ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     837115   ڀيرا پڙهيو ويو

همفري ڊيوي (Humphrey Davy) 1778ع – 1829ع


هڪ عظيم موجد ۽ ڪيمياگر همفري ڊيويءَ جي زندگيءَ ۾ اسان سڀني لاءِ هڪ اهم سبق موجود آهي. هِن ساري ڄمارَ پنهنجي وت وَس کان وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ اهڙا تجربا ڪيا، جن انگلنڊ ۾ هُنر ۽ ڪاريگري کي هَٿي ڏني. ڊَيوي جي ڪوششن سان انگلنڊ ۾ کاڻين کوٽڻ وارو پيشو محفوظ ٿيو ۽ سوين مزدورن جون جانيون ختم ٿيڻ کان بچي ويون. ’ڊيوي لئمپ‘ سندس اهم ايجاد آهي.

 

سر همفري ڊيوي هڪ ڪيميا گر هو، جنهن جي بتي يا ’ڊيوي لئمپ‘ اڄ تائين مشهور آهي. تنهن زماني ۾ کاڻين اندر اَنيڪ حادثا ٿيندا هئا، پر اُن بتيءَ جي خوبي اِها هئي ته اُن کي کاڻين ۾ سواءِ ڪنهن خوف خطري جي استعمال ڪري ٿي سگهيا. اُنهيءَ طريقي سان انگلنڊ ۾ ڪوئلو وڌيڪ مقدار ۾ نڪرڻ لڳو.

اوڻويهين صديءَ جي سائنسدانن ۾ همفري ڊيويءَ جو مقام ڏاڍو بُلند آهي. هُن ڪيميا کان سواءِ زراعت، معاشيات، سياست ۽ ٻين عِلمن ۾ به پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريا. يورپ جا شاعرَ ۽ اديبَ هِن جي وڏي عزت ڪندا هئا، کيس 22 سالن جي عمر ۾ حد کان وڌيڪ مشهوري ملي.

ڊيوي 17 ڊسمبر 1778ع تي انگلنڊ ۾ ڪورنوال رياست جي هڪ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪاٺيءَ تي چِٽَ کُرچيندو هو. ڊيويءَ جي اَمڙ ڏاڍي سياڻي عورت هئي، جنهن پنهنجي ٻارن جي پرورش سهڻي سڀاءَ ۽ سليقي سان ڪئي. ڊيوي اِسڪولَ ۾ تمام ٿورو لکيو پڙهيو، پر گهر ۾ ويهي اڪيلو مختلف ڪتابَ پڙهندو هو. رياضي پڙهڻ کان پوءِ سندس ڌيان ڪيمياگريءَ پاسي ويو.

ڊيويءَ ڇوڪراڻِي وَهيءَ ۾ هڪ دوائن جي دُڪان تي نوڪري ڪئي ۽ انهيءَ موقعي مان پورو فائدو ورتو. اتان ئي ڪيميائي تجربن ڪرڻ جو کيس بهترين موقعو مليو، ڇو ته اُتي ڪيتريون ئي دَوائون، تيزاب ۽ ماپا موجود هوندا هئا. خوشقسمتيءَ سان ڊيويءَ کي جوانيءَ ۾ دوستَ به اهڙا مليا، جن ساڻس ڀرپور سهڪارُ ڪيو. مثال طور ٻاڦ واري انجڻ جي مشهور موجد جيمز واٽ جو پُٽ گريگري واٽ سلهه سبب ڪورنوال ۾ آرامُ ڪرڻ آيو. هو ڊيويءَ وٽ رهندو هو، جيڪو ان کان اڳ گلاسگو يونيورسٽيءَ ۾ سائنس جو شاگرد ٿي رهيو هو. ٻئي سمنڊَ- ڪناري رات جو دير تائين پَسار ڪندا هئا ۽ گهڻي ڀاڱي سائنسي ڳالهيون ڪندا هئا.

ڊيويءَ جي عمر اڃا ويهه ورهيه به نه هئي ته ٿامس بيڊوز نالي هڪ ڊاڪٽر کيس پاڻ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ صَلاحيو. اُهو ڊاڪٽر ڪِن گئسن تي تجربا ڪري رهيو هو، جن بابت سندس راءِ هئي ته اُهي ڪيترين ئي بيمارين کي ختم ڪري سَگهن ٿيون. ڊيويءَ پنهنجي ذهانت کان ڪم وٺندي نائٽرس آڪسائيڊ تي اَنوکا تجربا ڪيا. هو هڪ ڪمري ۾ بَند ٿي گئس سُنگهندي شاعري ڪندو هو.

