ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     847291   ڀيرا پڙهيو ويو

مائيڪل فيراڊي (Michael Faraday) 1792ع – 1867ع


فيراڊي جو نالو بجليءَ سان گَڏُ ئي ذهن ۾ اچي ٿو. هُن بجليءَ جهڙي اهم قُوت کي انساني سوچَ جو باندِي بڻايو ۽ اُن جي تيار ڪرڻ جا سولا وسيلا تيار ڪيا. ڊائنامو، جنريٽر، ٽيليفون، تارَ ۽ زندگيءَ جون ٻيون ڪيتريون سهولتون هن عظيم موجد جي محنتن جو نتيجو آهن. هو هڪ طبيعاتي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ سُٺو ڪيميادان پڻ هو.

گهٽ ماڻهو اِنهيءَ حقيقت کان باخبر آهن ته مائيڪل فيراڊي علم طبيعات کي نَون بنيادن تي قائم ڪيو. هِن نيوٽن جي نظرين ۾ اهم تبديليون آنديون. اِئين چوڻ غلط نَه ٿيندو ته فيراڊي چقمقي ميدان جو درست مفهومُ پيش نه ڪري ها ته وائرليس ٽيليگرافيءَ کي وجود ۾ اچڻ ۾ ڏاڍي دير لڳي ها! اُنهيءَ بنياد تي آئن اِنسٽائن پنهنجو اضافيت وارو نظريو قائم ڪيو.

فيراڊي ڪنهن سُٺي اِسڪولَ ۾ تعليم پرائي نه سگهيو ۽ نه وري کيس حسابن تي عُبور حاصل هو. پيدائشي ذهانت، همت ۽ اَٽل ارادي سان گڏ کيس طبيعيات ۽ ڪيميا ٻنهي عِلمن سان گِهرو لڳاءُ هو. هُن مسڪيني حالَ هوندي ڪڏهن به پنهنجي ايجادُن مان پئسي ڪمائڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، نه ته جيڪڏهن هو چاهي ها ته ائين سولائيءَ سان ڪري ٿي سگهيو. اهو ئي جذبو سندس مشهوريءَ جو سبب بڻيو. هيءَ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ غربت ۾ ئي گذاري ويو، پر سندس نالو سندس محنتن جي ڪري اڄ به زندهه آهي.

فيراڊيءَ جو پيءُ هڪ لوهار هو. هو لنڊن ويجهو 22 سيپٽمبر 1791ع تي پيدا ٿيو. والدين جي غريب هئڻ ڪري هو ڪنهن اِسڪولَ ۾ به داخلا وٺي نه سگهيو. ’منهنجي تعليم‘ جي سَري سان هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ٿو:

”هڪ تمام هيٺئين درجي واري اِسڪولَ ۾ آءٌ لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪجهه حساب ڪتاب سِکي سگهيس ۽ پنهنجو گهڻو وقت گهر ۾ يا ٻاهر گھِٽين ۾ گذاريندو هئس.“

تيرهن سالن جي عمر ۾ فيراڊي ڪتابن جي هڪ دُڪان تي نوڪري ڪئي، پوءِ هِن ڪتابن تي جلد ٻڌڻ جو ڪم به سِکيو. انهيءَ زماني ۾ ئي هِن سائنسي ڪتابن جو مطالعو شروع ڪيو. کيس مشهور ڪيمياگر سَر همفري ڊيويءَ جا ليڪچر ٻُڌڻ جو موقعو مليو ۽ بعد ۾ ان جي تجربيگاههَ ۾ اسسٽنٽ جي حيثيت سان ملازم بڻيو.

هِتان ئي فيراڊيءَ جي تحقيقي مشغولين جي شروعات ٿي. هن سَر همفري ڊيويءَ سان گڏجي ٻه سالَ يورپ جو دورو ڪيو ۽ پوءِ سندس تجربيگاههَ ۾ سائنسي تجربا ڪرڻ لڳو، جيڪي گهڻي ڀاڱي علم ڪيميا سان واسطو رکندڙ هئا. هُن بينزين ڳولي لڌي ۽ پهريون ڀيرو اهڙو لوهه بڻايو، جنهن کي ڪٽ نه ٿي لڳي سگهي. هن ڪيترين ئي گئسن کي پاڻياٺ جي صورت ۾ تبديل ڪيو، پر جنهن کوجنا کيس جڳ مشهور بڻايو، اهو بجليءَ ۽ چقمق جو گڏيل لاڳاپو هئي.

