ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد II) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-046-3 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 846968 ڀيرا پڙهيو ويو |
مشهور رياضي ۽ طبعياتي علم جو ماهر، جنهن جو هڪ ڪارنامو اِهو آهي ته هُن فيراڊي جي تحقيق کي اڳتي وَڌايو. ان سان گڏ بجلي ۽ چقمق وچ ۾ جيڪو ڳانڍاپو معلوم ڪيو هو، تنهن جي تشريح ڪئي. ڪيمبرج يونيورسٽيءَ واري ڪيونڊش لئبارٽري سندس محنت ۽ لڳاءُ جو نتيجو آهي.
هِن فزڪس جي ڪيترن ئي نظرين کي رياضيءَ وسيلي صحيح ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ تجرباتي سائنس کي ترقي ڏِياري. هِن جو هڪ ٻيو ڪارنامو اِهو به آهي ته هُن وائرليس لهرن جو وجود ڳولي لڌو.
جيمز ڪلارڪ ميڪسويل کي اوڻويهين صديءَ جو سڀ کان وڏو نظرين وارو طبعياتي ماهر سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي رياضيءَ جي علم تي اٿاههُ عبورُ حاصل هو. هو 13 نومبر 1831ع تي ايڊنبرا ۾ پيدا ٿيو. انهيءَ ئي سال فيراڊي، بجليءَ ۽ چقمق وچ ۾ ڳانڍاپو ڳولي لَڌو هو. ميڪسويل هڪ اعليٰ ۽ معتبر گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو. سندس پيءُ هڪ بئريسٽر هو، پر هُن کي مشينن سان خاص دلچسپي هئي. ڪلارڪ ميڪسويل پنهنجي ماءُ پيءُ کي هڪڙو ئي سڪيلڌو پُٽ هو، تنهنڪري سندس تعليم ۽ تَربيت تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
ميڪسويل جي طبيعت ۾ کوجنا جو عَنصر ننڍپڻ کان ئي موجود هو ۽ هُو به پنهنجي پيءُ جيان ڪَل پُرزن ۾ ڏاڍي دلچسپي وَٺندو هو. هُو هر شيءِ جي اونهائيءَ ۾ وڃڻ چاهيندو هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي ڪجهه اهڙا رانديڪا ۽ کيڏوڻا ٺاهيا هئائين، جيڪي چاٻيءَ وسيلي ڦِرندا هئا. جڏهن ميڪسويل جي عمر نَوَ سالَ هئي ته سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، جيڪا ڪينسر جي مرض جو شڪارُ بڻي، لڳ ڀڳ چاليهن سالن کان پوءِ اسان جو هِي سائنسدان به اِنهيءَ موذي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، هِن ڏيههَ مان هليو ويو!
اَمڙ جي وِڇوڙي کان پوءِ ميڪسويل جي پالنا ۽ پرورش جو بارُ سندس پيءُ مٿان پيو. اهڙي طرح پيءُ پٽ جي ويجهڙائي اڃا به وڌي وئي. ڏهن سالن جي عمر ۾ ميڪسويل ايڊنبرا اڪيڊميءَ ۾ ابتدائي تعليم شروع ڪئي. اُتي ئي سندس حسابن سان چاههُ وَڌيو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ اڪيڊميءَ کيس اُنهيءَ مضمون ۾ تمغو ڏنو.
سورهن سالن جي عمر ۾ ميڪسويل ايڊنبرا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. هاڻي هو رياضيءَ کان سواءِ ڪيمياگري، مقناطيسي ۽ اک جي روشنيءَ وارن تجربن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو هو ۽ هو انهن ۾ گم ٿي وڃڻ واري حد تائين مَحو ٿي ويندو هو. شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي هو رائل سوسائٽيءَ جي جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ پنهنجا تحقيقي ليکَ به شايع ڪرائيندو هو. جوانيءَ ۾ ئي سندس اهڙي اُڏامَ هڪ روشن مستقبل جو اِشارو ڪري رهي هئي.
1850ع ۾ ميڪسويل ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ هُن رياضيءَ جو باقاعدي مطالعو شروع ڪيو. پڙهڻ کان سواءِ هو يونيورسٽيءَ جي ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين ۾ به بَهرو وٺندو هو. سندس روز جو معمولُ ڏاڍو عجيب هو. هو پنجين وڳي شام کان ساڍي نائين وڳي رات تائين سُمهندو هو. ڏهين وڳي کان ٻي وڳي رات تائين خوب مطالعو ڪندو هو. ٻي وڳي کان اڍائي وڳي رات تائين ورانڊي ۽ ڏاڪڻين ۾ ڪَسرت ڪندو هو. تَنهن بعد اڍائي وڳي کان صبح جو ستين وڳي تائين سمهندو هو.