ڊيويءَ جي ڪجهه شاعر دوستن به انهيءَ گئس کي پاڻ تي آزمايو. ماڻهوءَ مٿان اُن گئس جو وڏو اثر ٿيندو هو، ۽ هو ٽَهڪ ڏيئي کِلڻ لڳندو هو. اِن ڪري انگلنڊ ۾ اُن گئس کي ’کِلائيندڙ گئس‘ جو نالو ڏنو ويو، جنهن ڊيويءَ جي مشهوريءَ ۾ واڌارو آندو. ڊيويءَ جي خواهش هئي ته هو مريضن کي اها گئس سنگهائي، سندن آپريشن ۾ سولائي پيدا ڪري، پر ڊاڪٽرَ سندس اِها راءِ پنجاهه سالن تائين کلندي ٽاريندا رهيا، جيتوڻيڪ ڊيويءَ جو خيال درست هو.

ڊيويءَ جڏهن پنهنجي تحقيقن کي تحريري روپ ڏئي ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو ته ڪيترن ئي سائنسدانن کيس مبارڪن جا خط موڪليا. آڪسيجن دريافت ڪندڙ عظيم ڪيميا دان جوزف پريسٽليءَ ويهن ورهين جي ڄمارَ واري هِن نوجوان کي ’محترم سائين‘ سان مخاطب ٿيندي لکيو:

”مان هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ وڌيڪ محنت ڪري نه ٿو سگهان، پر اهو ڏسي مون کي بيحد خوشي ٿئي ٿي ته تحقيقي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اوهان جهڙا حوصليمند قابل نوجوان موجود آهن.“

اُن کان پوءِ ڊيويءَ کي لنڊن ۾ پڙهائڻ جو موقعو مليو. 1799ع ڌاري انگلنڊ ۾ ’رائل اِنسٽيٽيوشن‘ قائم ٿيو، جنهن جو واحد مقصد اِهو هو ته غريب ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ وارين حالتن کي بهتر بڻايو وڃي. وڌندي وڌندي انهيءَ اداري هڪ مڃيل سائنسي درسگاهه جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ڊيويءَ کي تجرباتي ڪم جو نگران مقرر ڪيو ويو.

هتي ڊيويءَ ڏاڍا دلچسپ ليڪچرَ ڏنا. لنڊن جا سُلجهيل ماڻهو انهيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. ڊيويءَ سائنس جا دروازا اميرن سان گڏ غريبن لاءِ به کولي ڇڏيا. سڄو ڏينهن پنهنجي تجربن ۾ رُڌل رهندو هو ۽ رات جو وري ليڪچرَ ڏيندو هو. سندس قول ۽ اصولُ هو ته:

”انسان کي پنهنجي طاقت کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي.“

هو پنهنجي تجربيگاههَ ۾ به هڪ ئي وقت ڇهن مختلف تجربن تي مغز ماري ڪندو هو. انهيءَ تجربيگاههَ ۾ سائنس جا ڪجهه منجهيل مسئلا به حل ٿيا.

ڊيويءَ جو هڪ اهم ڪارنامو اِهو آهي ته هِن بجلي ۽ ڪيميائي علم وچ ۾ هڪ تعلق ڳولي ڪڍيو. ڪي سائنسدانَ هِن کان اڳ انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه تحقيق ڪري چُڪا هئا ۽ اهو معلوم ٿي چڪو هو ته بجليءَ جي مدد سان پاڻيءَ کي ان جي بنيادي جُزن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ڊيويءَ انهيءَ ڪم کي اڳڀرو ڪيو. هن جي تحقيق تي ئي جديد ڪيميائي علم جو بنياد پيو. ڪلورين ۽ آيوڊين جهڙيون خاص شيون به ڊيويءَ جي محنتن جو نتيجو آهن.

