ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-046-3 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 846966 ڀيرا پڙهيو ويو |
اهو ماڻهو، جيڪو پوري دنيا جي نابينن لاءِ روشن راهه ثابت ٿيو ۽ جنهن جو جوڙيل ”بريل سسٽم“ اڄ تائين مشهور آهي. هو ڄائي- ڄَم کان انڌو نه هو. سندس ديدَ ٽن سالن جي عمر ۾ ختم ٿي وئي. تنهن ڪري هو اونداهيءَ ۽ روشنيءَ ۾ فرق چڱيءَ طرح سمجهي پئي سگهيو. هُن پنهنجي سڄي حياتي اونداهي هٽائڻ ۾ گُذاري ڇڏي ۽ هو اُن رَنڊڪ واري ديوار کي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ويو، جيڪا عرصي کان اَنڌن ۽ اکين وارن وچ ۾ اڏيل هئي.
هي سندس محنت جو نتيجو آهي ته اڄ نابينَ علم پرائي سگهن ٿا ۽ سماج تي ڪو بارُ نٿا سمجهيا وڃن.
لوئيس بريل 1809ع ۾ فرانس ۾ اُن وقت پيدا ٿيو، جڏهن ملڪ انقلابي دؤر مان پئي گذريو. نيپولين جي فوج روس ۾ شڪست کائي چُڪي هئي ۽ هُن هر ماڻهو تي سندس حيثيت آهر سخت ٽيڪس لڳائي ڇڏيا هئا. ڪنهن کان مانيون وصول ڪيون وينديون هيون، ڪنهن کان گاههُ، ڪنهن کان گهوڙا ۽ ڪنهن کان ڳئون. لوئيس بريل جي پيءُ سائمن رين کي 340 فرانڪ ٽيڪس ڏيڻي پوندي هئي. ان کان پوءِ روسي حملو ڪندڙن کانئس هڪ ڳئون به کسي ورتي. لوئيس اهڙي ماحول ۾ اک کولي. هو انتهائي حساس دل ۽ دماغ جو مالڪ هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي اهڙي سياسي اُٿل پُٿل کان واقف ٿي چڪو هو.
لوئيس جو پيءُ گهوڙن جا سنجَ ٺاهيندو هو. ٽن سالن جي عمر ۾ هو پنهنجي پيءُ جي دڪان تي وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن اتفاقي طور هِن پنهنجي اک ۾ ڪنهن تيز اوزار جي چهنب هڻي وڌي، جنهن سبب هو انڌو ٿي پيو. خبر ناهي ته ان نازڪ ننڍڙي دل دماغ تي اهڙي حادثي جو ڪهڙو اثر ٿيو، پر جڏهن هُو اسڪول ۾ داخل ٿيو ته هر شيءِ کي هٿن سان ڇُهندي ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس طبيعت ۾ جاچ پڙتال جو عنصر ڪجهه وڌيڪ هو. اَنڌي ٿيڻ کان پوءِ سندس پيءُ ماءُ ۽ مِٽَ مائِٽَ کيس اڃا به وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳا.
ننڍي هوندي لوئيس ان اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتي اکين وارا ٻارَ به پڙهندا هئا، پر هو ڪنهن کان به پٺتي ڪو نه رهيو. سندس بي پناهه ذهانت ان وقت ئي ظاهر ٿيڻ لڳي هئي. هو تيرهن سالن جو به نه هوندو ته سندس والد کيس پئرس جي هڪ سُٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، جتي انڌن ٻارڙن کي تعليم ڏني ويندي هئي. نُور جي نعمت کان محروم هوندي به هُو ملڪ جي سياست ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ ملڪ لاءِ جمهوري حڪومتي نظامَ کي بهتر ڄاڻندو هو. هو ڪوشش، محنت ۽ اٽل ارادي جو حد کان وڌيڪ قائل هو.
وڏو ٿي هُو پروفيسر بڻيو ۽ هُن اَنڌن ٻارڙن جي تعليم لاءِ هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو. هن شاگردن کي سدائين محنت ڪرڻ جي تعليم ڏني پوءِ اڳتي هلي هو هنرمند بڻجن يا موسيقارَ. هُو نابينَن کي انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ ڪنهن طرح به گهٽ سمجهڻ لاءِ تيارُ نه هو، جن کي خدا تعاليٰ اکين جهڙي نعمت سان نوازيو آهي. هي اُن وقت جي ڳالهه آهي، جڏهن اَنڌن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪو به مناسب انتظام ڪونه هو ۽ انهن کي معاشري مٿان هڪ بارُ سمجهيو ويندو هو.
