ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد I) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-045-6 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 560278 ڀيرا پڙهيو ويو |
جارج اسٽيفنسَن جي زندگي هڪ اهڙي اِنسان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو غريب گهر ۾ پيدا ٿيو، پر ان پنهنجي ذهن ۽ ڪوشش سان بلند مقام ماڻيو. هِن ريلوي انجڻ کي بهتر بڻائيندي، ريلوي پَٽڙين کي ترقي ڏياري وڏو ڪم اِهو ڪيو ته مهينن جو سفر ڏينهَن ۾ پورو ٿيڻ لڳو. سندس جيون ڪٿا ۾ اسان لاءِ اِهو سبق سمايل آهي ته دنيا ۾ نالو روشن ڪرڻ يا وڏو ماڻهو سڏجڻ لاءِ بلند خاندان يا ڌن- دولت جي ضرورت ڪانهي، پر مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ جدوجهد ضروري آهي.
ارڙهن سالن جي عمر تائين جارج اسٽيفنسَن نه لکڻ ڄاڻندو هو ۽ نه وري پڙهڻ. هو اِسڪاٽ لينڊ جي هڪ مسڪين ماڻهوءَ جو پٽ هو، جيڪو غربت سبب جوانيءَ ۾ ئي اتر انگلنڊ جي ڪوئلي وارين کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهتو. 9 جون 1781ع ۾ کيس هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو جارج اسٽيفنسَن رکيائين. وائلم (Wylum) ۾ جتي جارج پيدا ٿيو هو، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙن جي ٻارن ٻَچن لاءِ ڪوبه اسڪول نه هو. اهي ٻارَ ننڍڙي عمر ۾ ئي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا هئا، جيئن پنهنجي وَڏن جي مدد ڪري سگهن.
جارج جي پيءُ رابرٽ جي ڪمائي ٿورڙي هئي ۽ هُن کي ڇَهه ٻارَ هئا. هو فائر مئن هو ۽ ڪوئلي جي هڪ کاڻ جو اهڙو پمپ هلائيندو هو، جيڪو کاڻ مان پاڻي ڪڍي، ٻاهر اڇلائي. سندس گهر جي ويجهو هڪ ڪاٺ جي ريلوي پَٽڙي هئي، جنهن تي ڪوئلي سان ڀَريل گاڏيون نيوڪاسل تائين ڪوئلو پهچائينديون هيون. اِنهن گاڏين کي گهوڙا گهليندا هئا.
ڪجهه سالن کان پوءِ جارج اسٽيفن سَن انهن ٻنهي شين يعني ٻاڦ ۽ ريلوي پَٽڙيءَ کي مِلائي هڪ ڪارائتي ايجاد جو بنياد وِڌو، جنهن اوڻويهين صديءَ جي دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. هو ننڍپڻ کان اِهي ئي شيون ڏِسندو پئي آيو، جهڙوڪ: ڪوئلا ٻاري پاڻيءَ مان ٻاڦَ حاصل ڪئي ويندي هئي ۽ ڪاٺ جي ريلوي پٽڙين جي مدد سان ڪوئلو هڪ هنڌَ کان ٻئي هنڌ پهچايو ويندو هو.
ٻاڦ تي هَلندڙ ريلوي انجڻ ۽ اها پَٽڙي جنهن تي اها ڊوڙي ٿي، اصل ۾ ڪيترن ذهنن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي. 1630ع ڌاري اتر انگلنڊ ۾ ڪاٺ جي ريلوي پٽڙيءَ جو رواجُ شروع ٿي چُڪو هو، جنهن تي گهوڙا ڪوئلن سان ڀريل گاڏيون گھيليندا هئا. ڪيتري عرصي کان پوءِ ڪاٺ جي اِن پَٽڙيءَ جي مٿاڇري کي ڇِلي گولُ ڪيو ويو ته جيئن اِها گاڏين جي اونهَن ڦيٿن اندر سمائجي وڃي ۽ حادثن جو ڪوبه خطرو نه رهي.
