ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     847293   ڀيرا پڙهيو ويو

سَر جيمز ينگ سمپسن (Sir James Young Simpson) 1811ع - 1870ع


ڪيترائي سالَ اڳي مريضن کي بي هوش ڪرڻ کان سواءِ آپريشن ڪيو ويندو هو. رڳو سندن هَٿ پيرَ ٻَڌا ويندا هئا. سمپسن انسانذات کي دک دردَ کان ڇوٽڪارو ڏِياريو. هُن ڪلورو فارم کي آپريشن کان پهريائين استعمال ڪرڻ جو عَمَلي تجربو ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽري پيشي سان لاڳاپيل جاکوڙي شخص عورتن جي بيمارين تي تمام گهڻي تحقيق ڪندي، انهن جو علاج ڳولي ڪڍيو ۽ هزارين لکين مائرن جي حياتي پنهنجي ڪوشش سان بچائي.

حڪيماڻي هنر جو اصل مقصد ازل کان اِهو ئي رهيو آهي ته انسان جا ڏک سورَ گَهٽايا وڃن ۽ وڌ کان وڌ جانيون، جلد ختم ٿيڻ کان بچايون وڃن. اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ انسان نه ته ايترين دوائن کان باخبر هو، جيتريون اڄڪلهه اسان جي خدمت لاءِ موجود آهن ۽ نه وري وَڍَ- ٽُڪَ (جراحي) جا جديد طريقا ڳوليا ويا هئا. انهيءَ زماني ۾ هر اِهو ماڻهو پاڻ کي جراح يا سرجن ڪوٺائڻ جو حقدار هوندو هو، جيڪو ڪاسائين جيان ڇُري چاقو هلائڻ ۾ مهارت رکندو هو.

آپريشن ڪيا ويندا هئا پر مريضن کي سخت تڪليف ٿيندي هئي. سرجن سندن سورَ جي بلڪل به پرواههَ نه ڪندا هئا. آپريشن جي ٽيبل يا جراحيءَ جا اوزار انتهائي گندا هوندا هئا، ڇو ته تَن ڏينهن ۾ ڪنهن کي به جيوڙن يا جراثيمن ڏانهن ڪو ڌيان ڪو نه هو. مريض کي تڙپڻ کان روڪڻ لاءِ هُن جا هٿ پيرَ ڏاڍي مضبوطيءَ سان ٻَڌا ويندا هئا. کيس آزاريندڙ ڇُريون ۽ ٻيا ايذائيندڙ اوزار پنهنجي چوڌاري هيڏانهن هوڏانهن پکڙيل نظر ايندا رهندا هئا ۽ آپريشن کان اڳ هُو ڏامر (Coal Tar) جي تيز بڻاسَ به محسوس ڪري سگهندو هو، جيڪو اٻرندو رهندو هو. جيئن آپريشن کان پوءِ سندس زخم جو منهُن بند ڪيو وڃي. گهڻي ڀاڱي ائين به ٿيندو هو ته آپريشن ختم ٿيڻ کان اڳواٽ مريض ساڻو ۽ بي ست بڻجي پوندو هو، سندس حالت رحم کائڻ جهڙي هوندي هئي. پر سرجن کي ان مٿان ڪو قهقاءُ نه ايندو هو. سمپسن به انهيءَ جُڳَ ۾ جنم ورتو ۽ اهڙين حالتن کان متاثر ٿيڻ سواءِ رهي نه سگهيو.

