ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-046-3 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 846897 ڀيرا پڙهيو ويو |
وليم ٿامسن، جيڪو عام طور تي لارڊ ڪيلون جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ڄائي ڄَمَ کان سائنسدان هو، ڇو ته سندس طبيعت ۾ شروع کان ئي جاکوڙ ۽ محنت جو مادو موجود هو. هِن سائنس جي هر شاخ تي تحقيق ڪئي ۽ پنهنجي ايجادن سان هنر ۽ واپار کي ڏاڍو فائدو رَسايو. سامونڊي برقي تار ۾ ڪتب ايندڙ تارَ ۽ جهاز رانيءَ ۾ ڪم اچڻ وارو قطب نما هِن جون خاص اِيجادون آهن. عام اِنسانن وانگر کيس سورن سَتايو، پر دلشِڪَستو ٿيڻ بجاءِ همت سان پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
وليم ٿامسن 24 جون 1824ع تي بلفاسٽ ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد هڪ اسڪولَ ۾ رياضيءَ جو استاد هو. جڏهن وليم جي عمر اٺ سالَ هئي ته هِن جو والد گلاسگو يونيورسٽيءَ ۾ رياضيات جو پروفيسر مقرر ٿيو. وليم ته رڳو ڏهن سالن جي عمر ۾ گلاسگو مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ گلاسگو يونيورسٽيءَ سان سندس اهڙو سُٻنڌ جڙيو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو.
ڏهن سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ڪرڻ وليم لاءِ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي، ڇو ته هو اِن کان پهريائين اهي سوالَ حل ڪرڻ لڳو هو، جيڪي سندس پيءُ يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ ڪڍندو هو. هڪ ڏينهن وليم هڪ اهڙي سوالَ ۾ اَٽڪي پيو، جيڪو ڪجهه ڏکيو هو. هو اهو سمهڻ تائين حل ڪري نه سگهيو، پر سمهڻ کان پوءِ به سندس ذهن اهو ئي سوچيندو رهيو ۽ رات جو ڪنهن وقت سندس واتان اِهي آوازَ بلند ٿيا: ”يوريڪا... يوريڪا...“
اِهي آوازَ ٻُڌي سندس پيءُ جڏهن هِن وٽ پهتو ته ڇا ڏسي، وليم جي هٿ ۾ سليٽ آهي ۽ ان تي مُنجهيل سوالَ جو درست جواب لکيل آهي. وليم ٿامسن سورهن سالن جي عمر ۾ ’زمين جي شڪل‘ جي عنوان سان هڪ اهڙو مضمون لکيو، جنهن تي گلاسگو يونيورسٽيءَ کيس سون جي تمغي سان نوازيو، جيڪو اڄ به پنهنجي جاءِ تي هڪ اهم ڪارنامو سمجهيو وڃي ٿو. نه فقط ايترو، پر ٿامسن آخر تائين پنهنجي انهيءَ مضمون مان هر هر مدد ورتي. اِهو هو باصلاحيت سائنسدان جو ٻالڪپڻو!
وليم ٿامسن لڳ ڀڳ سترهن سالن جي عمر ۾ ڪيمبرج جي هڪ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. هو پنهنجو گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. ڪاليج جي زماني ۾ ئي ڪيترا تمغا ۽ انعامَ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ هو پئرس هليو ويو، جتي هُن ٻاڦ تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي. اُتي ئي کيس پروفيسر رينالٽ جهڙو استاد مليو.
ان بعد وليم ٿامسن کي طبيعات جي علم تي تحقيقي ڪم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ هن بيحد محنت سان اُن مضمون تي ڪم ڪيو. سنه 1846ع ۾ جڏهن سندس عمر رڳو ٻاويهه سالَ هئي، هو گلاسگو يونيورسٽيءَ ۾ سائنس جو پروفيسر مقرر ٿيو. انهيءَ عُهدي تي لاڳيتو 53 سالَ فائز رهيو ۽ کيس دنيا جو ناميارو طبيعاتي ماهر مڃيو ويو.
اوڻويهين صديءَ ۾ سائنس تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ اهڙي ترقيءَ ۾ پروفيسر ٿامسن جو وڏو هٿ آهي. هِن ڌرتيءَ جي عمر جو صحيح اندازو لڳايو ۽ اهڙي تحقيق ڪئي، جيڪا زميني ماهرن کان سواءِ سامونڊي جهازين لاءِ به تمام گهڻي ڪارائتي ثابت ٿي.
