ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     837140   ڀيرا پڙهيو ويو

لُوئي پاسچر (Louis Pasteur) 1822ع - 1895ع


جڳ مشهور لوئي پاسچر جيوڙن (خوردبينيءَ کان سواءِ نظر نه ايندڙ) جو نظريو ڳوليو ۽ ڪيترن ئي مرضن جو ڪارڻ معلوم ڪيو. سندس نظرئي تي وڌيڪ کوجنا ڪندي پوءِ لسٽر جراثيم ناس ڪندڙ دوائون (Antibiotics) تيار ڪيون. پاسچر رڍ-تپ، ڪُتي جي چَڪ ۽ ان جو اثر وڃائڻ جو ڪامياب علاج ايجاد ڪيو. سندس ڪوشش ڪري لکين انساني جانيون ختم ٿيڻ کان بچي ويون ۽ دُکَ، دردَ ۾ گهڻي گهٽتائي اچي وئي.

لوئي پاسچر 27 ڊسمبر 1822ع ۾ فرانس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هُن جو پيءُ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ نيپولين جي فوج جو عهديدار رهي چڪو هو، تنهنڪري پاسچر ۾ ننڍپڻ کان ئي ملڪَ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو موجود هو. ڇوڪراڻي عمر ۾ هن کي وطن جي قدرتي نظارن سان ڏاڍو پيارُ هو. هو اُنهن من-موهيندڙ منظرن جون تصويرون ڪڍي، ٻين کي ڏيکاريندو هو. ديس جي دلفريب ڏيکن جي تعريف ٻُڌي حد کان وڌيڪ خوش ٿيندو هو. سورهن سالن جي عمر تائين کيس مصوريءَ سان بي پناهه لڳاءُ رهيو. ان کان پوءِ هن کي احساس ٿيو ته هِن دنيا ۾ انهيءَ دل وندرائيندڙ ڪَم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري سگهجي ٿو.

پاسچر هڪ بهادر سپاهيءَ جو پٽ هو، ان ڪري خطرن کان ڊڄندو نه هو ۽ نه وري ڪنهن جي تنقيد کان لنوائيندو هو. کيس فرانس جي تباهيءَ تي پريشاني ۽ اُڻ-تُڻ هئي. هو پنهنجي ديس واسين ۽ ڌرتيءَ جي سڪ سان سيوا ڪرڻ چاهي پيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو گَهرُ ڇڏي پئرس جي هڪ اسڪولَ ۾ داخل ٿيڻو پيس، جتي کيس اَبو امڙِ، مِٽَ مائٽَ ۽ ٻيا سنگتي ساٿي ڏاڍو ياد ايندا هئا. انهيءَ ڳڻتيءَ سبب سندس صحت خراب رهڻ لڳي. پوءِ هو بيساڪن شهر جي رائل (شاهي) ڪاليج ۾ داخل ٿيو. جتان 1840ع ۾ بِي-اَي (B.A) ڪئي ۽ ٻن سالن بعد بِي-ايس-سِي (B.Sc) جي ڊگري ورتي.

لوئي پاسچر ڪيميائي علم جو وڌيڪ مطالعو ۽ ٿورو گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو. اُن کان پوءِ هُن کي سٽراسبرگ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هِتي پاسچر جي مَن پسند تحقيقي مشغلي جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪم ڪرڻ جو سٺو موقعو مليو. اتي ئي 29 مئي 1849ع تي سندس شادي ٿي. شادي کان پوءِ به تحقيق تعليمَ، مشاهدي ۽ مطالعي ۾ ڪا ڪمي نه آئي. گهرواريءَ ساڻس سٺو سهڪار ڪيو. پاسچر جي مشهوريءَ ۽ جاکوڙ ۾ به اُن سُلجهيل عورت جو وڏو هٿ آهي. ميڊم پاسچر پنهنجي مڙس جي ڪَمَ جو وڏو قدر ڪندي هئي ۽ فقط اُن وقت ئي رُخنو يا رنڊڪ وجهندي هئي، جڏهن هوءَ ڏسندي هئي ته مسلسل محنت ۽ لڳاتار ذهني پَٽَ- کَوههَ هن جي صحت ۽ ذاتي چڱ ڀلائيءَ تي برو اثر وجهي ٿي.