1854ع ۾ مڪسويل رياضيات ۾ هڪ قابلِ قدر ڊگري حاصل ڪري ورتي، جنهن کي ’ٽرائپوس‘ چيو ويندو هو. ان کان پوءِ هو ٻن سالن تائين ٽرنٽي ڪاليج ۾ پڙهائيندو رهيو ۽ سائنسي تجربا به ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ هو فيراڊيءَ جي تجربن کان متاثر ٿيو ۽ کيس بجليءَ سان دلچسپي پيدا ٿي. اهو ئي سندس جيون جو وڏو سرمايو آهي، جنهن وسيلي سندس نالو اڄ به زندهه آهي ۽ سندس شمارُ چوٽيءَ جي ماهر رياضي دانن ۽ طبعيات دانن ۾ ٿيڻ لڳو.
1860ع ۾ ميڪسويل لنڊن جي ڪِنگس ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، جتي هُن پنجَ سالَ گذاريا. اُتي ئي سندس مُلاقات فيراڊي سان ٿي. ميڪسويل پنهنجو تحقيقي ۽ تجرباتي سِلسلو جاري رکيو. هُو گئسن تي تحقيق ڪري رهيو هو، پر هاڻي سندس ڌيان بجليءَ طرف هليو ويو، جنهن جو کيس شروع کان شوق هو. هن ڪجهه سوالن جا جوابَ حاصل ڪرڻ ٿي چاهيا، جهڙوڪ: چقمقي ميدان ڇا آهي؟ بجلي ۽ چقمق ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ خلا ۾ انهن جو ڪيترو ۽ ڪهڙو اثر آهي؟
ميڪسويل فيراڊيءَ جي نظرين کي وسعت ڏني ۽ رياضيءَ جي مدد سان انهن جو پختو ثبوت پيش ڪيو. سمجهڻ وارن سندس ڪوششن کي ساراهيو. ڪيترائي ماڻهو هِن جي قابليت جا قائل ٿي ويا. هن جو اِهو وڏو ڪارنامو سمجهيو ويندو آهي ته هن برقي چقمقي ميدان جا ڪجهه قاعدا جوڙيا، جيڪي اڄ تائين سندس نالي پٺيان مشهور آهن. ميڪسويل اِنهيءَ موضوع تي پورا ويههَ سالَ محنت ۽ تجربا ڪيا.
1871ع ۾ ميڪسويل ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ هُن اها مشهور تجربيگاهه جوڙائي، جيڪا ’ڪيونڊش لئبارٽري‘ سڏجي ٿي. هُن پنهنجو سمورو ذاتي سامان اُنهيءَ تجربيگاهه کي ڏئي ڇڏيو ۽ ڪجهه مالي مدد پڻ ڪئي. ان کان پوءِ ميڪسويل ننڍا وڏا ڪيئي ڪتابَ لکيا، جن کي طبعيات جي علم ۾ هڪ اهم مقامُ حاصل آهي.
ميڪسويل جي ڪردار جو سڀ کان ڀرپور پاسو اِهو آهي ته هو نهايت شريف اِنسان هو. هو پنهنجي دوستن، مِٽن- مائٽن سان ڏاڍي محبت سان پيش ايندو هو. 1877ع ۾ کيس پيٽ جي سور جي تڪليف شروع ٿي، پر هُن ٻن سالن تائين ڪنهن ڊاڪٽر سان ڪوبه مشورو نه ڪيو. سندس حالت ڏينهون ڏينهن بِگڙجندي رهي. پيٽ جي سورَ ايتري ته شِدّت اختيار ڪري ورتي، جو کيس نه سُمهڻ پئي ڏنائين ۽ نه وري سُکَ سان ساهه کڻڻ. سندس بک بنهه ختم ٿي وئي ۽ طاقت جواب ڏيڻ لڳي.
5 نومبر 1879ع تي ڪينسر جي مَرض کيس نِهوڙي نيو. سندس علاج ڪندڙ جا اِهي لفظ هئا ته:
”مون ڪنهن به مريض کي ايتري سانت ۽ سڪونَ سان ساههُ ڏيندي نه ڏِٺو آهي، جهڙي طرح ميڪسويل پنهنجي جان ڏِني.“
هِن جو سڀ کان اهم ڪارنامو اِهو آهي ته هِن وائرليس لهرن جو وجود ڳوليو. ان عظيم کوجنا کان پوءِ ئي وائرليس، ٽيليگرافي ۽ ريڊيو جهڙيون ڪارائتيون ايجادون عمل ۾ اچي سَگهيون.