ڊيوي جيڏانهن به ويندو هو ته هو پاڻ سان گڏ ڪيميائي شين جي هڪ پيتي ضرور کنيو ويندو هو، جنهن وسيلي ڏاڍا دلچسپ تجربا ڪري ڏيکاريندو هو. ان کان پوءِ هو انگلنڊ کان ٻاهر به وڃڻ لڳو، ڇو ته سندس واکاڻ چئني پاسي ڦهلجي وئي هئي. ڊيويءَ جي تجربن ۽ تحقيقَ واپار ۽ ڪاروبارَ ۾ واڌارو آندو. انگلنڊ ۾ نوان نوان ڪارخانا لڳا ۽ اهڙيءَ طرح هُن پنهنجي مُلڪ ۽ قومَ جي خدمت ڪئي. هو صنعتڪارن کان مفيد مشورن ۽ صلاحن جي ڪابه في نَه وٺندو هو.

هنر ۽ واپار کان سواءِ ڊيويءَ زراعت لاءِ به خاص خدمت ڪئي. انگلنڊ ۾ موجود زرعي اوزارن جو استعمالُ به سندس ڪوششن جي ڪري آهي. جديد ڪيميائي ڀاڻَ، ڪيميائي ترقيءَ کان سواءِ ممڪن ٿي نه پئي سگهيا. اِها اهم ترقي سائنسدانن جي گڏيل مقابلي جو نتيجو آهي. اِهو اُهو زمانو هو، جڏهن انگلنڊ نيپولين سان جنگ ۾ رُڌل هو. انهيءَ وقت ملڪ ۽ قوم لاءِ زندگيءَ ۽ موتَ جو سوالُ آڏو هو، گڏوگڏ فرانسيسي ۽ برطانوي ڪيميادانن وچ ۾ هڪ قسم جو عِلمي ۽ تحقيقاتي مقابلو به هلندڙ هو.

جنگ هوندي فرانس ڊيويءَ جي عظمتن کي ساراهيو ۽ صلاحيتن کي مڃيو. لڙائيءَ جي انتهائي تيزيءَ وارن ڏينهن ۾ فرينچ اِنسٽيٽيوٽ ڊيويءَ کي سندس تجربن تي هڪ تمغو اِنعامَ طور ڏنو. ٽيهن سالن جي عمر کي پهچندي ئي همفري ڊيويءَ جي مشهوري ڏيهان ڏيهه ڦهلجي وئي، کيس ’نائٽ‘ جو وڏو لقب به ملي چڪو هو.

اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ انگلنڊ جي ڪوئلي وارين کاڻين ۾ گئس سبب ڪيترائي مزدور مري ويندا هئا. اُن وقت تائين بجليءَ جي روشني به عام نه ٿي هئي. کاڻين اندر اوندهه هوندي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ کاڻيون کوٽيندڙ مزدورن کي لالٽين سدائين ساڻ رکڻي پوندي هئي. پر کاڻين ۾ گئس موجود هئڻ ڪري اها لالٽين جي شعلي سان ٽڪرائجي ڀَڙڪو کائي اٿندي هئي ۽ کاڻِ ۾ زبردست ڌماڪو ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترائي محنت مزدوري ڪرڻ وارا بيگناهه پنهنجي جانين تان هٿَ ڌوئي ويهندا هئا.

انهيءَ مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻن ئي سائنسدانن ڪوششون ڪيون، پر ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا. ڊيويءَ به ان طرف ڌيانُ ڌريو ۽ کاڻين اندر وڃي اتان جي حالتن جو تفصيلي جائزو ورتو، جن ۾ مزدور ڪم ڪندا هئا ۽ حادثا پيش ايندا هئا. هو ڪوئلن واري گئس ڀري پنهنجي تجربيگاههَ ۾ کڻي آيو ۽ اُن تي تحقيق ڪيائين. ڊيويءَ ڪيتريون ئي بتيون ”لئمپ“ جوڙيون ۽ اهي ٻاري گئس ويجهو آندائين. آخرڪار هُو هڪ اهڙي بتي بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪا محفوظ هئي، ان کي ’ڊيوي لئمپ‘ چئجي ٿو. اُن جُڙڻ کان پوءِ کاڻين ۾ ڌماڪي جو خوف ۽ خطرو ختم ٿي ويو. لئمپ جي جوڙجَڪ اهڙي هئي، جو ٻاهريون ڌماڪيدار گئسون ان اندر داخل ٿي نه ٿي سگهيون. لئمپ ۾ بتيءَ جي چوڌاري تارن جي هڪ سنهي ڄاري چڙهيل هئي. ڊيويءَ اها بتي تيار ڪرڻ ۾ رڳو ٽن مهينن جو مختصر وقت لڳايو. ان کان پوءِ کاڻيون کوٽڻ محفوظ ڌنڌو بڻجي ويو ۽ ڪيترن ئي مزدورن جون جانيون جوکي کان بچي ويون.

