ناميارا سائنسدان (جلد II)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد II)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-046-3
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     846891   ڀيرا پڙهيو ويو

فرڊيننڊ ڊي ليسپس (Ferdinand De Lisps) 1805ع - 1894ع


فرڊيننڊ ڊي ليسپس اُن فرانسيسي انجنيئر جو نالو آهي، جنهن سوئيز واهه کوٽائي روم سمنڊ ۽ قلزم سمنڊ کي ملائي اوڀر ۽ اولهه کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هي واهه وڏي اهميت وارو آهي، جيڪو مصر جي ملڪيت آهي. انهيءَ مان مصر کي تمام گهڻي موڙي ملي ٿي. فرڊيننڊ اهڙي ئي جوش جذبي سان پاناما واهه کوٽائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر انهيءَ ڪم ڪري کيس خواري پلئه پئي. افسوس جو سندس انجام ڏاڍو خراب ٿيو.

فرڊيننڊ ڊي ليسپس جي زندگي عجيب غريب واقعن سان ڀَريل آهي. هُن ڪيترين ئي مشڪلاتن کي مُنهن ڏيندي دنيا ۾ هڪ عزت ڀريو مقامُ ماڻيو، پر سندس عمر جي آخري حصي ۾ نامناسبت حالتن سان به واسطو پيو. هِي اهو ئي شخص هو، جنهن دنيا وارن کي اوڀر اولهه جي وچ ۾ هڪ نئين رستي کان واقف ڪرايو ۽ سامونڊي سفر ۾ هزارن ميلن جي گهٽتائي آڻي ڇڏي.

هي انجنيئر 19 نومبر 1805ع تي ورسليز ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا سرڪاري نوڪري ڪندا آيا هئا، تنهنڪري هِن به اِئين ئي ڪيو. 1825ع ۾ کيس هڪ سفارتي عهدي تي لزبن موڪليو ويو. تنهن کان پوءِ کيس بدلي اسڪندريا ڏانهن ٿي ۽ ان وقت ئي کيس روم ۽ قلزم سمنڊ کي پاڻ ۾ ملائڻ جو خيال پيدا ٿيو.

هِي ڪو نئون خيال به نه هو. هڪ ٻئي شخص 1797ع ۾ نيپولين جي هدايت تي انهيءَ قسم جي صلاح تي ڪجهه بنيادي ڪم ڪيو هو. ڏکيائي رڳو اِها هئي ته ڪير اهڙي رٿا کي عملي صورت ڏيڻ جي قابليت رکندڙ ڪو نه هو. ڊي ليسپس اهڙي ڪم کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهيو ۽ مصر جي حاڪم محمد علي پٽ محمد سعيد سان تعلقات به رکيا پر ان کان پوءِ ويهن سالن تائين سوئيز واهه تي ڪم شروع ٿي نه سگهيو.

فرڊيننڊ ڊي ليسپس 1832ع کان 1837ع تائين قاهره جي هڪ سفارتي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. هتي کيس اُڀرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو مليو. هُن عوام جي خدمت ڪئي ۽ اهڙي طرح کيس لوڪَ جو اعتماد حاصل ٿيو. ستن سالن کان پوءِ هن کي سفارتخاني واري نوڪريءَ کان ڌار ٿيڻو پيو. هاڻي هو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آزاد هو. هُن اهڙي موقعي مان فائدو ورتو.

انهن ئي ڏينهن ۾ مصر ۽ ترڪيءَ جو ڳانڍاپو ٿيو. فرڊيننڊ جي دوست محمد سعيد کيس اسڪندريا اچڻ جي دعوت ڏني، اهڙي طرح هو 7 نومبر 1854ع تي اُتي پهتو. پاشا سندس شاندار استقبال ڪيو ۽ هُن جي خدمت ۾ ڪابه ڪَسَرَ نه ڇڏي. فرڊيننڊ انهيءَ موقعي تي سوئيز واههَ بابت پنهنجي تجويز تفصيلي طور بيان ڪئي ۽ اُن جا فائدا پڻ ٻُڌايا. آخرڪار پاشا راضي ٿي ويو.

