ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     846965   ڀيرا پڙهيو ويو

چارلس ڊاروِن (Charles Darwin) 1809ع - 1882ع


ڊاروِن پنهنجي اِرتقا واري نظرئي سبب ساري جڳَ ۾ مشهور آهي. انهيءَ نظرئي جو تَتُ اِهو آهي ته اِنسانُ اَنيڪ ارتقائي مرحلن مان گذري هاڻوڪي سُڌريل حالت تي پهتو آهي. عام لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اِنسانُ ڀَولڙي جو اولاد آهي. ڊاروِن جي هِن نظرئي سڄي دنيا کي ڇِرڪائي ڇڏيو پر سائنسدانن اِهو مڃيو ۽ اڄُ به سَهمت آهن. جيستائين هي جَهانُ آهي، تيستائين ڊاروِن جو نالو زندهه سلامت رهندو.

گهڻو ڪري پُٽُ پيءُ جي پيروي ڪندو آهي. چارلس ڊاروِن جو پيءُ رابرٽ ڊارِون هڪ ڊاڪٽر هو، جنهن کي حياتيات واري علم سان بيحد دلچسپي هئي. 12 فيبروري 1809ع تي انگلنڊ جي شهر شروس بَري ۾ هُن وٽ هڪ ٻارُ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو چارلس رابرٽ ڊاروِن رکيو ويو. ڇهن ڀينرن ڀائرن ۾ ڊارِون جو نمبر پنجون هو. انهيءَ خاندان ۾ ارتقائي نظرئي جي ابتدا سندس ڏاڏي جي زماني کان ٿي چڪي هئي، جيڪو پاڻ به هڪ ڊاڪٽر، شاعر ۽ فلاسافر هو. پوٽي جي رت ۾ به ساڳيو ئي اثر هو. ڊاروِن کي نون سالن جي عمر ۾ اسڪول داخل ڪرايو ويو. شروع ۾ کيس علمِ حياتيات سان چاههُ هو پر پراڻي طرز جي انهيءَ اِسڪولَ ۾ سندس اِهو شوق پورو ٿي نه سگهيو.

ڪجهه وقت کان پوءِ چارلس ڊاروِن کي قدرتي نظارن، وڻن، ٻوٽن ۽ جانورن ۾ دلچسپي پيدا ٿي. هو ننڍڙا ڪِيڙا ماڪوڙا، ڪوڏَ، پَٿر ۽ معدني شيون گڏ ڪندو رهيو. سندس خاندان ته چاهيو پئي ته هو به پنهنجي پيءُ جيان هڪ ماهر ڊاڪٽر بڻجي، اِن ڪري هِن 1825ع ۾ ايڊنبرا يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي پر ڊاڪٽري پڙهڻ ۾ کيس مزو نه آيو. سنه 1828ع ۾ هُو ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. پڙهڻ لکڻ کان پوءِ پنهنجو گهڻو وقت قدرت جي من موهيندڙ منظرن مان مزو وٺڻ ۽ ڀؤنر پڪڙڻ ۾ گذاريندو هو.

ڪجهه عرصي بعد کيس نباتات جي هڪ پروفيسر سان خاص لڳاءُ پيدا ٿيو. پروفيسرَ به سندس رهنمائي ڪندي هِن جي دل ۾ وڻن ٻُوٽن ۽ حيوانن جو مشاهدو ماڻڻ لاءِ هڪ نئون جوش جذبو جاڳايو. انهيءَ استادَ جي ڪوششن سان ڊاروِن کي ’بيگل‘ نالي هڪ جهاز تي ڏکڻ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي سَير ڪرڻ جو موقعو مليو. هِن جي ڪا به پگهار نه هئي ۽ وري ڪمُ اِهو هئس ته هو هڪ سائنسدان جي حيثيت سان نون ملڪن مان نباتاتي ۽ حيواني نَوان نمونا گڏ ڪري. 27 ڊسمبر 1831ع تي سندس سامونڊي سفر جي ابتدا ٿي، جيڪو پنج سالَ جاري رهيو.

جڏهن ڊاروِن سير سفر تان واپس گهر وَريو ته ساڻس گڏ حياتيات ۽ نباتات جي اَملهه نمونن جو بي پناهه مُشاهدو به هو. هُن کي ڌرتي ۽ سَاهوارن جو غير معمولي تجربو به حاصل ٿي ويو هو. مختلف جهرڪين ۽ قديم جانورن جا آثارَ ڏسي سندس سوچ ارتقائي عمل ڏانهن وئي. هِن دؤر ۾ ئي ڊاروِن بهتر تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي ۽ اُنهيءَ سفر ئي جڳ کي اِرتقا جي نظرئي سان ڏيٺِ ويٺ ڪَرائي.

هي اُهو دؤر هو، جڏهن هر ماڻهوءَ تي مذهبَ جو تمام گهڻو اَثر ڇانيل هو ۽ گهڻو ڪري اِهو سمجهيو ويندو هو ته ڌرتي 4004 قبل مسيح ۾ جُڙي هئي. سائنسدانَ چپ چاپ ۾ ئي اهڙي قسمَ جي خيالن جي مخالفت ڪندا هئا پر ڪنهن کي ڪا همت نه هئي ته کليل نموني اظهارُ ڪري. اِهو چوڻ سخت گناههُ هو ته انسان مختلف صورتن مان گذري هِن حالت تي پهتو آهي.

ڊگهي سفرَ سبب ڊاروِن جي صحت خراب ٿي پئي جيڪا آخر تائين نه سُڌري. هِن سال 1839ع ۾ پنهنجي سؤٽِ سان شادي ڪئي ۽ ڪينٽ جي هڪ ڳوٺَ ۾ رهڻ لڳو، کيس خاموشيءَ سان ڪُنڊائتو رهڻ ۾ سڪون ملندو هو. اُتي به هُو پنهنجي تحقيق ۾ رُڌل رهيو. جڏهن طبيعت وڌيڪ بِگڙي پوندي هئس ته ڪجهه ڏينهن سير تفريح ڪري، وري پنهنجي ڪم سان لڳي ويندو هو.

اُنهيءَ تحقيقي سلسلي ۾ هٿ ڪيل خزاني کيس ڏاڍي مدد ڪئي. جِهرڪين جي ڊگهين ڊگهين چهنبن، پيرَن، جانورن جي هڏائي- پڃرن، پراڻن جانورن جي اوائلي آثارن ۽ عادتن جو ڀرپور مشاهداتي مطالعو ڪيو. پکين جي هڏين کي ملائي مڪمل ڍانچا جوڙي گذريل دؤرن بابت به تفصيلي جاچَ پڙتال ڪئي.

تجربن سميت هُو نتيجا به لکندو رهيو ته جيئن ڪتابي صورت ۾ سهيڙي سگهي. ڊاروِن کي ڪيترن ئي سُٺن دوستن جو سهڪارُ به حاصل هو. 24 نومبر 1859ع تي سندس ڇرڪائيندڙ ڪتابُ ’اوريجن آف اِسپيشينر‘ (Origin of Species) ڇپجي پَڌرو ٿيو ۽ ساڳئي ڏينهن تي ڪتابَ جون سموريون ڪاپيون وِڪامي ويون، جن جو ڳاڻيٽو 1250 هو! ان مان سندس تجربن جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ڪتابُ ته وِڪامي ويو پر مخالفت جو هڪ وڏو طوفان کڙو ٿي ويو. مذهب ۽ سائنس وچ ۾ هڪ وڏو بحث ڇِڙي پيو. ڊاروِن جا ڪيترائي مخالف ۽ حسد ڪندڙ پيدا ٿي ويا. پادرين هِن مٿان اِهو به الزام مَڙهيو ته هو بائيبل جي تعليم جي مخالفت پيو ڪري. ڪيترا مناظرا به ڪيا ويا. مذهبي پيشوائن سائنسدانن کي طعنا ڏيندي باندرَ جي اولاد به ڪوٺيو. ڊاروِن اهڙن طعنن يا مخالفتي مهم جو ڪو به اثر نه قبوليو ۽ پنهنجي تجربن جو سِلسلو جاري رکيو. اِرتقائي نظرين کان سواءِ هن پنهنجي نباتاتي تحقيق تي به ڪيترائي لاڀائتا ڪتاب لکيا. هو هڪ ترتيب پٽاندر ڪَمُ ڪندو هو. جيئن ته سندس صحت بهتر نه هئي، تنهن ڪري هو ٿوري دير لکڻ پڙهڻ کان پوءِ ٿورو وقت آرام به ضرور ڪندو هو. آخرڪار 19 اپريل 1882ع تي ڊاروِن گذاري ويو پر جيستائين هي جهانُ آهي، تيستائين ارتقائي نظرئي سبب سندس نالوزندهه سلامت رهندو.