جيمز ينگ سمپسن 7 جون 1811ع تي اِسڪاٽ لئنڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجو ننڍپڻ ڳوٺ جي سادي سلوڻي پر وهمي ماحولَ ۾ گذاريو. انهيءَ وقت ۾ ماڻهو بيمارين کان جان ڇڏائڻ لاءِ جانورن جي قرباني ڪندا هئا. جيڪڏهن جانورن ۾ ڪا وبا ڦهلجندي هئي ته ان جو ڪو علاج ڪرڻ بجاءِ هڪ ڳئون زمين ۾ جيئري پوريندا هئا ته جيئن بيماريءَ کان ڇوٽڪارو ملي. تعليم نه هئڻ ڪري ماڻهن ۾ اهڙي قسم جي ڪمزور عقيدي جي عِلت عام هئي. سمپسن تي اِنهن ڳالهين جو ڳوڙهو اثر ٿيو ۽ سالم سوچ سبب اِهي سَکڻيون ۽ حقيقت جي ابتڙ سمجهڻ لڳو.

سمپسن جي جيون تي سرسري نظر ڊوڙائڻ سان سُڌ ملي ٿي ته هُن ٻالڪپڻ ۾ ئي ارادو ڪري ڇڏيو هو ته هو وڏو ٿي انسانن کي سورن کان آزادي ڏيارڻ جي عملي ڪوشش ڪندو، تنهنڪري ئي هن پنهنجي تعليم تي توجهه ڏنو. هن کي پڙهڻ لکڻ جو حد کان وڌيڪ شوق هو. جيئن ته سندس پيءُ نانوائي هو، اسڪول کان موٽي کيس پنهنجي پياري ۽ محنتي بابا سان هٿ ونڊائڻو به پوندو هو. ان ڳالهه ۾ هو ڪا به گهٽتائي يا عارُ نه سمجهندو هو. ترت ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ هو هر لحاظ کان سٺو شاگرد سمجهيو وڃڻ لڳو. پڙهائيءَ ۾ هوشياري ۽ بهتر اخلاق ڪري سڀئي استادَ کيس ڀانئڻ لڳا.

سمپسمن جا والدين غريب هئا، تڏهن به هنن پنهنجي ستين نمبر پُٽ کي سُٺي تعليم ڏيارڻ جو پڪو پَههُ ڪيو ته جيئن هو وڏو ٿي نالو پيدا ڪري سگهي. چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ نوجوان سمپسن ايَڊنبرا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ هن طب جي عِلم پڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايڪويهن سالن جي عمر ۾ هن کي ڊاڪٽريءَ جي سَنَدَ ملي وئي پر کيس تحقيقي تَڙپ ۽ وڌيڪ عِلمي اضافي جو لڳاءُ اندر ۾ اڃا به موجود رهيو.

خوشقسمتيءَ سان انهيءَ يونيورسٽيءَ ۾ ئي هن کي نوڪري ملي وئي. هو پنهنجي استاد ڊاڪٽر ٿامسن جو نائب مقرر ڪيو ويو. هِن پنهنجا فرضَ اهڙي محنت ۽ خوش اخلاقيءَ سان نڀائيا جو کيس تڪڙي ترقي ملي وئي. سمپسن کي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ پڙهائڻ جو موقعو مليو. هاڻي کيس طب جي علم ۽ جراحي سان دلچسپي وڌندي وئي. سنه 1839ع ۾ هو ايڊنبرا يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿيو.

انهيءَ عرصي ۾ سمپسن کي ڇوڪراڻي وهيءَ جي خيالن کي عملي روپ ڏيڻ جو موقعو مليو. هُو ڏک، پيڙا ۽ پريشانيءَ کان سخت نفرت ڪندو هو ۽ چاهيندو هو ته آپريشن مهل مريض کي جسماني عذاب ۽ ذهني تڪليف کان بچايو وڃي، تنهن وقت سندس يونيورسٽيءَ ۾ اسپتال جي زناني شعبي سان واسطو هو. کانئس بيمار عورتن جي حالت ۽ پريشانيءَ ڏٺي نه ٿي پُڳي.