اَنڌن ٻارن لاءِ جيڪي ڪتابَ اِستعمال ڪيا ويندا هئا، انهن جا اکر اُڀريل هوندا هئا ته جيئن ٻارَ انهن کي پنهنجين آڱرين سان ڳولي ڦولي مطلب سمجهي سگهن. اُهي شروعاتي طريقا ايڏا سُٺا نه هئا. لوئيس بريل به اهو ٿي چاهيو ته اَنڌن ۽ اکين وارن، ٻنهي لاءِ لڳ ڀڳ هڪجهڙا ڪتابَ اِستعمال ڪيا وڃن پر اهو ڪم سولو نه هو.
اُنهن ڏينهن ۾ چارلس باربر نالي هڪ فوجي آفيسر اِن پاسي ڌيان ڏنو. هو پنهنجي نوڪريءَ وقت پيغام رَسائڻ لاءِ ڪي تجربا حاصل ڪري چُڪو هو. هُن هڪ اهڙو طريقو به ڳولي لڌو،جيڪو اڄڪلهه جي شارٽ هئنڊ سان ملندڙ جُلندڙ هو پر فرق اهو هو ته شارٽ هئنڊ اکين وارن جي ڪم جي شيءِ آهي ۽ چارلس اهو ڪم اُڀريل ٽُٻڪن مان ورتو ته جيئن انڌا ٻارَ پنهنجين آڱرين سان محسوس ڪري سگهن.
چارلس فقط ٻارهن لفظن جي مدد سان سڀئي اکر ظاهر ڪرڻ جو هڪ طريقو به ايجاد ڪيو. هو هڪ معمولي مشين جي مدد سان ڪاغذ تي ننڍڙا ننڍڙا سوراخ ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو ڇُهڻ سان اُڀريل ٽُٻڪا معلوم ٿيندا هئا. انهن ٽُٻڪن کي مختلف طريقن سان ڳنڍي جدا جدا معنائون ڪڍيون وينديون هيون. اُهو طريقو بهتر هو پر اُن ۾ ڪيتريون ئي اوڻايون به موجود هيون. پهريان ته اِنهيءَ لاءِ وڌيڪ جاءِ گهربل هئي ۽ ٻيو ته ٽٻڪا آڱرين کي چڱي طرح محسوس نه ٿيندا هئا.
لوئيس بريل انهيءَ طريقي کي ئي بهتر بڻايو ۽ چيو ته فقط ڇَهن ٽُٻڪن سان ئي سڀ اَنگَ اکرَ ۽ موسيقيءَ جا هَڙئي اصطلاحَ ظاهر ڪري سگهجن ٿا. لوئيس سڀ کان پهريائين اهو طريقو پنهنجن اُنهن شاگردن لاءِ استعمال ڪيو، جيڪي موسيقيءَ جي سِکيا حاصل ڪندا هئا. تُرت ئي اُنهن ۾ ۽ ديدَ وارن ۾ ڪو به فرق نه رهيو. تنهن کان پوءِ ڇَهن ٽٻڪن وارو اِهو طريقو مختلف مضمونن جي سکيا لاءِ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ جاگرافي، تاريخ، رياضي، صرف و نحو سڀ ڪجهه شامل هئا. هن پنهنجو اِهو طريقو 1834ع ۾ شايع ڪرايو ۽ ان کي نِماءَ لاءِ به پيش ڪيو. 1837ع ۾ ٻيو ڇاپو پڌرو ٿيو. هاڻي بريل کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين ٿي ويو هو پر سندس نِهٺائيءَ ۽ نوڙت جو اهو ئي حال هئو ته هو پنهنجي ڪم ۾ گُم رهندو هئو ۽ رات جو دير تائين جاڳندو هئو. انهيءَ دؤر ۾ ئي هن کي سِلَهه جي بيماري ٿي پئي، کيس ڪجهه وقت آرام ڪرڻ لاءِ گهر موڪليو ويو.