جيئن شروع ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته ٿامسن جي سڀ کان وڏي ايجاد اها تارَ آهي، جيڪا سامونڊي پيغامَ پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي، جنهن هاڻوڪي ترقيءَ ۾ تمام گهڻو ڪارائتو ڪم ڏنو آهي. ان وقت تائين ڪيترائي سائنسدان ڪيبل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري چُڪا هئا، پر کين ڏکيائي اِها آڏو آئي ته جڏهن تارَ گهڻي ڊگهي ٿي پئي وئي ته برقي (بجليءَ جي) لهر ڪمزور بڻجي پئي وئي.
ٿامسن اِنهيءَ موضوع تي ڏاڍي مغزماري ڪئي ۽ آخرڪار 1867ع ۾ هِن هڪ اهڙو قيمتي اوزار ايجاد ڪيو، جنهن کي ’مِرر گيلوانو مِيٽر‘ چئجي ٿو، جيڪو معمولي برقي وَهڪ کي به محسوس ڪري وٺي ٿو. ابتدائي دورَ ۾ پَري پَري تائين پيغامَ موڪلڻ لاءِ انهيءَ اوزار جي سئيءَ سان به مدد ورتي ويندي هئي. اها سِگنل سان گڏ گڏ حرڪت ڪندي هئي ۽ آپريٽر ان جي اشارن سان لفظ ترتيب ڏيندو هو. اهو اوزار ٻين برقي تجربن ۾ ڪارآمد ثابت ٿيو.
ٿامسن ننڍپڻ کان ئي سمنڊ سان تمام گهڻو لڳاءُ رکندو هو. جيڪڏهن هو سائنسدان نه بڻجي ها ته پڪ سان ڪو سامونڊي آفيسر ٿئي ها! سائنسدان ٿيڻ کان پوءِ به هِن جي اِها دلچسپي قائم رهي ۽ جڏهن به هن کي سامونڊي سفر جو موقعو ملندو هو، ضرور نِڪري پوندو هو. شايد اِنهيءَ اُتساهه ئي کيس بحري برقي تار جوڙڻ ۾ رهنمائي ڪئي. جڏهن پئسفڪ سمنڊ ۾ پهريون ڀيرو ڪيبل وڇائي وئي، ته ٿامسن پاڻ انهيءَ ڪم جي نگراني ڪئي.
اُنهن ڏينهن ۾ ئي ٿامسن کي اِهو احساس ٿيو ته سامونڊي جهاز ۾ استعمال ٿيندڙ قطب نما ايترا سُٺا نه ٿا ٿين، جيترو کين بهتر هُئڻ گهرجي. هُن قطب نما کي ٻيهر سهيڙي، ڦيرڦار آڻي، بهتر بڻايو ۽ ڪجهه اهڙا اوزار به ايجاد ڪيا، جيڪي سامونڊي جهازن ۾ اڄ به استعمال ٿين ٿا. هِن سمنڊ جي اونهائي جاچڻ لاءِ ڪُجهه عمدا اوزار به جوڙيا.
ٿامسن هڪ اهڙو طريقو به ڳولي لڌو، جنهن وسيلي سمنڊ ۾ جهاز موجود هئڻ واري جاءِ معلوم ڪري سگهبي هئي. ان کان سواءِ هِن سمنڊ ۾ لهرن ۽ سامونڊي لاهين چاڙهين تي تعريف جوڳو تحقيقي ڪم ڪيو. سامونڊي چاڙهه ۽ لاٿ ماپڻ جو هڪ اوزار به تيار ڪيو ۽ هڪ اهڙي مشين به ٺاهي، جيڪا سمنڊ ۾ لهرن جي اٿل پٿل اچڻ کان اڳ ئي اهڙو اطلاعُ ڏئي ڇڏيندي هئي. پر سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته هن روشنيءَ جي مينارن وارين روشنين کي بهتر بڻايو، جيڪي خراب حالت ۾ هيون.
ٿامسن کي هر ان ڳالهه سان چاهه هو، جيڪا سائنس جي ترقيءَ ۾ هٿي ڏئي يا سندس ساٿارين جو بار هلڪو ڪري. هِن بجليءَ جو بيحد مطالعو ڪيو ۽ اهڙا ڪيئي اوزار تيار ڪيا، جيڪي گهٽ کان گهٽ برقي وهڪ جو به اندازو لڳائيندا هئا.
