ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     846895   ڀيرا پڙهيو ويو

سيموئل مَورس (Samuel Morse) 1791ع - 1872ع


جيستائين تارَ آهي، تيستائين سيموئل مورس جو نالو به زندهه رهندو. هِن غريب موجد نامناسب حالتن جو مقابلو ڪندي، دنيا کي هڪ انتهائي ڪارائتي ايجاد عطا ڪئي. مورس ڪوڊ به هُن جوڙيو، جيڪو پيغام پهچائڻ لاءِ اڃا تائين ڪَتب آندو پيو وڃي. انهيءَ ايجاد ترقي ڪندي سامونڊي تارَ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن سبب اڄ دنيا جو هر مُلڪ ٻئي ملڪ سان ڳنڍيل آهي.

سيموئل مَورس آمريڪا ۾ بوسٽن ويجهو چارلس ٽائون ۾ 27 اپريل 1791ع تي پيدا ٿيو هو. هِن کي ڄائي ڄَم کان ئي آرٽ سان بيحد لڳاءُ هو. سندس عمر اڃا چار سالَ ئي هئي ته هُن هڪ ٽاچنيءَ جي مدد سان ميز تي پنهنجي هڪ استادَ جي تصويرَ کُرڙي ٺاهي هئي.

سندس اِهو شوقُ وڌندو رهيو پر جيئن ته سندس پيءُ جڊيڊيا مورس هڪ پادري هو، اِنڪري هُن کي سيموئل مورس جو اِهو شوق بلڪل پسند ڪو نه هو. هو سندس تيار ڪيل تصويرن تي سخت اعتراض ڪندو هو ۽ پنهنجي پُٽَ کي ان ڪَم کان روڪيندو هو. اِنهيءَ زماني ۾ آمريڪي رهاڪن ۾ پنهنجي تصويرن ٺهرائڻ يا مصوريءَ جي همت افزائيءَ جو ڪو جذبو نه هو. مصور ويچارن لاءِ پيٽ پالڻ مشڪل هو. مورس جي پيءُ چاهيو ٿي ته هُو ٻيو ڪجهه نه ته گهٽ ۾ گهٽ پادري ئي بڻجي پوي، جنهن لاءِ هن پنهنجي پُٽ کي ييل موڪلي ڇڏيو.

سيموئل مورس مجبوريءَ سبب اسِڪولَ ۾ داخل ته ٿيو پر سندس مَن قديم ڪتابن ۾ بنهه به نه لڳو. کيس جيڪڏهن ڪا دلچسپي هئي ته بجليءَ سان. ان مان جيڪو وقت بچندو هُئس ته هو مصوري ڪندو رهندو هو. سندس هم ڪلاسي هِن جون ٺاهيل تصويرن هڪ هڪ ڊالر ۾ وڪڻي ڇڏيندا هئا. آخرڪار مورس جي پيءُ ماءُ هِن جي مخالفت ڪرڻ ڇڏي ڏني.

هاڻي سيموئل مَورس باقاعدي آرٽ جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ هو پنهنجي استادَ سان گڏجي لنڊن پڻ ويو، جيڪو هڪ مشهور فنڪار هو. جيتوڻيڪ مورس جي مَشق وڌي وئي هئي ۽ سندس هَٿَ- لڪيرون ترقي ماڻي چُڪيون هيون پر پوءِ به لنڊن واسين سندس جوڙيل تصويرون ڪو نه ورتيون.

مورس بي چَسو بڻجي انگلنڊ مان آمريڪا واپس موٽيو. هو ڏاڍو مايوس رهڻ لڳو، کيس پنهنجي ناڪاميءَ جو احساسُ کائڻ لڳو. هاڻي ته سندس شادي به ٿي وئي هئي. خرچ ۾ واڌارو اچي ويو پر آمدني گهٽجي وئي هئس. هو شهر شهر ڦرندو رهيو ۽ تصويرون بڻائيندو هو، جيڪي هينئر پندرهن ڊالرن تائين وڪامڻ لڳيون هيون.