1776ع ۾ پهريون ڀيرو شفيلڊ ويجهو هڪ لوهي ريلوي پَٽڙي وِڇائي وئي، جنهن جي جوڙيندڙ جو نالو جون ڪَر (John Cur) هو، پر کاڻين جي مزدورن هن خلاف بغاوت ڪئي. اُنهن نه پئي چاهيو ته مشينون سندن روزي کسي وٺن. سڀني گڏجي جون ڪَر جي ٺاهيل ريلوي پَٽڙي ڀَڃي ڇڏي ۽ هو غريب پنهنجي جانِ بَچائي اُتان وٺي ڀڳو.
1698ع ۾ هڪ ٻئي کوجنائيءَ ٿامس سيوري (Thomas Savory) شروعاتي نموني طور هڪ ٻاڦ واري انجڻ ٺاهي، جنهن تي ڪجهه سالن کان پوءِ ٿامس نيوڪومين (Thomas Newcomen) وڌيڪ ڪم ڪندي ترقي وٺرائي ۽ اُها انجڻ کاڻين ۾ پاڻي ڇڪيندڙ پمپن کي هلائڻ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي.
ٻاڦَ وسيلي هلندڙ انجڻ جي سلسلي ۾ جيمز واٽ (James Watt) جو ذڪر به ضروري آهي، جنهن 1769ع ۾ پنهنجو هڪ نمونو جوڙيو هو. اهو اڳ وارين انجڻين جي ڀيٽَ ۾ ڪافي بهتر هو. ساڳئي سال هڪ فرانسيسي سائنسدان نڪولس ڪگنٽ (Nicholas Cygnet) ٽن ڦيٿن سان هڪ ٻاڦ واري گاڏي تيار ڪئي، جنهن ۾ ٻه سلينڊر لڳل هئا، پر پهرئين ئي دفعي هِن رستي جي ڀت ڪيرائي وِڌي ۽ ان جي رفتار ۾ به ڪو خاص واڌارو اچي نه سگهيو. ان کان پوءِ هڪ ٻيو نمونو ڪجهه بهتر طريقي سان ٺاهيو ويو، پر پئرس ۾ جڏهن نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو ته هڪ جاءِ تي مُڙڻ وقت اُها گاڏي بلڪل اونڌي ٿي پئي ۽ حڪومت اهڙي انجڻ کي خطرناڪ قرار ڏيندي، ان جي استعمال تي سدائين لاءِ بندش لاڳو ڪري ڇڏي.
عام طور اِهو سمجهيو ويندو آهي ته پهريائين ڪامياب ريلوي انجڻ جوڙڻ جو سَهرو هڪ انگريز رچرڊ ٽريوي ٿِڪ (Richard Trevi Thick) جي سِر تي سُونهَين. اها مشين 1804ع ۾ مڪمل ٿي. ان ۾ بَٺي يعني بوائلر جو هڪ عمدو انتظام ڪيو ويو هو ۽ ڏسڻ ۾ به ڏاڍي سهڻي هئي. ابتدا ۾ تجرباتي طور انجڻ ڏهه ٽن وزن پنهنجي گاڏن، پاڻيءَ ۽ ٻارڻَ سميت نَوَ ميل (تقريباً ساڍا چوڏهن ڪلوميٽر) مفاصلي تائين ڇِڪي وئي ۽ ان جي رفتار ساڍا پنج ميل (پوڻا نَوَ ڪلوميٽر) في ڪلاڪ هئي.