سنه 1854ع ۾ پاسچر کي هڪ ٻِئي هنڌ ’لِل‘ ۾ بهتر نوڪري ملي وئي، جتي کيس جيوڙن تي تحقيق جو سٺو موقعو مُهيا ٿيو. اُن جاءِ تي شراب ٺاهڻ جا ڪجهه ڪارخانا هئا، ڪم ڪرڻ وارن کي اها خبر نه پوندي هئي ته ڪنهن ڊرم جو شراب سٺو ٿو ٺهي ۽ وري ڪنهن ڊرم جو خراب ٿيو پوي. پاسچر ٻنهي شرابن جا نمونا هٿ ڪري ڪيميائي طور جائزو ورتو. تحقيق کان پوءِ هُو اِن نتيجي تي پهتو ته هوا ۾ هزارين جيوڙا (جراثيمَ) ٿين ٿا، جيڪي شراب ۾ خمير پيدا ڪري ڇڏن ٿا. جڏهن ته اڳي سڀ ماڻهو اِهو سمجهندا هئا ته شين ۾ خمير پنهنجو پاڻ ئي پيدا ٿي پوي ٿو. پاسچر انهيءَ نظرئي جي ترديد ڪئي. اهو سنه 1864ع جو زمانو هو. هِن انهيءَ موضوع تي ڏاڍا تجربا ڪيا ۽ تنهن کان پوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو.

اهڙي طرح پاسچر پنهنجي وقت جو سڀ کان وڏو ڪيميا دان سمجهيو وڃڻ لڳو. لارڊ لسٽر به سندس قدر ڪندي، زخمن کي جيوڙن کان بچائي رکڻ لاءِ باريڪ جيوڙن کي ناس ڪندڙ دوائون استعمال ڪيون. انهيءَ کان اڳ اِهو حال هو ته ڪيترائي ماڻهو زخم خراب ٿيڻ سبب مري ويندا هئا ڇو ته جراثيمَ ڪنهن کي ظاهري طور نظر به نه اِيندا هئا پر انهن جي اصليت کان به ڪو واقف نه هو. اِن ڪري تَن کي ناس ڪرڻ لاءِ تدبيرن جو ڪو سوالُ ئي پيدا نه پئي ٿيو!

سنه 1865ع ۾ فرانس جي سرڪار پاسچر کي ريشم جي ڪِيڙن تي ظاهر ٿيندڙ بيماريءَ مٿان تحقيق ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جيڪا ريشم سازيءَ جي ڪاروبار کي نهايت تيزيءَ سان ختم ڪري رهي هئي. پاسچر اهڙي بيماريءَ جي جراثيمن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ڪامياب علاج ڳولي ڪڍيو. هو پورا ٽي سالَ لاڳيتو تحقيقَ ۽ تفصيلي مطالعي ۾ رُڌل رهيو. سندس ڪامياب ڪوششن سان فرانس جي اها ريشم سازيءَ واري صنعت وڏي تباهيءَ کان بچي وئي.

انهيءَ جاکوڙ کان پوءِ هِن ڪجهه موذي مرضن جي جيوڙن پاسي ڌيان ڏنو. سڀ کان پهريائين جانورن جي تريءَ واري تَپَ تي تحقيق ڪئي ۽ ٻن سالن کان پوءِ ان جو سبب معلوم ڪري ورتو. اُن بيماريءَ نه صرف جانورن کي برباد پئي ڪيو، پر اُها انسانن تي پڻ حملو ڪندي هئي. پاسچر ڪُڪڙين جي هڪ بيماريءَ تي به تحقيق ڪري فرانس جي حڪومت کي زبردست مالي خساري کان بچائي ورتو. هن انهيءَ بيماري کان بچاءَ جي سئي به دريافت ڪئي.

پاسچر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڇتي ڪتي جي چَڪَ پاتل ماڻهن کي چريو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ انهيءَ مرض جي ڪامياب سُئي ٺاهڻ آهي. سنه 1888ع ۾ هِن پنهنجي نالي سان هڪ تحقيقي ادارو قائم ڪيو، جتي ڪيترين بيمارين تي معلوماتي ڪم ٿيندو رهيو. اهڙيون بيماريون اڄڪلهه تمام گهڻو گهٽجي ويون آهن. انهن جي تباهيءَ جو اسان هاڻي اندازو به نه ٿا ڪري سگهون. تِن ڏينهن ۾ جانورن جون وبائي بيماريون حد کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ تڪڙيون ڦهلجندڙ هيون. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي بيمار جانور جو هڪ وارُ ڇُهندو به هو ته هُو موتمار بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پوندو هو. رڍن جي بَجِ لاهيندڙ مزدور گهڻو ڪري اِن بيماريءَ جو شڪار بڻبا هئا. اسان جي هاڻوڪي معاشري ۾ اهڙي خوفناڪ بيماري نه رهي آهي. اهو سڀ ڪجهه پاسچر جي عَملي ڪوشش ۽ مسلسل محنتن جو نتيجو آهي.

