. شايد هوءَ مون کي ۽ توکي بچائڻ چاهي ٿي.“

گلاب، پنهنجي پيءُ جو جواب ٻُڌي، حيرانيءَ مان اُن ڀِت طرف ڏٺو، جنهن ڀِت ۾ ڪِليءَ تي هَڙَ ٽنگيل هئي. ڪِليءَ ۾ هڙ نه ڏسي،گلاب جي اندر ۾ آنڌمانڌ ٿي پئي ۽ هو هڙ جي ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ ماءُ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ماءُ جي اوسيئڙي ۾ دَر ۾ اکيون کُپائي ويٺل گلاب جون اکيون ننڊاکڙيون ٿيڻ لڳيون ۽ هو هَڙ جي راز تان پردو کڻي نه سگهيو. ويٺي ويٺي ليٽي پيو ۽ ننڊ ۾ هو خوابن جي جهان ڏانهن هليو ويو.

صبح جو گلاب کي ڪير ڌونڌاڙي رهيو هو ۽ هن اوچتو ننڊ مان جاڳي ڏٺو ته سامهون سندس ماءُ بيٺي هئي ۽ چئي رهي هئي:

”ڇو پُٽ! اڄ اسڪول ناهي وڃڻو ڇا؟“

”هون... هان... وڃڻو آهي“ گلاب اکيون مهٽيندي جواب ڏنو.

”ته پوءِ پُٽ جلدي ڪر، نيرن تيار آهي“. گلاب جي ماءُ ائين چئي هلي ويئي.

گلاب رَليءَکي پري هٽائي، هٿ منهن ڌوئي اچي تڏي تي ويٺو، جتي اڳ ئي نيرن تيار پئي هئي. اڄ نيرن سان گڏ مکڻ پڻ رکيو هو. گلاب کي اهڙي ماني ڪڏهن به نصيب نه ٿي هئي. هو ماني به کائيندو ويو ۽ سوچيندو به ويو. راتوڪو هڙ وارو سڄو منظر سندس اکين اڳيان اڀرڻ لڳو ۽ پوءِ هو ماٺ ميٺ ۾ نيرن ڪري، ڪتابن جو ٿيلهو ڪُلهي ۾ وجهي، سڌو اسڪول هليو ويو.

اسڪول ۾ به هن جو پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان نه رهيو ۽ هو فقط هڙ جي باري ۾ ئي سوچيندو رهيو. آخر انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اڄ ڪنهن به طريقي سان هُو پنهنجي ماءُ کي ڏسندو ته هوءَ بابي واري هڙ ڪيڏانهن ٿي کڻي وڃي.

”يار! ڪيڏانهن گُم ٿي وئين؟“

اوچتو گلاب جي هم ڪلاسي انور کيس ڇرڪائي ڇڏيو ۽ هو خيالن جي دنيا مان موٽي آيو.

”ڇو، ڪا خاص ڳالهه آهي؟“ گلاب انور کان پڇيو.

”اڄ تيار رهجئين، سانجهيءَ جو ميلي ڏسڻ هلنداسين، جيڪو راڻي باغ ۾ لڳو آهي!“ انور پنهنجي پروگرام کان گلاب کي آگاهه ڪندي چيو.

”نه يار، اڄ مان نه هلي سگهندس، سڀاڻي هلنداسين.“ گلاب انڪار ڪندي وراڻيو.

”اڙي چريا، اڄ سانجهيءَ ئي ته مزوآهي. ٻُڌو اٿم ته ميلي ۾ ايران کان ڪرتبن جا ڪوڏيا آيا آهن، جيڪي سڀاڻي هليا ويندا. پوءِ  باقي ميلي ۾ ڇا هوندو، سواءِ موت جي کوهه جي! سو ته منهنجو اڳ به ڏٺل آهي. هونءَ آءٌ ته اڪيلو به هليو وڃان، پر تو يار کان سواءِ مزو نه ايندو، اڄ توکي ڪيئن به ڪري مون سان گڏ هلڻو آهي“.

انور گلاب تي زور ڀريندي چيو.

گلاب، انور جي ضد ڪرڻ ۽ منٿون ڪرڻ تي ان ڏينهن هڙ جي راز تان پردو کڻڻ  وارو خيال دل مان لاهي، رات ٿيندي ئي انور سان گڏ ميلو ڏسڻ هليو ويو. ميلي ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان لڳي پيئي هئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ سڄو شهر ميلي ۾ اُٿلي پيو آهي! گلاب وائڙن وانگر حيرانيءَ سان، مختلف سجايل دڪانن ڏانهن ڏسندو ويو، ڇاڪاڻ ته هن اڳ ڪڏهن به ميلو نه ڏنو هو. هو آخر هڪ دڪان تي اچي بيهي رهيو، جتي ماڻهن جي گهڻي رش هئي. ان دڪان تي وڏي سائيز جي ٽي.وي رکيل هئي، جنهن جي اسڪرين تي ايران جو ڪرتب ڏيکاريندڙ جَٿو عجيب ۽ غريب ڪرتب ڏيکاري رهيو هو.

اوچتو سندس ڀر ۾ بيٺل هڪ شخص کي ڪنهن فقيرياڻيءَ صدا هنئي:

”سيٺ! رب جي نانءَ تي..“.

گلاب ان فقيرياڻيءَ جي آواز تي ڇرڪ ڀري ڏٺو ته ڀر ۾ سندس جيجل ماءُ فقيرياڻيءَ جي چَتيون لڳل لباس ۾ بيٺي هئي. گلاب تي هاڻي اُن هڙ جو راز کلي پيو هو، جيڪو سندس پيءُ، سندس آئيندو سنوارڻ لاءِ هڪ ڀڳل ٻانهن جو فائدو وٺي، رات جي تاريڪيءَ ۾ شهر ۾ پنڻ لاءِ، اُهو فقيراڻو لباس پائي پنندو هو. اڄ هو پنهنجي ماءُ کي ڏسي رهيو هو، جيڪا پڻ سندس پيءُ جي بيماريءَ، بک ۽ سندس تعليم لاءِ ٻين اڳيان هٿ ٽنگي صدا هڻي رهي هئي.

گلاب، ان منظر کي ڏسي، پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ عهد ڪري ڇڏيائين ته هو ڪڏهن به پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻ نه ڏيندو ۽ سڀ اجايا ڪم ڇڏي، پڙهائيءَ طرف ڌيان ڏيندو ۽ پڙهائيءَ کان پوءِ محنت مزدوري ڪري پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪندو.

]ماهوار ’گل ڦل‘ فيبروري 1995ع[