انجڻ ته جُڙي راس ٿي، پر جنهن ريلوي پَٽڙيءَ تي هلي پئي، اها ڪچي لوهه جي هئي. اهڙي پٽڙي انجڻ ۽ گاڏن جو گهڻو وزن سهي نه پئي سگهي، تنهنڪري ڪيترن ئي هنڌان ڀَڄي پئي. انجڻ پَٽڙين تان لهي وئي ۽ هيٺ وڃي ڪري. پوءِ گهوڙن وسيلي ڇِڪي واپس آندي وئي. انهيءَ واقعي بعد ٽريوي ٿِڪ کي ريلَ جي انجڻ سان ڪا به دلچسپي نه رهي ۽ هِن اهڙين اِنجڻين ڏانهن ڌيان ڏنو، جيڪي هڪ هنڌ بيٺي ڪم ڪنديون آهن. ٿِڪ آمريڪا هليو ويو ۽ ڌَنُ دولت ڪمائڻ جي ڌُنِ ۾ رُڌل رهيو. جڏهن اُتي بغاوت ڦهلي ته هو ڏاڍي ڏُکيائيءَ سان انگلنڊ واپس وَريو، جتي 1833ع ۾ گذاري ويو.
جارج اسٽيفنسَن پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا اٺن ورهين جي عُمر ۾ هڪ ڌنار جي حيثيت سان ڪئي، پر جلد هو کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جتي وڌيڪ اُجورو ملندو هو. کاڻ ۾ سندس اِهو ڪم هو ته ڪوئلا صاف ڪري ۽ ان مان پٿر ۽ سليٽ جا ٽڪرا ڪڍي اڇلائيندو وڃي. جلد ئي کيس گهوڙي هلائڻ جو ڪم ڏنو ويو، جيڪو کاڻ مان ڪوئلن سان ڀريل بالٽيون ڇڪيندو هو.
چوڏهن سالن جي عمر ۾ جارج اسٽيفنسَن کي پنهنجي پيءُ جي انجڻ واري بٺيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن کي مشينن سان ڏاڍو لڳاءُ هو. هو پمپنگ انجڻ کي کولي، سڀ پُرزا ڌارَ ڪري وري پاڻ جوڙيندو هو. صفائيءَ کان سواءِ ڪٿي ڪٿي سڌارو به آڻيندو هو. سترهن سالن جي عمر ۾ ئي سڀ کيس کاڻ جو بهترين مِستري سمجهڻ لڳا. جيئن ته کيس ڪابه تعليم ڪانه هئي، تنهنڪري هُو ترقي ماڻي نه پئي سگهيو. اهو ڏسندي جارج هڪ راتِ واري اسڪولَ ۾ داخلا ورتي. اُن وقت کيس هڪ انجڻ جو انچارج بڻايو ويو. هن پنهنجي انجڻ کي سهڻي نموني سنڀاليو، ايستائين جو اُها ڪڏهن به خراب نه ٿي. اهڙيءَ طرح هن کي پنهنجو سبق ياد ڪرڻ ۽ ڀِتين تي حساب جا سوال حل ڪرڻ جو سٺو وقت ملي ويندو هو.
اڃا جارج جي عمر 21 سال ئي هئي ته هو سائنسي ڪتابَ پڙهڻ لڳو. هُن ڪيترائي اوزار به ڪَٺا ڪري ورتا هئا، جن جي مدد سان هڪ مشين ٺاهيائين، پر اها کيس ڪنهن به ڪم نه آئي. ڪجهه وقت کان پوءِ هو هڪ اهڙي انجڻ جو آپريٽر بڻجي ويو، جيڪا ڪوئلي جي کاڻين مان سامان ٻاهر ڪڍندي هئي. ساڳئي سال جارج جي شادي هڪ اهڙيءَ عورت سان ٿي، جنهن جي عمر 33 سال هئي. ڪجهه عرصو کل خوشيءَ ۾ گذري ويو. هڪ سال بعد جارج اسٽيفنسَن کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رابرٽ رکيو ويو. ان کان پوءِ کيس هڪ ڌيءَ به پيدا ٿي، جيڪا ڪجهه ڏينهن بعد گذاري وئي. ان واقعي کان ستت ئي پوءِ سندس گهرواري به فوت ٿي وئي. جارج 39 سالن جي عمر تائين ٻي شادي ڪانه ڪئي.