زال سميت ٽن ٻارن جي پالنا جو بارُ به مورس مٿان ئي هو. ڪجهه وقت تائين هو ائين ئي وقت گهاريندو رهيو. سندس گهرواريءَ به ساڻس ڀرپور ساٿ نڀايو ۽ بهتر ڏينهن جي آسَ تي زندهه رهي پر افسوس جو هوءَ سِلَهه جي موذي مرض واري حملي کان پاڻ بچائي نَه سگهي. جيون- ساٿياڻيءَ جي وڇوڙي کان اڳ ئي مورس جا ٻَه ٻار به مري چڪا هئا. مورس کي اِنهن غَمَن جهوري وڌو، هو بلڪل ڀَڄي ڀورا ٿي پيو!

اِنهن شديد سورن، پڄرندڙ پيڙائن ۽ انيڪ ناڪامين هوندي سندس اندرَ ۾ عزم جي هڪ چڻنگ اڃا به چمڪي رهي هئي. هُن همّت کي آٿت ۽ آڌارُ بڻائي هڪ ڀيرو ٻيهر يورپ جو سفر شروع ڪيو ته جيئن پنهنجي فن کي وڌيڪ ترقي ڏياري سگهي. هُن انگلنڊ کان سواءِ ٻين ملڪن جو به دورو ڪيو ۽ پراڻي مصوريءَ جي ڪيترن ئي نمونن کي غور سان جاچيو ۽ رنگن جي ڳانڍاپي تي خاص ڌيان ڌريو، جنهن سبب تصويرون نهايت خوبصورت نظر اچن ٿيون.

عجيب ڳالهه آهي ته مصوريءَ سان گڏ گڏ مورس کي سائنس سان به ڏاڍي دلچسپي هئي. هو جديد اِيجادن کان باخبر رهندو هو. انهيءَ وقت فرانس ۾ پيغام پهچائڻ جو هڪ انوکو طريقو استعمال ڪيو ويندو هو. ٿوري ٿوري مفاصلي تي ڪيترا ئي مينارَ جُڙيل هئا. هڪ مناري وارو ڪِن اِشارن وسيلي هڪ پيغام ٻئي مناري واري کي سمجهائيندو هو، اهو ٽئين کي ۽ اهڙو سلسلو آخر تائين پهچي ويندو هو. ان طريقي کي ’سيمافر‘ چئبو هو. مورس کي اهو ڏاڍو وڻيو ۽ هن سوچيو ته فرانس ۾ ڌُنڌَ ۽ ڪوهيڙي ڪري اِهو طريقو ايترو ڪامياب ڪونهي، جيترو آمريڪا ۾ ٿي سگهي ٿو، جتي فضا وڌيڪ صاف ۽ روشن هوندي آهي.

وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ کان پوءِ هو اِنهيءَ نتيجي تي پهتو ته جيڪڏهن پيغام رَسائڻ لاءِ بجليءَ جو شعلو استعمالُ ڪيو وڃي ته اُهو وڌيڪ ڪامياب ويندو. وطن واپس وَرندي ئي جهازَ ۾ سندس ملاقات بوسٽن جي هڪ ڊاڪٽر چارلس جيڪسن سان ٿي، جيڪو پنهنجو واندو وقت مختلف تجربا ڪندي گذاريندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو بجلي بابت ڳالهائي رهيا هئا ته ڊاڪٽر جيڪسن چيو ته:

”بجليءَ جو وهڪرو اک ڇنڀ ۾ تارن وسيلي ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ٿو!“

مورس وڌيڪ چيو ته:

”جيڪڏهن ائين آهي ته ڪا ڳالهه ڪانهي، بجليءَ وسيلي اِنساني سوچون ۽ پيغامَ به تڪڙا دنيا جي هڪ ڪنڊَ کان ٻي ڪنڊَ تائين پهچائي سگهجن ٿا.“

ڊاڪٽر جيڪسن وراڻيو:

”منهنجي خيال ۾ اوهان دُرست ٿا چئو. ان لاءِ اوهان کي رڳو هڪڙي بَرقي چقمق جي گُهرج پوندي.“

انهيءَ ننڍڙي ڪچهريءَ ٽيليگراف يا تَارَ جي وجودَ کي جنم ڏنو. مورس آمريڪا واپس آيو ته سندس ذهني لاڙو مَٽِجي ويو هو. هن چترڪاريءَ کان منهن موڙي پنهنجي نئين خيالَ کي عملي روپ ڏيڻ جو پڪو پَهه ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت تائين اهو معلوم ٿي چڪو هو ته بجلي تارن وسيلي ڊگهو مفاصلو طئي ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن نرم لوههَ جي سيخَ سان ڪا تارَ ويڙهي وڃي ۽ اُن تارَ ۾ بجليءَ جو وهڪرو گذاريو وڃي ته اها سيخ چقمق بڻجي پوي ٿي ۽ ان کي پيغام موڪلڻ واسطي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