هاڻي فرڊيننڊ کي هڪ سياسي ڏُکيائي سامهون هئي. انگلنڊ سوئيز واههَ کي اوڀر ۾ فرانس پاران هڪ قسم جي دخل اندازي سمجهندو هو، ان ڪري سختيءَ سان انهيءَ منصوبي جي مخالفت ڪئي وئي. فرڊيننڊ پاڻ انگلنڊ ويو ۽ عوامي راءِ کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. عوامُ ساڻس سَهَمت هو، تنهن هوندي به حڪومت اِن رٿا کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. سوئيزواهه ان وقت تائين تيار ٿي نه ٿي سگهيو، جيستائين ترڪيءَ جي سلطان جي اجازت حاصل نه ٿي وڃي، ڇو ته هاڻي مصر به سلطان جي ماتحت هو. انگلنڊ وارن جو ترڪيءَ ۾ خاص اثر هو، انِ ڪري هُو سلطان کي روڪيندو رهيو پر فرڊيننڊ ڊي ليسپس به همّت نه هاري ۽ آخرڪار ڪاميابي ماڻيائين. کيس سوئيز واهه کوٽائڻ جي اجازت ملي وئي ۽ هِن پئرس ۾ هڪ ڪمپني جوڙي. 25 اپريل 1859ع تي ڊي ليسپس پاڻ سعيد بندر تي پهرين ڪوڏر هڻي هِن عظيم منصوبي جو ڪم شروع ڪيو. ٻن فرانسيسي انجنيئرن سميت ٻيو ڪيترو ئي عملو ساڻس گڏ هو.

ڪم ته شروع ٿي ويو پر انگلنڊ جي مخالفت لاڳيتو جاري رهي. 1863ع ۾ محمد سعيد فوت ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ تي اسماعيل تخت تي ويٺو. اهو به هِن منصوبي کي ڪنهن حد تائين پسند ته ڪندو هو پر هاڻ ڊي ليسپس کي اهي ساڳيون سهوليتون حاصل نه هيون جيڪي سعيد جي زماني ۾ کيس مليل هيون. مصري مزدور تيزيءَ سان زمين کوٽي رهيا هئا، جن کي زبردستيءَ سان انهيءَ ڪَمَ تي لڳايو ويو هو. هڪ وقت اهو هو جو انهن جو اَسي هزار جيترو انگُ واههَ کوٽڻ وري ڪم تي لڳل هو پر انگلنڊ ان ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي ڇو ته مزدورن جي هِتي اچڻ سان ڦٽين جا فصل ويران ٿي ويا هئا. انگلنڊ کي پنهنجا ڪارخانا هلائڻ لاءِ مصري ڪپهه گُهربل هئي. جڏهن مصري مزدورَ پنهنجي ٻَني ٻاري تي هليا ويا ته ٻن سالن تائين واههَ جي کوٽائيءَ وارو ڪم بند رهيو ڇو ته ان سخت ڪم لاءِ يورپي مزدور ته ملي نه پئي سگهيا.

ڊي ليسپس اِنهن رڪاوٽن ڪري پريشان ته ٿيو پر پوءِ به هُن همّت نه هاري. سندس اميدون اڃا به جوان هيون ۽ کيس يقين هو ته هو پنهنجي اٽل اِرادي سبب انهيءَ منصوبي کي عملي صورت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. هن مزدورن وارو ڪم مشينن کان وٺڻ شروع ڪيو. هي هڪ نئون تجربو هو، جيڪو ڪامياب رهيو ۽ 1863ع ۾ ڪم پڄاڻيءَ تي پهتو.

واههَ جو افتتاحُ وڏي شانائتي نموني سان ڪيو ويو. ڊي ليسپس کي پنهنجي محنت جو ڦل ملي ويو. انهيءَ اهم موقعي تي ڪيترن ئي مشهور مهمانن کان سواءِ آسٽريا جو شهنشاهه، پروشيا جو شهزادو ۽ نيپولين ٽئين جي راڻي يوجين به موجود هئا. 16 نومبر 1869ع تي اسماعيل پاشا سرڪاري طور تي واههَ جو افتتاحُ ڪيو. اِنهيءَ موقعي تي لڳ ڀڳ هر ملڪ جا جنگي جهازَ موجود هئا، جن پنهنجي توپن جي گجگوڙَ سان اُڀ مَٿي تي کڻي ڇڏيو.

ٻئي ڏينهن تي سٺ ملڪن جا جهازَ آهستي آهستي واههَ مان لنگهيا. ڪنهن به قسمَ جي ڪا ڏکيائي پيش نه آئي. ڊي ليسپس ڪامياب رهيو. اِن جي راههَ ۾ انيڪ رڪاوٽون وڌنديون ويون. قدم قدم تي ڏکيائون پيدا ڪيون ويون پر ڪا به شيءِ سندس راههَ ۾ رڪاوٽ وجهي نه سگهي. سندس همت ۽ حوصلي کيس ڪامياب بڻايو ۽ سوئيز واهه جُڙڻ سان لنڊن ۽ بمبئي جي وچ ۾ پنج هزار ميلَ مفاصلو گهٽجي ويو. پهريان هي سفر آفريڪا جو چڪر ڪاٽي راس اميد جي طرف کان پورو ڪيو ويندو هو.