زال جي وڇوڙي بعد جارج پنهنجو پُٽ هڪ پاڙيسرياڻيءَ جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اسڪاٽ لئنڊ جي هڪ ڪارخاني ۾ انجڻ مَئن وڃي ٿيو، جنهن ۾ اُڻت جو ڪم ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ سندس پيءُ هڪ ڪارخاني ۾ انجڻ صاف ڪندي سڙي پيو ۽ اکين جي نورَ کان محروم ٿي ويو. جارج کي هڪدم واپس ورڻو پيو. هِن مٿان هڪ وڌيڪ مصيبت اِها اچي ڪَڙڪي ته کيس انگلنڊ جي فوج ۾ ڀَرتي ٿيڻ جو حڪم مليو، جيڪا اُن وقت نيپولين خلاف وڙهي رهي هئي. جارج کي پنهنجي عيوضَ طور هڪ ٻيو ماڻهو جنگ تي موڪلڻ سان گڏوگڏ ميڙيل ملڪيت جو هڪ وڏو حصو به ڏيڻو پيو. هِن پنهنجي پيءُ جو ورتل قرض به واپس ڪيو. سندس ڪُلهن تي ابي امڙ، سڪيلڌي پٽ ۽ ڀيڻ جي پالنا ۽ پرورش جو بارُ به هو، تنهنڪري وري کاڻ ۾ ڪم ڪرڻ سان پنهنجي پُراڻي ٻاڦ واري انجڻ سنڀاليائين ۽ واندي وقت ۾ واچون وغيره مرمت ڪري ڪجهه وڌيڪ پئسا ڪمائڻ لڳو.
جلد ئي سندس قسمت ڦيرو کاڌو. ويجهو هڪ کاڻ هئي، جنهن ۾ هڪ سالَ کان مٿي پاڻي ڀَريل هو. جارج اُن جي مالڪ کي يقين ڏياريو ته هو پنهنجي انجڻ وسيلي هڪ هفتي اندر انهيءَ کاڻ مان پاڻي ڪڍي، صاف ڪري ڏيندو ۽ هن پنهنجي واعدي موجب مقرر وقت اندر ڪم ڪري ڏيکاريو. مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس سَئو پائونڊ سالياني پگهار تي هيڊ انجنيئر مقرر ڪيو. اها پگهارَ انهيءَ زماني ۾ تمام گهڻي سمجهي ويندي هئي.
هاڻي جارج کي هڪ ريل انجڻ جوڙڻ جو خيال آيو. 1804ع کان پوءِ اُن وقت تائين ڪجهه ٻين ماڻهن ٽريوي ٿِڪ جي انجڻ جَهڙيون انجڻيون ٺاهيون، جن مان ڪجهه اهڙيون به هيون، جيڪي ريلوي پٽڙيءَ تي هلڻ بجاءِ عام رستن تي هلنديون هيون ۽ انهيءَ لحاظ کان ڪامياب ثابت نه ٿيون.
1813ع ۾ ٻن ماڻهن، جن جا نالا بليڪٽ ۽ وليم هئا، ڪجهه سٺي انجڻ ٺاهي، جيڪا لوهه جي پَٽڙيءَ تي هلندي هئي. اها ڪيترن سالن تائين ڪوئلن جا دَٻا ڇڪيندي رهي، پر ان جي رفتار ٻه اڍائي ميل (ساڍا ٽي- چار ڪلوميٽر) في ڪلاڪ کان وڌي نه پئي سگهي ۽ ان ۾ اها خرابي به هئي ته هلڻ مهل پنهنجي لوڏن سان ريلوي پٽڙي اڪثر ڀڃي ڇڏيندي هئي.
