ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     837144   ڀيرا پڙهيو ويو

ايلفريڊ نوبل (Alfred Nobel) 1833ع – 1894ع


سويڊن جو هي انجنيئر، ڪيميائي تجربن جو بيحد شوقين هو. هن پوري حياتي شادي نه ڪئي ۽ سموري ڄمار ڌماڪيدار شين کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ۾ گذاري ڇڏي. هن نائٽرو گليسرين تي ڪيترائي تجربا ڪيا ۽ ان کي محفوظ ڪيو. هٿيارن ۽ ٻين مقصدن لاءِ هن نيون ڌماڪي واريون شيون ايجاد ڪيون. نوبل پرائيز جو باني به هي شخص ئي آهي.

نوبل انعامَ جو نالو ڪنهن نه ٻُڌو هوندو! ان جو باني ايلفريڊ نوبل (Alfred Noble) سويڊن ملڪ جو هڪ انجنيئر هو، جنهن اسٽاڪ هوم ۾ 21 آڪٽوبر 1833ع تي جنم ورتو. هن جو پيءُ به هڪ انجنيئر هو، جيڪو 1830ع ۾ روس جي شهر سينٽ پئٽرسبرگ ڏانهن لَڏي ويو هو. هيءُ شهر هاڻي لينن گراڊ جي نالي سان مشهور آهي.

ايلفريڊ جي پيءُ امونل نوبل کي ڌماڪيدار شين سان ڏاڍي دلچسپي هئي، جنهن کي اُن وقت ڪوبه نه سُڃاڻندو هو. هو اهڙيون شيون تيار ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن اهڙو اتفاق ٿيو، جو سندس هڪ تجربو ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ زبردست ڌماڪو ٿيو، جنهن آسپاس جي سمورين جاين کي ڌوڏي ڇڏيو. انهيءَ واقعي کان پوءِ ماڻهو کانئس ڇرڪڻ لڳا، جنهن ڪري هي خاندان پنهنجي وطن کان لَڏڻ تي مجبور ٿيو.

امونل نوبل پاڻيءَ ۽ خشڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيتريون ئي ڌَماڪيدار شيون جوڙي ورتيون. هو ٿُلهي ۽ بي ڊَولي قسم جو هڪ تارپيڊو ٺاهڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو هو. هُن اِهي سموريون شيون روس جي حڪومت کي ڏيکاريون ته کيس جنگي مقصدن لاءِ ڪجهه اهڙا هٿيارَ تيار ڪرڻ جو ٺيڪو ملي ويو. ٿوري عرصي ۾ ئي هُن نيوا ندي تي پنهنجو هڪ ڪارخانو قائم ڪري ورتو.

ايلفريڊ نوبل جو ننڍپڻ گهڻُو وقت بيماريءَ ۾ گذريو. نَون سالن جي عمر ۾ ننڍڙي ايلفريڊ کي پُٺيءَ جي ڪَنڊي ۾ ڪا تڪليف ٿي، جنهن ڪري سندس سمورو وقت سمهندي گذرندو هو. اِنهيءَ بيماريءَ هوندي به سندس اندر ۾ انجنيئر ٿيڻ جو شوق رهندو آيو، ڇو ته اِها ڳالهه کيس پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. جڏهن سندس صحت سُڌري ته هو پنهنجي پيءُ جي ڪارخاني ۾ ڪَمُ سکڻ لڳو.

1850ع ۾ جڏهن نوبل جي عمر صرف سورهن سالَ هئي ته هو آمريڪا هليو ويو، جتي پنج سالَ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سينٽ پيٽرسبرگ واپس موٽي آيو. هاڻي کيس مڪينيڪل (مشيني يا ڪَل- پُرزن جي) انجنيئرنگ سان وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿي وئي هئي. ان سان گڏوگڏ هو ڌماڪيدار شين جا تجربا به ڪندو رهيو، ڇو ته سندس گهر جو ماحول به اهڙي قسم جو هو.

هن کان اڳ 1846ع ۾ هڪ اطالوي (اٽالين) سائنسدان ۽ ٽورن يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽري (علمِ ڪيميا) جي پروفيسر سوبريرو  هڪ اهڙو ڪيميائي مادو ڳولي لڌو هو، جيڪو ايلفريڊ جي عالمي شهرت ۽ حد کان وڌيڪ دولت ڪمائڻ جو سبب بڻيو. سوبريرو، ’نائٽرو گليسرين‘ نالي هڪ وڏو ڌماڪو ڪندڙ شيءِ تيار ڪرڻ جي ترڪيب معلوم ڪري ورتي هئي.