ڊسمبر 1846ع ۾ انگلنڊ اندر اِها خبر پهتي ته مورٽن نالي هڪ آمريڪي ڏندن جي ڊاڪٽر ڏاٺ ڪڍڻ وقت سورُ گهٽائڻ لاءِ اِيٿر جو ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو آهي. مورٽن کي سر همفري ڊيوي جي دريافت ڪيل هڪ گئس ياد هئي، جنهن لاءِ هِن سنه 1800ع ۾ چيو هو ته: ”اِها آپريشن وقت استعمال ڪرڻ کپي.“ انهيءَ جو نالو ’کِلائيندڙ گئس‘ هو. مورٽن ان گئس بدران اِيٿر کي ڪتب آندو، جيڪو مريض ۾ ساڻائي پيدا ڪري ڇڏيندو هو ۽ آپريشن وقت هُو ڪابه تڪليف محسوس نه ڪندو هو.

اهڙي واقعي کان پوءِ انگلنڊ جي مشهور سرجن رابرٽ لسٽن اِيٿر وسيلي هڪ آپريشن ڪئي. سمپسن اهو مشاهدو ماڻيو. هو ايترو متاثر ٿيو جو هن عورتن کي ويم وقت شديد درد کان آرام ڏيڻ لاءِ اِيٿر استعمال ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انهيءَ وقت ۾ برطانيا جا ماڻهو پُراڻِ- پسند هئا. انهن اهڙي نئين ڳالهه کي بلڪل به سٺو نه سمجهيو ۽ سمپسن خلاف هروڀرو هل هنگامي وارو ماحول پيدا ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ مخالفت مذهبي اڳواڻن ڪئي، جن جي اسڪاٽ لئنڊ ۾ گهڻائي هئي. سندن چوڻ هو ته سمپسن قدرتي قانونَ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪا تڪليف فطرت جو حصو آهي، تنهن کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ ڪنهن به انسانَ جي اختيار هيٺ ڪونهي. ان دؤر جي ماڻهن ۾ وهم ۽ وسوسا اڃا عام هئا ۽ هو ڪنهن به قسم جي سائنسي ترقيءَ کي پسند نه ڪندا هئا.

جيمز ينگ سمپسن اهڙن اعتراضن جو ڪو به اثر نه ورتو ۽ ڪنهن قسم جي پرواهه ڪرڻ سواءِ پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ڇو ته سندس مقصد انسانذات جي ڀلائيءَ خاطر پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻڻ هو. هو سموري سماج لاءِ سچائيءَ سان پاڻ پتوڙي رهيو هو، نه ڪنهن ذاتي لاڀ لاءِ. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته جڏهن عمل عظيم هجي ۽ ارادا اٽل به، تڏهن وڏين ۽ مضبوط مخالفتن کي به مات ملي سگهي ٿي. سمپسن اِيٿر کي آپريشن لاءِ موزون نه سمجهيو. هو هڪ ٻي بهتر ۽ اثرائتي دوا جي ڳولا ۾ رهيو، جيڪا آپريشن کان اڳ مريض کي بي سُڌ ڪرڻ لاءِ ڪتب آندي وڃي.

هو سڄو ڏينهن پنهنجي تجربيگاههَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شام جو گهر اچي، ٻن چئن ڊاڪٽر دوستن کي پاڻ وٽ دعوت ڏئي گُهرائيندو هو ۽ ساڻن انهيءَ موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. هي سڀئي هڪ ميز جي چئني پاسن کان ويهندا هئا ۽ مختلف دوائن کي سُنگهندا هئا، جيڪي سمپسن ٺاهيندو رهندو هو. مطلب اهو ڄاڻڻ ۽ پرکڻ هو ته انهن ۾ ڪو جُزو بي هوشي طاري ڪري سگهي ٿو يا نه.