جانورن جي بيمارين کان وڌيڪ خوفناڪ اُها ڇِتائپ آهي، جيڪا ڪُتن جي ڏاڙهڻ سان پيدا ٿئي ٿي. بدقسمتيءَ سان ڪو ڇِتو ڪتو ڪنهن کي چَڪُ پائي ٿو ته شروع شروع ۾ ڪا به پريشانيءَ واري ڳالهه يا علامت نظر نه ٿي اچي. گهڻو ڪري زخم به جلد ڀَرجي وڃي ٿو. پر ڪجهه هفتن کان پوءِ اهڙي مصيبت ظاهر ٿئي ٿي ته ماڻهو کي چَريائپ جا دورا پوڻ لڳن ٿا. هو دماغي ويڳاڻپ ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو، گهڻو ڳالهائي ٿو ۽ پاڻيءَ کان ڊڄي ٿو. جڏهن بيماري وڌي ٿي ته مريض کي اُڃ ڏاڍي لڳي ٿي پر جڏهن پاڻي سندس ويجهو آڻجي ٿو ته هو گهٻرائجي رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو. اُڃ اُجهائڻ ۽ خُشڪي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻي تمام ضروري آهي پر هو پاڻي ويجهو آڻڻ ئي نه ٿو ڏئي پاڻي وهڻ  يا ڪرڻ جو آواز ترت ڇتڪُتائيءَ جو دؤرو پوي ٿو ۽ اهڙي اذيت ۾ ٻه- ٽي ڏينهن گهاريندي آخر گذاري وڃي ٿو.

پاسچر پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اُن مرض تي کوجنا ڪئي. هو ڇِتن ڪُتن کي پنهنجي گهر ۾ مهمانَ جيان رکندو هو. بنا خوف، خطري جي اُنهن ويجهو وڃي وات واري گِگَ گڏ ڪري اهڙن جراثيمن جو جائزو وٺندو هو، جيڪي انسانَ کي ايڏي سخت عذاب ۽ اذيت ۾ مُبتلا ڪن ٿا. هُن کي گندي گِگَ گڏ ڪرڻ جو اهڙو خفت هو جو هڪ ڀيري نلڪيءَ وسيلي ڇتي ڪُتي جي واتَ مان پاڻياٺ چوسي ڪَڍي. جيڪڏهن گِگَ پاسچر جي زبان کي ذرڙو به لڳي ها ته هو پاڻ پاڳل بڻجي پوي ها! آخرڪار ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ هُن هڪ دوا ايجاد ڪئي، جيڪا هن هڪ اهڙي ڪتي تي آزمائي، جنهن کي ڇِتي ڪُتي چَڪُ پاتو هو. بيمار ڪُتو تندرست ٿي ويو.

هُن انسانن لاءِ به اهڙي ڪامياب دوا جوڙڻ پئي چاهي. فرانس ملڪ ۾ اهڙن مريضن جو انگُ تيزيءَ سان وڌي رهيو هو. پر ڪو به ڊاڪٽر ڪجهه ڪَري نه پيو سگهي. ڏکيائي وڏي اِها هئي ته جانورن تي تجربو ڪرڻ سولو هو پر ڪنهن انسانَ جي جان سان کيڏي به نه پيو سگهجي. آخر هڪ اِهو موقعو به آيو ته جوزف مائسٽر نالي واري هڪ ٻارَ کي ڪنهن ڇِتي ڪُتي ڏاڍو خراب چَڪُ پاتو ۽ اهڙي حالت ۾ ٻارُ اسپتال آندو ويو هو. سڀ ڊاڪٽرَ مريض جي علاج مان مايوس ٿي ويا. پاسچر سوچيو ته ٻارَ کي مَرڻو ته اُئين ئي آهي ڇو نه هن تي اُها دَوا آزمائي وڃي، جيڪا ڪيترن ئي ڪُتن تي ڪامياب وئي آهي.

پاسچر نَون ڏينهن تائين اُن دوا جون سُيون ٻارَ کي هڻندو رهيو، دوا جي طاقت کي تبديل ڪندو رهيو. پورن پوڻن چئن مهينن کان پوءِ اهو بيمار ٻارُ صحتمند ٿيو. پاسچر اهو سمورو وقت بي چيني ۽ انتظار ۾ گذاريو. انهيءَ عمل کان پوءِ پاسچر جي شُهرت ۽ ناماچاري ۾ ڏاڍو اضافو ٿيو. ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر کيس ساراهڻ سواءِ ڏاڍو مانُ مرتبو مليو.