ان کان پوءِ ڳچ عرصي تائين نائٽرو گليسرين، جنهن جي شڪل گهاٽي تيلَ جهڙي هئي، تحقيقاتي مرحلن مان گذرندي رهي. ڊاڪٽرَ ان کي ٿوري ٿوري مقدار ۾ مٿي جي سور ختم ڪرڻ ۽ دل جي هڪ بيماريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا هئا، پر امونل نوبل سمجهي ويو ته هيءَ ايجاد واپاري بنيادن تي ڏاڍي نفعو ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. انهيءَ وقت ۾ ڌماڪا ڪرڻ ۽ سرنگهون بڻائڻ لاءِ بارود ڪتب آندو ويندو هو، پر نائٽرو گليسرين ان جي ڀيٽ ۾ ڏهه ڀيرا وڌيڪ طاقتور هئي. امونل نوبل پنهنجي پٽ جي مدد سان نائٽرو گليسرين ننڍي پئماني تي ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏي.

ايتري محنت کان پوءِ به نوبل خاندان کي روس ۾ رهڻ راس نه آيو ۽ هي ڪٽنب 1859ع ۾ اسٽاڪ هوم موٽي ويو. اتي پيءُ پٽ ٻئي نائٽرو گليسرين تي تجرباتي ڪَمُ ڪندا رهيا. ٻن سالن ۾ هنن هڪ ڌَماڪيدار شيءِ وڏي پئماني تي تيار ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو ۽ ڪجهه يورپي واپارين جي مدد سان انهن اسٽاڪ هوم کان ٻاهر انهيءَ جو هڪ ڪارخانو قائم ڪيو. 1862ع ۾ نائٽرو گليسرين جي تياري شروع ٿي وئي ۽ اها ’نوبل جو ڌماڪيدار تيل‘ نالي سان مشهور ٿي وئي.

سڄي دنيا جي انجنيئرن اُن طاقتور ڌماڪي واري شيءِ پاسي ڌيان ڏنو، ڇو ته مضبوط جابلو ٽَڪريون به انهيءَ جي استعمال آڏو سٽ جهلي نه پئي سگهيون. جبل مان رستا ۽ غارون ٺاهڻ لاءِ اهڙي شيءِ جي استعمالَ کان سواءِ ٻيو ڪو بهتر طريقو نه ٿي سمجهيو ويو، ڇو ته اُها گهڻي مهانگي به ڪا نه هئي، پر نائٽرو گليسرين جو هڪ وڏو نقص اهو هو، جو ڪيترن ئي ساهوارن ۽ ٻئي چوپائي مالَ لاءِ نقصانڪار هئي.

نائٽرو گليسرين تي اعتبار نه پئي ٿي سگهيو، ڇو ته اها ٿورڙي لوڏي سان ڦاٽي ٿي سگهي ۽ ٻيو ته اِها پاڻياٺ جي صورت سبب هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي پهچائڻ ۽ هڪ هنڌ گهڻي وقت تائين گڏ ڪري رکڻ ڏاڍو ڏکيو عمل هو. انهن سببن ڪري ڪڏهن ڪڏهن وڏا حادثا به پيش پئي آيا. هڪ ڀيري پاناما ويجهو سامونڊي جهاز ڦاٽي پيو، جنهن ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيو. تنهنڪري ئي ڪجهه ملڪن نائٽرو گليسرين گهرائڻ يا گهڻي انداز ۾ استعمال ڪرڻ تي بندش مَڙهي ڇڏي هئي.

نوبل ڪٽنب به اهڙي قسم جي حادثن کان نه بچي سگهيو. هڪ ڌماڪي سندن ڪارخاني کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ايلفريڊ نوبل جو ننڍو ڀاءُ امئيل به ان ۾ فوت ٿي ويو. ايلفريڊ کي ڏاڍو دلي رنج پهتو، پر هو وڏيءَ همت وارو انسان هو. هُن تجرباتي سلسلو جاري رکيو ۽ جڏهن قانوني طور کيس اسٽاڪ هوم ۾ ڌماڪيدار شين ٺاهڻ جي اجازت نه ملي ته هن شهر جي ويجهو هڪ ڍنڍ ۾ وڏي ٻيڙي ڪرائي تي وٺي، پنهنجو هڪ تجربيگاهه قائم ڪيو. حادثا انهيءَ ٻيڙي واري تجرباتي مرڪز تي به پيش ايندا رهيا.