ڊيويءَ کي پنهنجي زندگيءَ ۾ بهترين دوستَ مليا. سندس ناماچاري ايڏي ته گهڻي هئي جو ڪيترائي ماڻهو ساڻس دوستي رکڻ لاءِ آتا هوندا هئا. جڏهن هو رائل اِنسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪندو هو ته هُن هڪ ڇوڪري کي پنهنجي ڪم ڪار ۾ مدد لاءِ تجربيگاههَ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني. ان ڇوڪري جو نالو مائيڪل فيراڊي هو، جيڪو پوءِ پنهنجي دؤر جو مشهور سائنسدان ثابت ٿيو. فيراڊي، ڊيويءَ کان گهڻو ڪجهه پرايو.

ڊيويءَ جي دوستن ۾ سر والٽر اِسڪاٽ جو نالو ذڪر جوڳو آهي، جيڪو سندس گهرواريءَ جو سؤٽ هو. انگريزي ادب ۾ اِسڪاٽ جو نالو سدائين زندهه رهندو، جيڪو هن سائنسدانَ جو گهاٽو ۽ گِهرو دوست هو. جيڪڏهن ڊيويءَ جا ساڻس واسطا گهڻو اڳ قائم ٿين ها ته ممڪن آهي سر والٽر اِسڪاٽ ناول نويس بجاءِ هڪ سائنسدان بڻجي پوي ها يا وري ڊيوي سائنسي تجربن ڪرڻ بجاءِ هڪ اديب جي حيثيت ۾ مشهوري ماڻي ها.

سَر همفري ڊيويءَ ڪا گهڻي عمر نه ماڻي. هُو رڳو 51 سالن جي ئي ڄمارَ ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته هو انهيءَ محنت سان ئي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو، جيڪا سدائين سندس فخر جو سبب بڻي رهي. هن پنهنجي جسم کان ايترو گهڻو ڪم ورتو، جو سندس اعصابي نظام بهتر ڪم ڪرڻ کان نابري واري بيٺو. 1833ع جي سرءُ جي مند ۾ هن مٿان فالج جو پهريون حملو ٿيو. ڊاڪٽرن کيس مڪمل آرام ڪرڻ لا چيو، پر ڊيوي سخت سرديءَ واري موسم ۾ اٽليءَ روانو ٿيو. هن پنهنجي دوستن کي خط ۾ لکيو:

”بيمار آهيان، نه سُٺي خوراڪَ کائي ٿو سگهان ۽ نه ڪوئي ڪم ڪري ٿو سگهان. هينئر ڪو سائنسي تجربو به ڪري نه ٿو سگهان. مطلب ته مون کان اُهي سڀ شيون ڇڏائجي ويون آهن، جن سان منهنجو بيحد پيارُ هو.“

سَر همفري ڊيويءَ جا پويان ڏينهن اٽليءَ جي هڪ هنڌ رَوانا ۾ گُذريا، جتي هُن ڏاڍا درديلا نَظم لکيا. هو پنهنجي بيماريءَ مان ايترو ته تنگ ٿي پيو هو، جو ڪيترائي ڀيرا خودڪشيءَ لاءِ سوچيو هئائين. خراب صحت سبب هُن رائل سوسائٽيءَ جي صدارت تان به استعفيٰ ڏني. هُو انهيءَ عُهدي تي لاڳيتو ست سال رهيو. فالج سندس جسمَ جو ساڄو پاسو بيڪارُ ڪري ڇڏيو هو، پوءِ به هن جو دماغُ قسمين قسمين منصوبا رِٿيندو رهيو. هِن پنهنجي ڀاءُ کي هدايت ڪئي ته تارپيڊو بابت تجربو سندس موتَ بعد ڪيو وڃي. 29 مئي 1829ع تي جنيوا ۾ سندس انتقالُ ٿيو. آخري وقت سندس نظرون نيريءَ ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ کُتل هيون، جيڪا هِن جي هوٽل سامهون وَهي رهي هئي.