ٿامسن جي انهن خدمتن جي موٽ ۾ کيس ڪيترائي اعزازَ عطا ٿيا. دنيا جي تمام گهڻن ملڪن سندس ڪاوشن کي ساراهيو ۽ کيس بيحد مانُ ڏنو. اِن هوندي به هو حد کان وڌيڪ سادو ۽ نهٺائيءَ وارو شخص هو. غرورُ ۽ وڏائي سندس شخصيت جي ڀَر مان به نه گذريا هئا. هِن جي طبيعت ۾ محبتي ورتاءُ ۽ رحمدل سڀاءُ موجود هو. هو پنهنجي شاگردن کي همٿائيندو هو ۽ علم جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو.
وليم ٿامسن جي ذاتي زندگي به ڪامياب هئي. هو پنهنجي ڀائرن ڀينرن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو ۽ سندس گهرواري کيس چاهيندي هئي پر هِن جي حياتيءَ ۾ اولاد جي کوٽ رهي. ٿامسن کي سير سفر سان دلچسپي هئي سفر ۾ سندس گهرواري ساڻس سدائين گڏ هوندي هئي.
سير سفر ڪندي ٿامسن جي ملاقات مشهور جرمن طبيعاتي ماهر هيلم هولٽز سان ٿي ۽ ٻئي سدائين لاءِ هڪ ٻئي جا دوست بڻجي پيا. ٿامسن جي گهرواريءَ جي صحت خراب رهندي هئي، تنهنڪري ماحول ۽ آبهوا جي تبديليءَ لاءِ هو کيس مختلف هنڌن تي وٺي ويندو هو، پر ان عارضي تبديليءَ سان به ڪو فرق نه پيو. هوءَ 1870ع ۾ گذاري وئي. شريڪِ حيات جي وڇوڙي کان پوءِ هو ڏکارو رهڻ لڳو ۽ پنهنجي غم کي وسارڻ لاءِ سير سفر وڌيڪ ڪرڻ لڳو. هي اهو زمانو هو، جڏهن پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيبل وِڌي پئي وئي، ٿامسن پاڻ ان ڪم جي نظرداري ڪئي.
ٿامسن کي خدا تعاليٰ وڏي عزت عطا ڪئي ۽ هو اُن جو حقدار به هو. سال 1866ع ۾ کيس ’سَر‘ جو خطاب مليو. سال 1890ع ۾ هو ’رائل سوسائٽيءَ’ جو صدر چونڊيو ويو. سال 1894ع ۾ سندس پروفيسريءَ جي جوبلي اهڙي ته شان سان ملهائي وئي، جنهن جو مثالُ پوري يونيورسٽيءَ ۾ نه ٿو ملي. انهيءَ موقعي تي سندس ايجادن جو نماءُ به ڪيو ويو. دنيا جي سمورن عِلمي ادارن پنهنجا نمائندا موڪليا. مهمانن جو انگُ ٻن هزارن کان وڌيڪ هو. ان وقت تائين سندس وڇايل ڪيبل به ٺيڪ نموني ڪم ڪرڻ لڳي هئي.
سنه 1899ع ۾ ٿامسن گلاسگو يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيو. هاڻ هو ”لارڊ ڪيلون“ سڏجڻ لڳو هو ۽ عملي زندگيءَ کان پَرڀرو رهڻ لڳو. سنه 1904ع ۾ کيس يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر چونڊيو ويو. سائنس سان لڳاءُ ساڳيو ئي رهيس ۽ آخري دَم تائين سندس اِها خواهش هئي ته سائنس ترقي ڪري ۽ سماجي سُڌاري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هِن تجرباتي تحقيق سميت سائنس تي ٽن کان وڌيڪ ڪتاب به لکيا.
17 ڊسمبر 1907ع تي هِن قابل سائنسدان هي جهانُ سدائين لاءِ ڇڏيو ۽ کيس ويسٽ منسٽرايبي ۾ سر آئزڪ نيوٽن ويجهو دفن ڪيو ويو. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي. هي جيون- ڪٿا هڪ اهڙي انسان جي آهي، جنهن پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪندي ملڪ، قوم ۽ سڄي عالم جي سيوا ڪئي. هو جيسين جيئرو رهيو، سندس نالو نيڪيءَ سان ورتو ويو ۽ مرڻ پڄاڻان به کيس اِهو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي آرزو ڪيترائي انسانَ ڪندا آهن.