اُنهيءَ وقت تائين نائٽرو گليسرين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور ٿي وئي هئي. 1869ع ۾ اسٽاڪ هوم اندر هڪ ڪارخانو قائم ٿيو. اُن بعد نائٽرو گليسرين جرمني ۽ پوءِ ناروي ۾ به تيار ٿيڻ لڳي. ان کان اڳ 1866ع ۾ ئي ايلفريڊ نوبل سائنسي شعبي ۾ واکاڻ جهڙو وڏو ڪم ڪيو، جنهن کاڻين کوٽڻ، واپارَ ۽ نئين تهذيب کي ترقي ڏيڻ ۾ ڏاڍي مدد ڪئي. انهيءَ سال نوبل نائٽرو گليسرين ۾ هڪ اهڙي ڦيرگهير به ڪئي، جنهن سان اُها اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ بڻجي پئي.

نوبل کي انهيءَ کوجنا ۾ چڱو وقت لڳو ۽ سخت محنت ڪرڻي پئي. هن ڍَنڍ هيٺان اهڙي مِٽي ڳولي لڌي، جنهن تي گِهمَ تڪڙو اثر پئي ڏيکاريو. نائٽرو گليسرين سان اهڙي مِٽي ملائي وئي. ان طريقي سان نائٽرو گليسرين جي طاقت گهٽجي وئي، يعني اُها بارود جي ڀيٽ ۾ فقط ٽيڻ تي ڌماڪيدار وڃي بچي، پر حادثن جو خطرو ڏاڍو گهٽجي ويو. هاڻي ان هلڪي چرپر يا لَوڏي سبب ڀڙڪو نه ٿي کاڌو.

نوبل اُن مرڪب جو نالو ’ڊائنامائيٽ‘ رکيو، جيڪو هڪ يوناني لفظ ’ڊائنامس‘ تان ورتل آهي، جنهن کي قوت يا طاقت طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ نوبل گِهميل مِٽيءَ بَدران ڪاٺَ جو ٻُورو ڪتب آندو. ڪاٺ جو ٻُورو اڄ ڏينهن تائين ڪم آندو پيو وڃي. ڊائنامائٽ جي مشهوري جلد ئي چئني پاسي ڦهلجي وئي، ڇو ته ان جي استعمالَ يا گڏ ڪري رکڻ ۾ ڪنهن قسم جو خطرو نه هو، تنهنڪري سمورا مُلڪ کاڻيون کوٽڻ، واپارَ ۽ انجنيئرنگ خاطر سولائيءَ سان اها استعمال ڪرڻ لڳا. ڏهن سالن اندر دنيا جا سمورا وڏا ملڪَ ڊائنامائٽ تيار ڪرڻ جهڙا ٿي ويا.

نوبل جي عمر اڃا چاليهه سالَ مس هئي، پر سندس مستقبل نهايت شاندار هو. سندس ناماچاري پَري پَري تائين پکڙجي وئي. ماڻهو کيس ’ڊائنامائٽ جو بادشاهه‘ ڪوٺڻ لڳا. هِن اهڙي نئين مرڪب جو پنهنجي ملڪ ۾ هڪ وڏو ڪارخانو قائم ڪيو، پر 1873ع ۾ هن پئرس ۾ رهائش اختيار ڪئي.

نوبل انهيءَ شاندار ڪاميابيءَ کان پوءِ به ماٺِ ڪري نه ويٺو. هر وقت سوچيندڙ ۽ محنتي نوجوان ڊائنامائٽ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رهيو. جذب ٿيندڙ مٽي ملڻ کان پوءِ نائٽرو گليسرين جي طاقت ڏاڍي گهٽجي وئي هئي. هاڻ هو اهڙي شيءِ جي ڳولا ڪري رهيو هو، جيڪا پاڻ به ڌماڪيدار هجي ۽ نائٽرو گليسرين جو اثر نه گهٽائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي پاسو به برقرار رهي. هو انهيءَ ڪوشش ۾ به هڪ عجيب نموني ڪامياب ٿيو.