مورس اهڙي قسم جي تجربن کان ڏاڍو متاٿر ٿيو. هن وڌيڪ برقي تجربا ڪرڻ ٿي چاهيا پر مالي مونجهارا رنڊڪ جو ڪارڻ بڻيا. نيويارڪ يونيورسٽي اڃا قائم ئي مَسَ ٿي هئي. هو اُتي ڪجهه شاگردن کي آرٽ جي فن بابت سِکيا ڏيندو هو ۽ اُن مان جيڪو کيس پگهار ملندو هو سو پَنهنجي تجربن تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. اهي تجربا هو يونيورسٽيءَ جي هڪ ڪمري ۾ ڪندو هو.

غريبي، بيماري، مفلسي سندس ترقيءَ جي راهه روڪي پر مورس آسَ جو پاند پنهنجي هَٿان نه ڇڏيو. هو لکي ٿو:

”آءٌ اڄڪلهه ذهني ڇڪتاڻ ۾ مبتلا آهيان. مون کي ايڏي پريشاني اڳ ڪڏهن به پَلئه نه پئي آهي. منهنجو پيشو اهڙو آهي، جيڪو هڪ فقيرَ جو هوندو آهي. ڄڻ ته آءٌ خيراتَ تي گذرسفر ڪريان ٿو پر رڳو هڪ طاقت سهاري زندهه سلامت آهيان ۽ اُها آهي اميدَ جي سَگههَ، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مون آڏو ايندي رهي ٿي.“

اِنهيءَ اُميد ۽ آس سهاري هِن پاڻ کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري رکيو، جنهن جي ديوارن تي ٽامي جي هزارين وَالَ تارَ ڦهليل هئي. هو بجليءَ تي پيغام رسائڻ جا تجربا ڪندو رهيو. دنيا هِن مٿان کِلندي رهي پر هُن ڪنهن جي به پرواههَ نه ڪئي. سندس وارن ۾ اڇا وارَ وڌي ويا هئا پر ڪنهن کي به سندس قابليتن جو ڪو قدرَ ڪو نه هو. هِن برقي چقمق ۽ آواز پيدا ڪرڻ وارن ٻن سادَن اوزارن وسيلي تارَ واري عَمل کي مڪمل ڪري ڇڏيو.

اهڙو اوزار اڄ به اسان جي تارَ گَهرن ۾ لڳل نظر اچي ٿو. مورس پنهنجي ايجاد کي بهتر بڻايو. کيس پَڪَ هئي ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سندس محنت مڃتا ماڻيندي ۽ اها اِيجاد انيڪ انسانن جي ڪم ايندي.

هن پنهنجي ٽيليگراف حڪومت کي وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر آمريڪي ڪانگريس اِن جي مخالفت ڪئي. سالن تائين اِهو مسئلو بحث مباحثي هيٺ رهيو ۽ هر ڀيري مورس کي ناڪامي نصيب ٿي. هر ڪنهن کي اِنهيءَ ايجاد جي مفيد هئڻ ۾ يقين هو پر پوءِ به مخالفن اهڙي بِل جي منظوري نه ڏني.

آخرڪار اُهو ڏينهن به آيو، جنهن جو مورس کي انتظار هيو. 3 مارچ 1843ع تي آمريڪي ڪانگريس ٽيليگراف بِل پاس ڪيو ۽ مورس کي ٽيههَ هزار ڊالرن جي رقم ڏني وئي ته جيئن هو واشنگٽن کان بالٽي مور تائين هڪ تار جي لائين لڳائي سگهي. انهيءَ منظوريءَ جي خبر ٻڌندي ئي ڪيترا ساڙَ- سَڙيا وري ميدانَ ۾ لَٿا ۽ انهن ڪوڙي دعويٰ ڪئي ته ٽيليگراف سندن ايجاد آهي، مورس جي نَه. مورس سڀني جي سخت مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي حق ۾ ڪيئي ثبوت به پيش ڪيا.