1820ع ۾ ڊينمارڪ جي مشهور سائنسدان اورسٽڊ بجليءَ ۽ چقمق جي وچ ۾ هڪ لاڳاپي جو اعلانُ ڪيو. ان تجرباتي طور اهو ڏٺو هو ته جيڪڏهن ڪنهن اهڙي تار ويجهو، جنهن ۾ بجليءَ جو وهڪرو گذري رهيو هجي، هڪ چقمقي سُئي آندي وڃي ته اُها سئي حرڪت ۾ اچي پنهنجو طرف تبديل ڪري ڇڏيندي. هُن انهيءَ تجربي جو اِهو نتيجو ڪڍيو ته بجلي-وهڪ گذرڻ سبب تارَ جي چئني پاسي هڪ ”چقمقي-ميدان“ جُڙي پوي ٿو. ان کان پوءِ ٻئي سال فرينچ سائنسدان ايمپيئر به انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه وڌيڪ تجربا ڪيا.

ڊيوي ۽ فيراڊيءَ کي به اهڙن تجربن سان دلچسپي پيد اٿي ۽ انهن پاڻ اهي تجربا ڪري ڏٺا. فيراڊيءَ بجليءَ واري موٽر جو بنيادي اصول ڳولي لڌو ۽ سندس مشهوريءَ ۾ ايڏو ته اضافو ٿيو، جو همفري ڊيوي به هن سان ريس ڪرڻ لڳو. 1833ع ۾ فيراڊيءَ کي رائل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊيو ويو.

فيراڊي وري ڪيميائي تجربن ۾ مَحو ٿي ويو، پر سندس ذهن ۾ هر وقت اِهو خيالُ ڦِرندو رهيو ته جيڪڏهن بجليءَ مان چقمقي قوت حاصل ٿي سگهي ٿي ته چقمق مان بجلي ڇو نه ٿي پيدا ٿي سگهي! هِن سال 1824ع ۽ 1825ع ۾ انهيءَ موضوعَ تي تجربا ڪيا، پر ناڪام ويو.

1831ع ۾ فيراڊي ڪيميائي تجربن جو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو ۽ سمورو ڌيانُ اِن پاسي ڏنو ته چقمق جي مدد سان بجلي ڪهڙيءَ ريت پيدا ڪئي وڃي. اِن سوال جو جواب کيس 29 آگسٽ 1831ع تي مليو. هو چقمق مان بجلي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابُ ٿي ويو. هِن بجليءَ واري جنريٽر جو بُنيادي اُصول پڻ ڳولي ڪڍيو. سندس سڀ کان اهم دريافت چقمقي ميدان آهي، جنهن تي جديد طبيعات جي عمارت جُڙي.

فيراڊيءَ جو ملڪ ۽ قوم سندس حد کان وڌيڪ قدرُ ڪيو. رائل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊجڻ کان ٻَه سالَ پوءِ کيس رائل اِنسٽيٽيوٽ جي تجربيگاههَ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، 1833ع ۾ کيس اِنهيءَ درسگاهه ۾ تاحيات ڪيمسٽريءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو پر ليڪچرُ ڏيڻ سندس فرضن ۾ شامل نه هو.

فيراڊيءَ جي زندگيءَ ۾ بجليءَ جي روشني مُمڪن ٿي وئي هئي، کيس 1836ع ۾ ٽرنٽي هائوس جو صلاحڪار بنايو ويو. انهيءَ زماني ۾ سمنڊَ تي مينارن وسيلي روشنيءَ جو جوڳو بندوبست ڪو نه هو، ان لاءِ فيراڊي اِها صلاح ڏني ته سڀ کان پهريائين بجليءَ جي روشني اِنهن مينارن تي اِستعمال ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح ڏاکڻو فورلئنڊ بجلي گهر روشنيءَ سان چمڪايو ويو. اِهو دنيا جو پهريون مُنارو هو، جنهن مَٿان بجليءَ جي روشني نظر آئي.