هيءَ سال 1875ع جي ڳالهه آهي، جڏهن نوبل پنهنجي تجربيگاهه ۾ معمول موجب تجرباتي ڪم ڪري رهيو هو ته هڪ ڏينهن سندس آڱر وڍجي پئي. رت کي بند ڪرڻ لاءِ هُن پنهنجي آڱر مٿان هڪ اهڙي دَوا لڳائي، جيڪا ڄَمي هڪ تَههَ جي شڪل وٺندي هئي. پوءِ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي نوبل اُها دوا ٿورڙي نائٽرو گليسرين ۾ وجهي ڇڏي. اهڙي ريت جيڪو مرڪب مليو، اهو ڏاڍو  گهاٽو هو، پر بارود يا ڊائنامائٽ جي مقابلي ۾ وڌيڪ طاقتور ٿي پيو، جنهن کي حد کان وڌيڪ مضبوط ۽ نهايت سخت جَابلو ٽَڪرين ٽوڙڻ لاءِ ڪم آندو ويندو هو.

نوبل محنت سان گڏوگڏ پنهنجن تجربن جو سلسلو جاري رکيو ۽ نائٽرو گليسرين ۾ مختلف شيون مِلائي ڌار ڌار قسمن جون ڪيتريون ئي ڌماڪيدار شيون تيار ڪيون. هِن جنگي سامان جي جوڙجَڪ ڏانهن به لاڙو رکيو ۽ گوناگون هٿيارن لاءِ قسمين قسمين جُزا جوڙيا ۽ اهڙي قسم جو بارود به بڻايو، جنهن مان ڪو به دونهون نه پئي نڪتو.

ايلفريڊ نوبل پنهنجي سڄي حياتي اهڙي تحقيقي ڪم ۽ تجرباتي جاکوڙ ۾ گذاري ڇڏي. حد کان وڌيڪ مصروفيتن جي ڪري هن شادي به ڪا نه ڪئي ۽ سدائين ڪُنوارو رهيو. هو پنهنجي ڪامياب ۽ مثالي زندگي گهاري 10 ڊسمبر 1894ع ۾ فوت ٿي ويو، پر سندس نالو اڄ تائين زندهه آهي. نوبل جي مشهوريءَ جو وڏو ڪارڻ خدمتن سندس جي مڃتا طور سندس نالي پُٺيان شروع ڪيل اهو عالمي اعزاز آهي، جنهن کي ’نوبل پرائيز‘ چئجي ٿو. اهڙي انعام جي جڳ مشهور اهميت ۽ بُلندي اسان سڀني کي معلوم آهي.

مرڻ کان پوءِ هُن پويان لڳ ڀڳ نوي لکَ ڊالر ملڪيت ڇڏي، جنهن مان هڪ فنڊ قائم ڪيو ويو. اُنهيءَ رقم جي منافعي مان هر سال پنج انعامَ مختلف شعبن جهڙوڪ: طِب، طبعيات (فزڪس)، ادب، ڪِيميا (ڪيمسٽري) ۽ امن لاءِ ورتل ڪوششن تي ڏنا وڃن ٿا. جيڪا شخصيت مٿين مضمونن ۾ عالمي سطح تي اهم ڪم ڪندي آهي، ان کي نوبل پرائيز ملندو آهي؛ پوءِ اهو سائنسدان، اديب يا سماجي سيواڪار ڪهڙي به ملڪ، قوم يا مذهب سان لاڳاپيل ڇو نه هجي.

هي انعامَ هر سال 10 ڊسمبر تي سويڊن جو بادشاهه ڪاميابي ماڻيندڙ کي پنهنجي هٿان ڏيندو آهي. نوبل انعامُ هڪ سونهري تمغي ۽ نقد رقم جي صورت ۾ هوندو آهي، جنهن جو مُلهه تقريباً چاليهه هزار ڊالر ٿئي ٿو. ان سان گڏ انعام حاصل ڪندڙ جو تحقيقاتي خاڪو يا وچور ڇپائي شامل ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي کيس ايڏو وڏو اعزاز مليو آهي.

اهو هو ايلفريڊ نوبل جي ڀرپور حياتيءَ جو مختصر احوال، جنهن پنهنجو سمورو جيون تجرباتي سائنس جي سيوا ڪندي گذاري ڇڏيو ۽ موت بعد به امرتا ماڻي. نوبل پرائيز اڄ به حد کان وڌيڪ مڃتا ۽ مهانتا وارو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن به اهو ڪنهن کي حاصل ٿئي ٿو، ان اعزاز حاصل ڪندڙ تي سندس ملڪ فخر ۽ وڏائي محسوس ڪري ٿو.