آخرڪار 4 نومبر 1847ع جي هڪ رات سمپسن کي ڪلورو فارم جي هڪ شيشي ياد آئي، جنهن کي هن ڪجهه وقت اڳ هڪ تجربي ۾ استعمال ڪيو هو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان هن اها شيشي هٿ ڪئي. ڪلوروفارم کي گلاس ۾ اوتيو ويو ۽ ٽنهي ڊاڪٽرن واري واري سان گلاس کي سُنگهڻ شروع ڪيو. ڪلوروفارم جلدي ئي ٽنهي کي پنهنجي پَڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجين ڪرسين تان ڌڙا ڌڙ ڪِرڻ شروع ڪيو.

سڀ کان پهريائين سمپسن کي هوش آيو ۽ سُرت ايندي ئي هن کي پنهنجي تجربي طرف توجهه ويو ۽ اهڙي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. حد کان وڌيڪ کِلَ کيس پنهنجي ٻين ساٿارين کي ڏسندي آئي، جيڪي اڃا تائين فرش تي بي خبر ڪِريا پيا هئا، ڄڻ انهن تمام گهڻو شراب پيتو هجي. جڏهن هو سڀئي هوش ۾ آيا ته هڪ عورت ڪلوروفارم تي تجربي جي خواهش ڏيکاري. گلاس نڪ تي رکڻ سان ئي هُن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ بي هوش ٿي ڪِري پئي.

مٿئين واقعي کان پوءِ سمپسن کي ڪلوروفارم جي اِنهي خاصيت جو يقين اچي ويو ته اها آپريشن کان اڳ بي حس ۽ بيهوش بڻائڻ لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿي. سمپسن هڪدم ان جو استعمالُ پنهنجي اسپتالَ ۾ شروع ڪري ڇڏيو. هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”مون ڪلوروفارم کي هڪ جادوءَ جهڙي اثر واري شيءِ سمجهيو آهي. ويم وقت عورتن کي درد کان نجات ڏيارڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه دوا نه آهي. اِها ماءُ ۽ ٻارَ تي ڪنهن به قسم جو برو اثر (Side Effect) نه ٿي ڏيکاري. مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن مائرون سخت سور سبب حد کان وڌيڪ اذيت ڀوڳينديون هيون. هاڻي ائين نه ٿيندو. ڊاڪٽر جو ڪم آهي ته هو نه فقط مريض جي جان بچائي پر ان کي پيڙا ۽ پريشانيءَ کان به آرام ڏياري.“

انهيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ سمپسن جي مشهوريءَ ۾ ڏاڍي تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ لڳو. هاڻي انگلنڊ جو عوام سندس نيڪ مقصد کي سمجهندي هِن جي خدمتن ۽ انسانيت جي سهائتا ساڻ سهمت ٿيڻ لڳو. مخالفت جي جاءِ تي ساراههَ سمپسن کي انهيءَ شعبي ۾ وڌيڪ تحقيق لاءِ اُتساهيو. سنه 1847ع ۾ راڻي وڪٽوريا کيس پنهنجو ذاتي ڊاڪٽر مقرر ڪيو. ٻارن جي پيدائش وقت راڻيءَ تي به ڪلوروفارم استعمال ڪيائين. ساڳئي سال پئرس جي ’اڪيڊمي آف ميڊيسن‘ هِن کي هڪ اعزاز عطا ڪيو، جيتوڻيڪ اِها ڳالهه اڪيڊميءَ جي قانونن خلاف هئي پر سمپسن جون محنتون مثالي ۽ اهم هيون. ان کان پوءِ ٻين ٻاهرين ملڪن ۾ به سندس ڪوششن ۽ ڪاوشن کي مڃتا ملي. يورپ توڙي آمريڪا جي سمورين طِبي جماعتن کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو. سنه 1856ع ۾ فرانس جي ’سائنس اڪيڊميءَ‘ ٻه هزار فرانڪ جو هڪ وڏو انعام سندس خدمتن بدلي ڏنو، جيڪي هن انسانذات جي دک، درد دور ڪرڻ لاءِ انجام ڏنيون هيون.