اسٽيفنسَن انهيءَ انجڻ کي چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ جاچيو پوءِ پنهنجي مالڪ جي موڪل سان 1814ع ۾ هڪ انجڻ تيار ڪيائين، جنهن جو نالو ’بلوچر‘ رکيو ويو. اها انجڻ ارڙهن گهوڙن جيترو ڪم ڪري سگهندي هئي ۽ ٽيههَ ٽَن ڪوئلا کڻي چار ميل (ساڍا ڇهه ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتار سان چاڙِهي چڙهي سگهندي هئي، جيڪا جارج جو وڏو ڀاءُ جيمز هلائيندو هو. ڳچ سالن تائين اها انجڻ اهڙيءَ ريت ڪم ڪندي رهي. ان کان پوءِ اسٽيفنسَن ڪيتريون ئي ٻيون انجڻيون ٺاهيون، جيڪي آهستي آهستي بهتر ٿينديون ويون. ان سفر سميت هِن ريلوي پَٽڙين کي به ترقي ڏني ته جيئن اهي گاڏين جي بارَ سبب ٽُٽي يا اکڙِي نه سگهن. سندس مشهوريءَ ۾ روز بروز واڌارو ايندو ويو ۽ هن ٻين ڪيترين کاڻين ۾ به ريلوي پَٽڙيون وڇايون.
1821ع تائين جارج اسٽيفن سَن ريلوي انجنيئر جي حيثيت سان ڏکڻ انگلنڊ تائين ناماچاري ماڻي. هڪ مالدار واپاري ايڊورڊ پيز کي اهو خيال آيو ته ٻن شهرن وچ ۾ هڪ عوامي مفاصلو لڳ ڀڳ 25 ميلَ (سوا 40 ڪلوميٽر) هجي. هِن اسٽيفنسَن کي هيڊ انجنيئر جي نوڪري ڏني ۽ اهو ڪم سندس حوالي ڪيو. اها ريلوي پٽڙي انهيءَ لاءِ وڇائي پئي وئي ته ڪوئلي ۽ ٻئي مال سان ڀريل گاڏن سميت ڪجهه مسافر به سفر ڪري سگهن. انهن گاڏن کي گهوڙا ڇڪيند اهئا، ڇو ته ان وقت تائين ڪنهن جي سوچَ ۾ اِها ڳالهه نه پئي آئي ته گهوڙن بدران انجڻ به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
اسٽيفنسَن ۽ پيز هڪ نئون قدم کنيو. هنن هڪ ڪارخانو قائم ڪيو، جنهن ۾ لوهي ريلوي پَٽريءَ لاءِ ٽي انجڻيون تيار ڪيون. 27 سيپٽمبر 1825ع تي ٽي سالَ لاڳيتي محنت کان پوءِ اها ريلوي پَٽڙي ٺهي جُڙي راس ٿي. اسٽيفنسَن انهيءَ ڪم جو سرواڻ ۽ مُک- ماهر هو. پهرين ريل جنهن ۾ 36 گاڏا هئا ۽ ست سؤ مسافر سوار، جڏهن پٽڙيءَ تي هلي ته هزارين ڏسڻ وارا گڏ ٿي ويا. انجڻ جي رفتار 14 ميل (ساڍا 22 ڪلوميٽر) تائين پهچي وئي، جيڪا ان کان اڳ ناممڪن هئي. اُها هئي دنيا جي پهرين ريلوي پَٽڙي.
پوءِ ڇا ٿيو. اسٽيفنسَن کي پنهنجي فن جو وڏو ڄاڻو سمجهيو ويو. هن اهڙي ريل پٽڙي به وِڇائي، جنهن جي راهه ۾ درياههَ ۽ جبلَ رنڊڪ هئا. هن درياهن مٿان پُليون جوڙايون ۽ جبلَ ٽُڪي سُرنگهون ڪڍرايون. ڪيترا ٻيا ماڻهو به مقابلي لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيا. سندس رِيسَ تي ٻين به ريلوي انجڻيون ٺاهڻ شروع ڪيون. آخر فيصلو اِهو ٿيو ته سڀني جوڙيل انجڻين جو مقابلو ڪرايو وڃي، جنهن جي انجڻ سڀ کان سٺي ثابت ٿيندي، اُن ڪامياب ڪل- پُرزن جي ماهر کي انجڻيون ٺاهڻ جو ٺيڪو ڏنو ويندو.