ڊي ليسپس نهايت شان سان فرانس واپس وريو. هو پنهنجي ڪاميابيءَ تي فخر محسوس ڪري رهيو هو. هُو چاهي ها ته پنهنجي باقي زندگي عزت ۽ آرامَ سان گذاري سگهي ها پر 1879ع ۾ پئرس جي جيوگرافيڪل سوسائٽيءَ پاناما واههَ جو منصوبو جوڙيو، ڊي ليسپس کي اُن جو سربراههُ مقرر ڪيو ويو. انجنيئر کي پَڪَ هئي ته هِي همراههُ ئي واههُ جوڙائي وٺندو، تنهن ڪري هڪ ڪمپنيءَ مُوڙي مهيا ڪرڻ جي ذميواري کنئي. سنه 1881ع ۾ پاناما واههَ تي ڪم شروع ٿي ويو. هي ڪم اَٺَ سالَ هليو پر بدديانتي ۽ لالچ ڪري ڪاميابي ماڻي نه سگهيو. هر شخص ڪمپنيءَ مان پئسا هَڙپ ڪرڻ جي فڪر ۾ ڦاٿل نظر آيو ۽ ڪنهن کي به ڪم سان ڪو غرضُ نه هو، موسم به خراب هئي. ان ڪري ڪيترائي مزدورَ مرڻَ لڳا. هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ پنجاهه هزار ماڻهو مري ويا ۽ سڀ کان وڏو جاني نقصان ’مليريا‘ رسايو.

ڊي ليسپس به ڪُراڙو ٿي چڪو هو، هو گهڻو وقت پئرس ۾ گذاريندو هو، تنهنڪري انهن مامرن کان بنهه بي خبر رهيو. هن کي پنهنجي تجربي تي ايترو ته نازُ هو جو ٻين انجنيئرن جي ڳالهه ٻُڌندو ئي ڪو نهَ هو. پاناما وارو علائقو سوئيز کان بنهه مختلف هو، هِتي جَبَلَ ۽ درياههَ رڪاوٽ بڻيل هئا. نتيجو اِهو نڪتو ته پئسا پاڻي ٿِي وَهي ويا ۽ سال 1888ع ۾ ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو. هزارين ڀائيوارَ تباههَ ٿي ويا.

فرانس ۾ ڏاڍو هُل هنگامو ٿيو. حڪومت جاچ ڪرائڻ تي مجبور ٿي پئي. ڊي ليسپس، سندس وڏو پُٽ ۽ ٻيا ڪجهه انجنيئر عتابَ هيٺ آيا، ڪيسُ هلايو ويو. نتيجي ۾ ڊي ليسپس کي پنجَ سال قيد ۽ ڏنڊَ جي سزا وڌي وئي پر پوءِ اِها سزا ختم ڪئي وئي ۽ هو 7 ڊسمبر 1894ع تي نوي سالن جي ڄمارَ ۾ فوت ٿي ويو.

افسوس جو سندس حياتيءَ جا آخري ڏهاڙا خواري ۽ ذلت ۾ گذريا.

اِن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پوڙهائپ ۽ هروڀرو ضد سبب ڊي ليسپس پاناما واههُ تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پر سندس ابتدائي ڪوشش انهيءَ ڪم کي سولو ضرورو بڻائي ڇڏيو هو، جو آمريڪا واسين واههَ کي مڪمل ڪيو ۽ ڊي ليسپس جي منصوبابنديءَ کي ساراهيو.

ڊي ليسپس هڪ انسان جي حيثيت ۾ اعليٰ درجي واري ڪردار جو مالڪ هو. سندس زندگيءَ جو مقصد اِهو هو ته سوئيز واههُ تيارٿئي ۽ پوري دنيا جا اِنسانَ انهيءَ مان فائدو وٺن. هو اهڙي مقصد ۾ ڪامياب ٿيو! کيس ڪنهن به قسم جي لالچ نه هئي. هو چاهي ها ته ڏاڍي سولائيءَ سان سوئيز ڪمپنيءَ ۾ حصيدارُ بڻجي دولت ڪمائي ها پر هُن ائين ڪو نه ڪيو. پوءِ انگلنڊ ڪيترائي حصا خريد ڪري سوئيز واههَ تي پنهنجو راڄُ قائم ڪيو.

ڊي ليسپس کي پراڻيون ڳالهيون ياد هيون پوءِ به هُن انگلنڊ سان ڀرپور سهڪارُ ڪيو.

مٿئين جيون ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ پَتو پوي ٿو ته فرڊيننڊ ڊي ليسپس اوڻويهين صديءَ جو هڪ عظيم انسانُ هو. هڪ ماهر انجنيئر ۽ هڪ بُلند حوصلي ۽ همت وارو باعمل شخص!