فيراڊيءَ کي واپار ڪرڻ ۽ پئسن ڪمائڻ کان نفرت هئي. هو هڪ حقيقي سائنسدانَ وانگر پنهنجن تجربن ۾ مصروف رهڻ چاهيندو هو ته جيئن قدرت جا گهڻي کان گهڻا رازَ ظاهر ٿي سگهن. هِن بجلي ۽ ڪيميا وچ ۾ واسطيداريءَ تي به گهڻو ڪم ڪيو ۽ اڻ ڳڻيا سُڌارا آندا، جيڪي اڄ به هلندڙ آهن.

ان بعد فيراڊيءَ جي صحت ڪرڻ لڳي. سخت محنت ۽ مسلسل مصروفيت کيس ٿڪائي ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ فيراڊيءَ کي ٽي سؤ پائونڊَ سالياني پينشن ملندي هئي. 1841ع ۾ هِن تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن سان سندس ذهن ۽ اعصابَ سخت متاثر ٿيا. هُو ويسارو بڻجي پيو، ايستائين جو پنهنجا پراڻا تجربا ۽ انهن جا نتيجا به وساري ويهندو هو. ٽن سالن تائين ڪو به ڪم ڪري نه سگهيو ۽ پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ سئٽزرلئنڊ هليو ويو. هُن کي پنهنجي زالَ ۽ ٻارن سان بيحد پيارُ هو. طبيعت ۾ هَٺ ۽ غُرور بنهه ڪونه هئس، کيس اِهو چوڻ ۾ ڪڏهن به عارُ محسوس نه ٿيو ته هو هڪ لوهار جو پُٽ آهي.

جيئن ئي سندس صحت سُڌري ته هو وري پنهنجي تحقيق ۾ جنبي ويو. 1845ع ۾ هُن چقمق ۽ روشنيءَ وچ ۾ هڪ قسم جو ڳانڍاپو ڳوليو، جيڪو اڄ تائين سندس نالي پُٺيان مشهور آهي. انهيءَ دريافت گهڻو پوءِ وائرليس ٽيليگرافيءَ کي جنم ڏنو. سندس تحقيقي ڪَمَ ايترا ته گهڻا آهن، جو انهن جي تفصيلي بيانَ سان هڪ پورو ڪتابُ لکجي سگهي ٿو. هو نه فقط هڪ قابل سائنسدان هو، پر تقرير جو به ايترو ماهر هو، جو ٻُڌندڙ حيران رهجي ويندا هئا.

فيراڊي پنهنجي حياتيءَ جا پورا چاليههَ سالَ رائل اِنسٽيٽيوشن ۾ گهاريا، پر 1858ع ۾ راڻيءَ کيس هڪ ڌار گهرُ ڏنو، جتي فيراڊيءَ پنهنجي جيون جا پويان پَهر گذاريا. هِن 1965ع ۾ پنهنجي کوجنائي تحقيق وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو. حافظي ساڻس ساٿ ڇڏي ڏنو، پر ڪتابَن ساڻين آخري دَم تائين دوستي نڀائي. مائيڪل فيراڊي 25 آگسٽ 1867ع تي وڏي اطمينان ۽ روحاني خوشيءَ سان مطالعي واري ميز تي ساههُ ڏنو. محنت، شوق ۽ علم سان محبت جو مثالُ ڀلا اِن کان وڌيڪ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!

فيراڊي جي تحقيقَ ۽ ايجادن سبب سندس نالو سدائين زندهه رهندو. هو لاڳيتو چاليههَ سالَ پنهنجي تجربيگاهه ۾ بيحد رُڌل رهيو. سندس سوچ ۾ نت نوان سوالَ اُڀرندا رهندا هئا، جيسين انهن جو جوابُ حاصل ڪري نه وٺندو هو، تيسين سڪون جو ساههُ نه کڻندو هو.

سندس جيون سڀني لاءِ مثالي حيثيت رکي ٿو.