اِن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سمپسن جي اِن دريافت کيس وڏي عظمت ۽ بيحد شُهرت ڏني، پر هِن عورتن جي جملي مرضن متعلق ڄاڻ، انهن جي علاجَ ۽ جَوڳن اپائن لاءِ به وڏي عملي جاکوڙ ڪئي. سندس ذهني ۽ جسماني وِلوڙ ڪري ئي انگلنڊ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ عورتن جي مرضن ۽ علاج لاءِ الڳ اسپتالون قائم آهن. سمپسن کي ڪنهن وڌاءَ سواءِ هزارين لکين عورتن جي زندگي بچائيندڙ مسيحا ڪوٺي سگهجي ٿو.

سٺي فزيشن (دوائن وسيلي علاج ڪندڙ ڊاڪٽر) هئڻ سان گڏوگڏ سمپسن اعليٰ درجي جو سرجن پڻ هو. هن رڳن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو هڪ نئون طريقو ڳولي ڪڍيو ۽ جوزف لسٽر جي عظيم ڪم کي اڳتي وڌايو. جيتوڻيڪ هو سڄي ڄمار جراثيم ڪُش (Antibiotic) دوائن جي افاديت ۽ اهميت جو انڪاري رهيو. اها ئي ڳالهه سندس ڪردار تي ڪارو داغ سمجهي ويندي آهي. انسان ڀلي ڪيتري به عظمت حاصل ڪري ڇو نه وٺي پر هُن کي ٻين جي مهارت به مڃڻ گهرجي.

سنه 1866ع ۾ سمپسن کي سندس خدمتن جي موٽ ۾ شهر جو امير ’بيرن‘ (Baron) بڻايو ويو. هُو اسڪاٽ لئنڊ جو پهريون پروفيسر ڊاڪٽر هو، جنهن کي اهڙو اعزاز نصيب ٿيو، پر افسوس جو ساڻس زندگيءَ گهڻو ساٿ نه ڏنو. سمپس جڏهن عمر جي اوڻهٺين سالَ کي رسيو، کيس مٿئين اعزاز ملڻ تي اڃا مبارڪن جا خط پئي مليا، تن ڏينهن ۾ ئي هِن کي نهايت شديد ٻه ڏُکَ سَهڻا پيا. هڪ سندس نوجوان پٽ ڊاڪٽر ڊيوڊ جيمز سمپسن اوچتو فوت ٿي ويو. ستت ئي ٻئي مهيني کان پوءِ سترهن سالن جي ڌيءَ جيسي به کيس وڇوڙي جو صدمو ڏئي ڀاءُ سان وڃي ملي.

اِنهن ٻنهي گِهرَن غمن سمپسن جي چيلهه ڀڃي وڌي ۽ سندس صحت خراب رهڻ لڳي پر پوءِ به هو مسلسل ڪم ڪندو رهيو. ايستائين جو 6 مئي 1870ع ۾ هي اڪابر انسان، جنهن ٻين جي جان بچائڻ لاءِ سموري حياتي پاڻ پتوڙيو، سدائين لاءِ ننڊ سُمهي پيو. اهڙي ابدي ننڊ، جنهن کان کيس ڪير به جاڳائي نه ٿو سگهي.

هاڻي اسان ڪلوروفارم سميت اهڙين ٻين ڪيترين ئي دوائن کان باخبر آهيون. اسان جا آپريشن ٿيٽر اوڻويهين صديءَ جي مقابلي ۾ هاڻي نهايت صاف سُٿرا آهن. مريضَ انهن کي ڏِسي ڊڄن نه ٿا. وڏي کان وڏي آپريشن وقت به مريض سڪون سان آهي ۽ کيس ڪا به خبر نه ٿي پوي. اهو سڀ ڪجهه ۽ ايڏي وڏي ترقي هڪ ڏينهن ۾ ممڪن ٿي نه سگهي. انهيءَ نيڪ وڏي، عاليشان ڪم جي ابتدا سمپسن ڪئي هئي؛ سندس نالو طب جراحي جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو.