ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-046-3 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 846899 ڀيرا پڙهيو ويو |
ان ڳالهه کي هڪ صديءَ کان وڌيڪ وقت ناهي گذريو، جو وڏن ملڪن جون اسپتالون به انتهائي اُبتر حالت ۾ هونديون هيون. مريضَ اسپتال داخل ٿيڻ کان گهٻرائيندا هئا، ڇو ته کين بچڻ جي اميد تمام گهٽ هوندي هئي. وَڍ- ڪُٽ (آپريشن) جو بندوبست هو، پر ڪو به ڊاڪٽر جراثيمن (انتهائي باريڪ جيوڙن) جي خطري کان واقف نه هو ۽ نه وري انهن کي ناس ڪرڻ جو جوڳو انتظام هوندو هو. آپريشن ته ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ پهچندو هو، پر مريض مري ويندو هو. لِسٽر اِن پاسي ڌيان ڏنو ۽ پاسچر جي جراثيمي- نظرئي جي روشنيءَ ۾ جراثيم ماريندڙ (ANTIBIOTICS) دوائون تيار ڪيون. سُڌريل سرجري (جرّاحي) اهڙي دريافت جي سدائين ٿورائتي رهندي.
اُوڻويهين صديءَ ۾ انگلنڊ جي اِسپتالن جي حالت اها هئي، جو آپريشن کان پوءِ ٽي حصا مريضَ بچي سگهندا هئا. پر سندن چوٿون حصو مري ويندو هو. ڊاڪٽر انهيءَ ڪارڪردگيءَ کي به وڏي ڪاميابي سمجهندا هئا. ماڻهو اسپتالن کان ڇرڪندا هئا ۽ ڪي ته اهڙا به هئا، جو کلم کُلا ان جي مخالفت به ڪندا هئا. ڊاڪٽرَ سمجهندا هئا ته سندن مريضَ رت ۾ زهر ڦهلجڻ ڪري ٿا مري وڃن. هو صفائيءَ جو به پورو انتظامُ رکندا هئا، پوءِ به موت جو ڪَٺور وجودُ سمورا سُلجهيل سلسلا بِگاڙي ڇڏيندو هو.
هڪ نوجوان اِن پاسي ڌيان ڌَريو، جنهن جو نالو ”جوزف لِسٽر“ هو ۽ هو جوزف جيڪسن لِسٽر جو پُٽ هو، جنهن خوردبينيءَ کي بهتر بڻائي وڏي خدمت ڪئي ۽ ان ڪري کيس رائل سوسائٽيءَ جو فيلو به چونڊيو ويو هو.
جوزف لسٽر 5 اپريل 1927ع تي ويسٽ هيم ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان هڪ مذهبي سوچ وارو هو، تنهنڪري کيس ڪنهن اِسڪول ۾ به داخل نه ڪرايو ويو، پر گهر ۾ خانگي نموني تعليم ڏياري وئي. لِسٽر کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان بيحد پيارُ هو. سنه 1848ع ۾ هو طبي تعليم لاءِ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ داخل ٿيو. تيستائين هِن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه هئي، جنهن مان اِهو ظاهر ٿئي ها ته هو اڳتي هلي غير معمولي مشهوري ماڻيندو.
يونيورسٽي ڪاليج لنڊن مان ايم.بي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ جوزف لِسٽر وڌيڪ تربيت ۽ تجربي لاءِ ايڊنبرا هليو ويو. هو ننڍپڻ کان وٺي چُپ چاپ ڪم ڪرڻ جو عادي هو ۽ اِها عادت هِتي به قائم رهي. هتي ئي لِسٽر پنهنجي هٿن سان پهرين آپريشن ڪئي، جيڪا ڏاڍي نازڪ هئي. هو آپريشن ۾ ايترو مَحو ٿي ويندو هو، جو سمورو جسم پگهر ۾ پُسي ويندو هئس. سندس اها ڪمزوري سدائين رهي.
ان کان پوءِ لِسٽر جي شُهرت شروع ٿي. 23 اپريل 1856ع تي هِن جي شادي ٿي، جيڪا هِن لاءِ ڪيترين ئي خوشين جو سبب بڻي.لِسٽر جي زال هن لاءِ ڏاڍي همدرد ۽ مددگار ثابت ٿي. لِسٽر جراحي جي عِلم ۾ ڪمال حاصل ڪيو هو، پر کيس اِها سوچ سدائين ستائيندي هئي ته مريض آپريشن کان پوءِ مري ڇو ٿا وڃن! هن کي انهن جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ۽ کين زندهه رکڻ جو آسروند رهندو هو. هُن رت ۽ سوڄ تي تمام گهڻي تحقيق ڪئي. جنهن ڪري کيس 32 سالن جي عمر ۾ ئي رائل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊيو ويو، اِهو هڪ وڏو اعزاز هو. ماڻهو سندس قدر ڪرڻ لڳا ۽ هِن جي نظرين کي درست سمجهڻ لڳا.