اسٽيفنسَن اهڙي مقابلي لاءِ پنهنجي اُها انجڻ تيار ڪئي، جنهن جو نالو ’راڪيٽ‘ هو ۽ جيڪا پنهنجي پٽ رابرٽ جي مدد سان جوڙي هئائين. رابرٽ هاڻي پنهنجين صلاحيتن ۽ پيءُ جي سکيا سبب مڃيل انجنيئربڻجي ويو هو. ’راڪيٽ‘ مقابلو کٽي ورتو، جنهن ٽيهن مسافرن سان سَٿيل هڪ گاڏي کي 29 ميل (4606 ڪلوميٽر) في ڪلاڪ جي رفتارَ سان ڇِڪي سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. اسٽيفن کي پنج سؤ پائونڊ انعام به مليو ته انجڻين ٺاهڻ جو ٺيڪو پڻ. هو دنيا جو سڀ کان وڏو ريلوي انجنيئر سڏجڻ لڳو ۽ انجڻين ٺاهڻ جو هڪ ڪارخانو قائم ڪيائين، جيڪو هر سال بهتر کان بهتر انجڻيون جوڙيندو رهيو. سڄي انگلنڊ ۾ ريلوي لائينون وڇائجڻ لڳيون، انهن جا سمورا ٺيڪا اِسٽيفن کي ئي ملندا رهيا. نه فقط انگلنڊ، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ريل گاڏين جو رواج شروع ٿي ويو ۽ ان لاءِ به اسٽيفنسَن جو ئي ڪارخانو ٻاهر انجڻيون موڪليندو رهيو.
1828ع کان 1901ع تائين اِسٽيفن جي ڪارخاني مان 145 ريلوي انجڻيون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن اُماڻيون ويون، جن ۾ سري لنڪا، هندستان، آسٽريليا، ارجنٽائنا ۽ ڏکڻ آفريڪا قابلِ ذڪر آهن. ان کان سواءِ شروعات ۾ آمريڪا جي گڏيل رياستن به ڪجهه انجڻيون گُهرايون هيون.
اسٽيفنسَن ڏاڍي دولت ڪمائي. ڪارخاني کان سواءِ هن ڪوئلي جي هڪ کاڻ ۽ چُن جي هڪ بٺي به خريد ڪئي. سڄي دنيا جا ريلوي انجنيئر ۽ تجربا ڪندڙ سائنسدانَ ساڻس صلاحون ڪندا ۽ نوان گُرَ سِکندا رهيا. هِن بيلجيم ۾ به ريلوي پَٽڙي وڇائي. اُتان جي بادشاههَ کيس پنهنجو خاص مهمانُ بڻائي، سُٺو آڌرڀاءُ ڪيو. اسٽيفن جو پُٽ رابرٽ به هڪ قابل انجنيئر ٿي اُڀريو، جنهن خاص طور پُلين ٺاهڻ ۽ اُنهن اندر ريلوي پَٽڙين وڇائڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي.
اسپين ۾ ريلوي لائين وڇائڻ واري زماني ۾ اسٽيفن ڏاڍو ڪمزور ٿي پيو. هُن ساري ڄمارَ سخت محنت سان گهڻو ڪم ڪيو هو، پر عمر جي آخري ڏينهن ۾ انگلنڊ جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي ۾ گوشهء نشيني اختيار ڪندي، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي گهاريو. جتي 12 آگسٽ 1848ع ۾ فوت ٿي ويو. سندس وڇوڙي تي ڪيترن ماڻهن دلي ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي، تقريرون ڪيون ۽ اخبارن سندس بي مثال خدمتن کي ساراهيو.
اِها آهي اُها عزّت، جيڪا محنتي ۽ مسلسل جاکوڙي ماڻهن کي مقدّر سان ملندي آهي. ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان سڄي دنيا ۾ سُڃاتا ويندا آهن، نه صرف حياتيءَ ۾، پر موت پڄاڻان به خاص سڃاڻپ ۽ حوالو رکن ٿا. اسٽيفنسَن هڪ نهايت غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو پر پنهنجي جاکوڙ ۽ جستجوءَ سان جڳ ۾ بُلند مقام ماڻيائين.