اهڙيءَ ريت هو سائنس اڪيڊميءَ جو صدر به چونڊيو ويو. اينڊبرا يونيورسٽيءَ ۾ کيس گهرائي تحقيقي ڪم جي ذميواري سونپي وئي، جتي هڪ ٻيو ماهر ڊاڪٽر لسٽر اڳواٽَ ئي اهڙي قسم جي ڪم ۾ مصروف هو. 27 ڊسمبر 1892ع ڌاران پئرس ۾ پاسچر جي مڃتا ۾ هڪ وڏو پروگرام ترتيب ڏنو ويو، جنهن ۾ دنيا جي وڏين شخصيتن ۽ قابل ماڻهن شرڪت ڪندي، پاسچر جي محنتن کي ساراهيو. اِنهيءَ ميڙ ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اِها ٿي ته مڃيل محقق لسٽر هن عظيم انسان لاءِ عقيدتي گلڙا پيش ڪرڻ سواءِ سيني سان لڳايو. پاسچر جي حد کان وڌيڪ عزت افزائي ڪئي وئي.

انهن سڀني ڳالهين ۽ ايڏي زبردست مانَ ملڻ کان پوءِ به هُن گَهڻ ڳُڻي اِنسانَ ۾ ساڳئي نيازَ نوڙت ۽ ميٺ محبت هئي. کيس پئسن سان ڪو به پيار نه هو، لالچ کان سخت نفرت ڪيائين. هو مريضن جي دَرد کي پنهنجي پيڙا سمجهندو هو ۽ڏاڍي ڌيان سان سندن علاجُ ڪندو هو. ننڍڙن ٻارڙن جي تڪليف اکين آڏو ڏِسي نه سگهندو هو ۽ کين تُرت سڪون ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو.

لوئي پاسچر جي شاگردن جو تعداد تمامُ گهڻو هو. هو ساڻن سڪ سان پيش ايندو هو ۽ ڄاڻ ڏيڻ ۾ به ڪنهن ڪنجوسيءَ کان ڪم نه وٺندو هو. هر هر کين هڪڙي نصيحت ڪندو رهندو هو ته: ”ڪَمُ ڪيو ۽ ڪَمَ کان ڪڏهن به نه لَنوايو.“ سموري حياتي هُو پاڻ به انهيءَ چوڻيءَ جو سؤ سيڪڙو پابند رهيو. هُن ايتري جدوجهد ۽ جستجو ڪندي پنهنجي جان هڪ وڏي مقصد مٿان قربان ڪري ڇڏي. مقصد اِهو ئي هو ته ڪهڙي به صورت ۾ سڄي سنسارَ مان سورَ گهٽايا ۽ دُکَ دَردَ دُور ڪيا وڃن.

آخر 27 سيپٽمبر 1895ع جو ڏينهن به آيو...، ڪنهن جُهڪي لوئي پاسچر کي هڪ پيالي مان کيرُ پيارڻ چاهيو.

”مان نه ٿو پِي سگهان...“ هُو رُڳو ايترو چئي سدائين لاءِ چُپ ٿي ويو!! ائين لڳو ته هو سمهي پيو آهي، سندس مُکَ تي مڪمل سڪونَ جا آثارَ هئا. ان بعد هن ڪڏهن به اکيون نه کوليون. ڏاهپ، ڏات ساڻ کڻي ويو، هو دنيا مان موڪلائي ويو، جنهن مان پيڙائون، پريشانيون ختم ڪرڻ لاءِ سموري ڄمارَ تڙپيو ۽ عملي ڪَمَ ڪيا.... ان وقت سندس عمر 73 سالن جي لڳ ڀڳ هئي.

اِها آهي هڪ اهڙي انسانَ جي ڪامياب زندگيءَ جي ڪهاڻي، جنهن کي ڌڻي تعاليٰ عزت، شُهرت ۽ عظمت عطا ڪئي پر هُن ڪڏهن اهڙين عنايتن تي ڪا به وڏائي، آڪَڙ يا فخر نه ڪيو. پاسچر ۾ عمر جي آخري ڏينهن تائين ٻارڙن جهڙي معصوميت ۽ سادگي هئي ۽ هُن ڪڏهن به پنهنجي قابل هجڻ جي ڪا دعويٰ نه ڪئي. فرانس جا رهواسي کيس پنهنجي ملڪ جي سڀ کان وڏي هستي قرار ڏئي چُڪا آهن. نيپولين جنهن جي نانءَ کان ساري دنيا باخبر آهي، اِهو پنجين نمبر تي هو ۽ پاسچر جو نالو سڀ کان مٿانهون، ڇو ته هو سائنسدان به هو، محنتي محقق به، ڪامياب علاج ڪندڙ به ته امن جو علمبردار به.