1864ع ۾ پاسچر پنهنجي جراثيمي نظرئي جو اعلان ڪيو ۽ دنيا کي ٻُڌايو ته جراثيمن سبب زخم خراب ٿي، خطرناڪ بڻجي پون ٿا.ان کان اڳ اِهو سمجهيو ويندو هو ته جراثيم رڳو هوا ۾ هوندا آهن. پاسچر ڏَسيو ته اهي هر هنڌ موجود آهن، اِيستائين جو اسان جي جسم اندر به آهن، تنهنڪري ڪي زخمَ خراب ٿي وڃن ٿا.
لِسٽر اِن نظرئي کي حقيقت جي نظر سان ڏٺو. هو پهريون سرجن هو، جنهن ڪاربالڪ ايسڊ کي جراثيمَ ناس ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو. صاف سُٿرن ڪپڙن، ٽوالن ۽ صابڻ جي استعمالَ تي زور ڏنو. اسپتالن ۾ آپريشن کان اڳ سمورن ڊاڪٽرن ۽ ٻين ملازمن جا هَٿ ڌوئارڻ جو رواج پيو، پر پوءِ به مريض مَرندا رهيا. لِسٽر جي تحقيق جاري رهي.
هِن محنتيءَ مهينن جا مهينا تجربا ڪيا ۽ آخرڪار اِن نتيجي تي پهتو ته جراثيمن کان جند ڇڏائڻ جو سڀ کان سِٺو طريقو اِهو آهي ته زخمن تي هميشه ڪا جراثيم ماريندڙ دوا استعمال ڪئي وڃي ته جيئن اهي خراب نه ٿين. هِن پَٽين کي به ڪاربالڪ ايسڊ سان آلو ڪرڻ شروع ڪيو. هو زخمن مٿان به اِها ئي دوا لڳائيندو هو. ان کان پوءِ ڪُجهه ڪپهه آلي ڪري زخم تي رکندو هو. ڪاربالڪ ايسڊ لڳڻ وقت مريض کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. هو اهڙي اَهنج ۽ انساني ڏکيائي ڏور ڪرڻ لاءِ تجربا ڪندو رهيو. هُن آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ هڙئي اوزار به جراثيمن کان پاڪ رکڻ شروع ڪيا. اڄ اِها ڳالهه ابتدائي ٿي لڳي، پر اُن زماني ۾ اهميت واري هئي. گهڻا ڊاڪٽر ته لِسٽر جي اهڙي ايجادن تي کِلندا هئا، پر هُو ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو هو. سندس نظر ۾ تجربو سڀ کان وڏي پرک هو.
ڪُجهه وقت کان پوءِ کيس سُڌ پئي ته جراثيم گهڻي گرميءَ سان مري ويندا آهن، اِن ڪري هِن آپريشن وارن اوزارن تي ڪاربالڪ ايسڊ اڇلائڻ بجاءِ انهن کي گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪارڻ شروع ڪيو ۽ اِهو طريقو اڄ به رائج آهي. لِسٽر جي سڀ کان وڏي خوبي اِها هئي ته هُو لڪيرَ جو فقير نه هو. جيڪڏهن کيس پَڪَ ٿي ويندي هئي ته سندس پهريون طريقو غلط آهي ته هُو ان کي ڇڏڻ ۾ ڪوبه شرم يا عارُ محسوس نه ڪندو هو.
لِسٽر کي گلاسگو جي اسپتالَ ۾ سڀ کان گهڻي مشهوري مِلي. جڏهن هو اتي پهتو ته اسي سيڪڙو مريض زخمَ خراب ٿيڻ ڪري مري ويندا هئا. اها اِسپتال ڏاڍي گندي جاءِ تي هئي. لِسٽر ان جي حالت سڌاري ۽ صفائيءَ جو بهتر بندوبست ڪيو. هڪ ئي وارڊَ ۾ گهڻا مريض رکڻ جي مخالفت ڪئي. جراثيم ماريندڙ دوائون استعمال ڪيون ۽ ڪجهه مهينن جي محنت کان پوءِ نتيجو اهو نڪتو ته هڪ مريض به زخم خراب ٿيڻ سبب نه مُئو. ماڻهو هِن جي اهڙن طريقن ڪري کيس مڃتا ۽ مانُ ڏيڻ لڳا.