گهران موٽي هِن پنهنجي ڪم ۽ شاگردن ۾ اُها ئي دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ڇڏي. هو پنهنجي شاگردن ۾ ٻَڌيءَ جو وڏو قائل هئو ۽ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهندو هو. سندس حياتيءَ صبر ۽ سڪون سان گذري رهي هئي ته اوچتو هڪ حادثو پيش آيو. هن جو دوست ۽ رهنمائي ڪندڙ پگنير سنه 1840ع ۾ اَنڌن جي ان ڪاليج مان ڪڍيو ويو. نئين ڊائريڪٽر کي بريل جو اهو طريقو بلڪل پسند ڪونه هئو. هن سمجهيو پئي ته اهڙي طرح اَنڌا سَڄن کان بلڪل ڌارَ ٿي ويندا. گهڻا پروفيسر بريل کان ان لاءِ به ساڙ ۽ حسد ڪندا هئا ته هُن سندن ضرورت ۽ وجود کي ريٽي ڇڏيو هئو. 1843ع ۾ ڪاليج جو نصابي طريقو مَٽايو ويو ۽ نَون ڊائريڪٽرن سڀئي پُراڻا ڪتابَ ساڙائي ڇڏيا.
بريل کي ان تبديليءَ جو وڏو صدمو رسيو پر هو ذاتي طور جهيڙي کان نفرت ڪندڙ هو. سندس طبيعت ۾ امن، صلح ۽ ڌيرج هوندو هو، تنهن ڪري هو زهر جو ڍُڪ پي ويو، پر صبر جو ڦل ڏاڍو مِٺو ٿئي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ نئين ڊائريڪٽر کي بريل وارو تعليمي طريقو وڻيو ۽ هُن ڪاليج لاءِ وري منظوري ڏئي ڇڏي. بريل پنهنجي ڪم ۾ جُنبي ويو ۽ ساڳئي طريقي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو پر سندس صحت ساٿ نه ڏنو ۽ مسلسل خراب رهڻ لڳي. سنه 1852ع ۾ پئرس کان چاليهه ڪلوميٽر پري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پنهنجي حياتيءَ جا پويان پَلَ پورا ڪندي هن دنيا مان هليو ويو.
مرڻ مهل بريل پُرسڪون هئو ۽ سندس روح کي اها راحت حاصل هئي ته هُن هڪ عظيم مقصد ماڻي ورتو هو ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هُن نقصان مان نفعي وارو پاسو ڳولي ورتو هو. لوئيس بريل پنهنجون اکيون وڃائي بنا ديد وارن کي دڳ ڏيکاري، کين اکيون عطا ڪيون. سندس نيت صاف هئي، قدرت کيس حد کان وڌيڪ صبر ۽ سڪون ڏنو هو. هو ڏکئي وقت ۾ گهٻرائيندو هرگز نه هو ۽ نه وري ڪاوڙ مان ڪم وٺندو هو. هن پنهنجي ڪوشش سان انهيءَ ڀِت کي ڌڪو ڏئي ڪيري ڇڏيو، جيڪا نابينن ۽ نُورَ وارن وچ ۾ جُڙيل هئي.
بريل جو جوڙيل طريقو نه فقط فرانس پر سڄي دنيا جي مُلڪن ۾ اڄ به هلندڙ آهي. ان طريقي جي اهميت ۽ افاديت کي اُهي ماڻهو چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا، جن کي قدرت نظر جي نعمت کان محروم رکيو آهي. هو انهيءَ طريقي سان پنهنجو وقت کِلَ خوشيءَ، سُکَ-سهولت سان گهارن ٿا ۽ بيڪار نٿا بڻجن.
بريل جو تعليمي طريقو پاڪستان، هندستان، ايران، عراق، سعودي عرب، سريلنڪا ۽ ايشيا جي ڪيترن ملڪن سواءِ آفريقا تائين وڃي پهتو آهي. ڪيتريون حڪومتون يا سماجي ادارا انڌن جي استعمال هيٺ ايندڙ سامان انهن ۾ مفت ورهائيندا آهن. انڌن لاءِ اُڀريل اکرن وارا ڪتابَ ڌار ڇپيا وڃن ٿا، ايستائين جو اڄڪلهه ته قرآن شريف به بريل ۾ موجود آهي. اِن سلسلي سبب نابين ماڻهو پنهنجي ۽ سَڄن/ اکين وارن وچ ۾ فرق گهٽ محسوس ڪن ٿا. هي اهڙي شخص جي محنتن ۽ ڪوششن جو ڪارنامو آهي، جنهن پنهنجي پيڙا ۽ پريشانيءَ کي سڀني جو گڏيل سورُ سمجهيو ۽ سموري عالم جي آرام لاءِ پاڻ پتوڙيندي سڄي زندگي گذاري ۽ امرتا ماڻي.