معاملو عدالت تائين وڃي پهتو ۽ سپريم ڪورٽ اِهو فيصلو ڏنو:

”جيئن ته سيموئل مورس کي برقي تار جو اڪيلو ايجاد ڪندڙ قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، تڏهن به اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته اِن ايجادَ کي سڀ کان پهريائين عَملي صورت ۾ هِن ئي پيش ڪيو آهي، تنهنڪري آمريڪي حڪومت کيس ئي انعامَ جو حقيقي حقدار سمجهي ٿي.“

اهڙي طرح مورس کي پنجاهه سالن جي ڊگهي مسڪينيءَ مان ڇوٽڪارو مليو.

سيموئل کي پنهنجي محنتن جو صِلو دير سان ئي پر ملي ضرور ويو. آمريڪا ۽ آمريڪا کان ٻاهر ڪيترن ئي ملڪن هِن کي گهڻن ئي اعزازن سان نوازيو. سندس جيون ۾ پنج ڏينهن خاص طرح ذڪر جوڳا آهن.

  • پهريون ڏينهن سال 1835ع جو هو، جڏهن هن پنهنجي دوستن کي ٽيليگراف ڏيکاريو ۽ ٻُڌايو ته اِهو ڪهڙيءَ ريت ڪم ڪري ٿو.
  • ٻيو اهم ڏينهن 1840ع ۾ آيو، جڏهن هُن پنهنجي اِن ايجاد جي سَنَدَ حاصل ڪئي.
  • ٽيو ن ڏينهن 1843ع جو هو، جڏهن آمريڪي حڪومت اِها ايجادَ خريد ڪئي.
  • چوٿون ڏينهن 1844ع ۾ ظاهر ٿيو، جڏهن مورس برقي تار تي واشنگٽن کان بالٽي مور اِهو پيغام موڪليو ته: ”خدا جي قدرت به ڇا آهي؟“
  • پنجين خاص ڏينهن جو واسطو 1862ع سان آهي، جڏهن انگلنڊ سامونڊي تارَ وسيلي آمريڪا کي نيڪ تمنائن وارو پيغام موڪليو.

سيموئل مورس جي حياتيءَ جي انهن پنجن ڏينهن سائنسي دنيا ۾ هڪ نئين بابَ جو اضافو ڪيو. پيغام موڪلڻ جو هڪ انتهائي تيز وسيلو وجود ۾ آيو، جنهن نه فقط مختلف ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻن ۾ مدد ڪئي پر ڪيترن ئي قومن وچ ۾ دوستاڻن واسطن کي وڌايو.

هاڻي مورس پنجهتر سالن جي عمر تي پهتو هو، تڪليفن جا ڏينهن ختم ٿي ويا هئس. هو ڏاڍو خوش ٿيو، رضا تي راضي رهندڙ ۽ پُرسڪون پر پوءِ به هُن سستي ۽ ڪاهليءَ کي هرگز ويجهو اچڻ نه ڏنو. هو ٽيليگرافيءَ جي تاريخ سهيڙي رهيو هو. ان ڪم ۾ هو صبح کان شام تائين پر ڪڏهن ڪڏهن اڌ رات تائين به رُڌل رهندو هو.

مورس جي عمر ايڪاسي ورهيه ٿي وئي، سندس ٻَه ڀائي فوت ٿي ويا هئا. هاڻي کيس مذهبَ سان وڌيڪ چاهُه پيدا ٿيو. هو روزانو انجيل پڙهندو هو ۽ چوندو هو :

”آءٌ هاڻي هڪ نئين سلطنت ۾ داخل ٿيڻ وارو آهيان ۽ مونکي هي ڪتابُ پڙهندي وڌيڪ مَزو اچي ٿو. اهو مون کي اَڻ-ڏٺي ڏيهَه جو سير ڪرائي ٿو ۽ اتان جون ڪيئي ڳالهيون ٻُڌائي ٿو.“

جڏهن سندس ضعيف جسم نمونيا ۾ وڪوڙجي ويو ته ڊاڪٽرن سندس پاسراٽين کي آڱر سان وڄائي چيو: ”اسان ڊاڪٽرَ انسان جي ٽيليگرافيءَ هِن ريت ڪندا آهيون.“ مريضَ مرڪندي پنهنجي بستري ته جواب ڏنو:

” هاڻي آءٌ ڪنهن بهتر هنڌ ڏانهَن وڃي رهيو آهيان.“