لِسٽر هڪ سٺو سرجن هئڻ سان گڏو گڏ جراثيمن جو ماهر پڻ هو. کيس اِها خاصيت پنهنجي پيءُ کان وَرثي ۾ ملي هئي. سندس ذهنُ مشين وانگر ڪم ڪندو هو ۽ حافظو ايترو تيز هو، جو معمولي ڳالهه به سندس سوچ ۾ سالن جا سالَ محفوظ ۽ سلامت رهندي هئي. هِن ۾ هڪڙي خامي اِها هئي ته هو وقت جو پابند نه هو. جيڪڏهن ڪٿي ليڪچر ڏيڻو هوندو هئس ته اڌ اڌ ڪلاڪ دير سان پهچندو هو. اِنهيءَ جو سبب سُستي هرگز نه هئي، پر رستي ۾ هلندي ڪا نئين ڳالهه ذهن ۾ اُڀرندي هئس ته هڪدم تجربو ڪرڻ لاءِ گهر هليو ويندو هو. هو ڪابه ڳالهه ثبوت کان سواءِ ڪڏهن به ڪنهن سان نه ڪندو هو.
هُن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته هُن جراثيم ختم ڪرڻ جا مختلف ذريعا معلوم ڪيا؛ هِن سرجريءَ واري سائنس (علم) کي به بهتر بڻايو ۽ زخم کي بند ڪرڻ (سبڻ) جا بهتر طريقا ڳولي لڌا. اِن کان اڳ انهيءَ ڪم لاءِ سَنهو ريشمي ڌاڳو استعمالُ ڪيو ويندو هو، جنهن سان ڦٽ خراب ٿيڻ ۽ زهر ڦهلجڻ جي عام شڪايت هوندي هئي. لِسٽر ڪيترن تجربن ڪرڻ کان پوءِ جانورن جون رڳون/نَسون مناسب سمجهيون ۽ اهي ڪم آڻڻ جو رواج وِڌو. اِنساني جسم انهن کي آسانيءَ سان پنهنجو ڪري ٿو. ان سان گڏ گڏ هِن ڪيترين آپريشنن جا نوان طريقا پڻ رائج ڪيا.
1891ع ۾ هِن پاسچر اِنسٽيٽيوٽ وانگر هڪ تحقيقاتي ادارو قائم ڪيو، جنهن جو نالو ’لِسٽر اِنسٽيٽيوٽ‘ رکيو ويو. اهو اڃا تائين موجود آهي ۽ اُتي مختلف بيمارين جا سبب ۽ انهن جي جديد علاج بابت تجربا ٿيندا رهن ٿا. 1893ع ۾ لِسٽر جي زال فوت ٿي وئي. کيس صدمي جهوري وڌو، ڇو ته سندس گهرواري سُگهڙ، وفا شعار، قربائتي هجڻ سان گڏ هر ڪم ۾ مددگار ۽ معاون هوندي هئي. انهيءَ جي جدائيءَ کان پوءِ کيس هِن جهان ۾ جيئڻ لاءِ ڪا دلچسپي نه رهي. 1894ع ۾ لِسٽر کي رائل سوسائٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو، جيڪو به هڪ وڏو اعزاز هو.
سنه 1903ع ۾ لِسٽر مٿان هڪ بيماريءَ جو شديد حملو ٿيو، تنهن کان پوءِ هو تندرست ٿي نه سگهيو. هِن جا باقي نَوَ سال تڪليف ۾ گذريا. 10 فيبروري 1912ع تي هي محنتي مسيحا سدائين لاءِ موڪلائي ويو. اُن وقت هن جي عمر 85 ورهيه هئي.
جنهن وقت هِن لنڊن جي اسپتالن ۾ ڪم شروع ڪيو هو ته اُهي موت-گهر محسوس ٿيندا هئا، پر جڏهن هي فوت ٿيو ته ساڳيون اِسپتالون صحت، سلامتي ۽ سڪون واريون جايون بڻجي ويون هيون. اِهو ئي هو سندس عملي سيوا ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نتيجو. ائين هِن اِنسانيت جي وڏي خدمت ڪئي.