ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد I) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-045-6 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 560564 ڀيرا پڙهيو ويو |
اهو سائنسدان، جنهن ڪشش جي نظرئي کي نهايت چِٽائيءَ سان بيان ڪيو ۽ سموري دنيا کي ٻُڌايو ته چنڊ، زمين ۽ سورج مَنڊل جا سڀئي سيّارا انهيءَ ڪشش جي ڪري ئي سج جي چوڌاري چڪرَ لڳائن ٿا. هو وڏو رياضي دان به هو. هُن کي انگلستان جي رائل سوسائٽيءَ جو لاڳيتو پنجويهن سالن تائين صدر چونڊجڻ جو اعزاز به حاصل آهي. ان کان سواءِ کيس نائٽ (Knight) جو خطاب به مليو.
جنگ جو زمانو هو. انگلنڊ جو هر ماڻهو فڪرمند هو، پر لنڪا شائر جي ڀر ۾ وولز ٿروپ (Wools Thrope) جي رَهاڪن کي ڪابه پرواهه نه هئي. 1642ع جو ڊسمبر اچڻ وارو هو. هو ڪرسمس جي تيارين ۾ رُڌل هئا. خاص انهيءَ ڏينهن تي هانا نيوٽن کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو آئزڪ رکيو ويو.
ٽن سالن کان پوءِ مسز نيوٽن ٻي شادي ڪئي ته آئزڪ جي پالنا جو بارُ سندس نانيءَ تي پئجي ويو. هن جو ننڍپڻ لاڏ ڪَوڏ ۾ گذريو. هو پنهنجي اسڪول ۾ ڪابه ترقي ڪري نه سگهيو پر هڪ ڏينهن اوچتو پاڻ کان هوشيار هم ڪلاسيءَ کان گوءِ کڻي ويو. ان ڏينهن کان نيوٽن ۾ ڄڻ نئون ساههُ پئجي ويو ۽ وڌيڪ محنت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ڪجهه ئي هفتن ۾ هو چوٽيءَ جي هوشيار شاگردن ۾ شُمار ٿيڻ لڳو. پر اها صورتحال وڌيڪ وقت نه هلي سگهي، ڇو ته 1656ع ۾ هِن جو ماٽيلو پيءُ مري ويو ۽ ٻني ٻاري جي سارَ سنڀالَ وارو ڪم سندس ماءُ مٿان اچي پيو، جنهن وري پنهنجي مدد لاءِ آئزڪ کي اسڪول ڇڏرايو. انهيءَ وقت مستقبل جي هن موجد جي عمر چوڏهن سالَ هئي.
آئزڪ جو مَن ٻني ٻاري ۾ بلڪل نه لڳو. هن کي رياضيءَ سان چاهه هو. خوشقسميءَ سان سندس مامي آئزڪ جي اَندر جي اڻ تُڻ سمجهي ورتي، جيڪو ٽرنٽي ڪاليج جو ميمبر هو، تنهنڪري 1660ع ۾ آئزڪ کي وري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ 5 جون 1661ع ۾ سندس داخلا ڪيمبرج جي ٽرنٽي ڪاليج ۾ ٿي وئي. 8 جولاءِ 1661ع ۾ هِن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. جنوري 1665ع ۾ آئزڪ بِي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هاڻي کيس رياضيءَ جي علم سان دلچسپي تمام گهڻي وڌي وئي. شاگرديءَ واري دؤر ۾ ئي هُن انهيءَ مضمون جا ڪيترائي نوان اصولَ ڳولي لڌا.
چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن آئزڪ نيوٽن وولز ٿروپ ۾ پنهنجي باغ ۾ پَسار ڪري رهيو هو ته هُن هڪ صوف کي وڻ مان هيٺ ڪِرندي ڏٺو. هو سوچڻ لڳو ’هر شيءِ زمين تي ئي ڇو ٿي ڪِري، ڪنهن ٻئي پاسي ڇو نٿي وڃي؟‘ اِن ننڍڙي واقعي مان هِن زمين جي ڪشش جو نظريو جوڙيو ۽ اهو پوري ڪائنات تائين ڦهلايو. هو چنڊ جي چڪر تي پهرين به سوچيندو هو پر هن نظرئي سان ڳالهه صاف ظاهر ٿي پئي. هو سمجهي ويو ته نه فقط اسان جي زمين ۾ ڪشش موجود آهي، پر چنڊ، سج ۽ ٻين آسماني جسمن ۾ به اِها صفت ملي ٿي. حقيقت ۾ هڪ ٻَه مادي جسمَ ٻئي کي پنهنجي طرف ڇڪيندو آهي.
1667ع ۾ آئزڪ نيوٽن ڪيمبرج واپس موٽي آيو ۽ کيس ٽرنٽي ڪاليج جو فيلو مقرر ڪيو ويو. هِن ڪجهه ٻيا سالَ به روشنيءَ تي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ دوربينيءَ کي بهتر بڻائڻ ۾ وقت گذاريو. ساڳئي ئي سال هِن اهڙي پهرين دوربيني بڻائي، جيڪا روشنيءَ کي موڙي سگهندي هئي، جنهن جي ڊيگهه رڳو ڇهه انچ هئي، پر ان وسيلي نيوٽن مُشتري نالي سيّاري (گرهه ) جا چنڊَ پڻ ڏسي ورتا. ان کان پوءِ ايندڙ هيئتدانن انهيءَ اصول پٽاندر وڌيڪ بهتر قسم جون دوربينيون جوڙيون.
1669ع ۾ نيوٽن کي ٽرنٽي ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ هو رائل سوسائٽيءَ جو به ميمبر چونڊيو ويو. نيوٽن پرزم (Prism) وسيلي روشنيءَ تي وڌيڪ تجربو ڪندي، اهو نتيجو ڪڍيو ته روشني اصل ۾ مختلف رنگن جي ڪيترين ئي شعاعن جو ميڙ آهي، جيڪا پِرزم مان گذرڻ کان پوءِ ڌار ڌار حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. اهڙن تجربن سبب ٻين سائنسدانن جي به دلچسپي وڌي ۽ نيوٽن جي مشهوري انگلنڊ کان سواءِ سڄي يورپ ۾ پکيڙجي وئي.
نيوٽن جي نظرين تي ڏاڍو بحث مباحثو ٿيو. ڪنهن تائيد ڪئي ته ڪنهن رَدُ ڏنو. نتيجو اهو نڪتو ته نيوٽن جا تجربا وڌندا رهيا ۽ روشنيءَ تي تحقيق جو سلسلو جاري رهيو. هِن جيڪي به نظريا قائم ڪيا، اهي 1801ع تائين سمورا صحيح سمجهيا ويندا رهيا.
1675ع ۾ نيوٽن کي رائل سوسائٽيءَ جو فيلو بڻايو ويو. هِن جو سڀ کان وڏو ڪم ”ڪششِ ثقل“ (Gravity) واري نظرئي کي ڦهلائڻ هو. نيوٽن ئي اسان کي پوري ڪائنات جي اهڙي ڳُجَهه کان واقف ڪيو. سندس ڪتابُ پرنسپيا (Principia)، جيڪو 1686ع ۾ شآيع ٿيو ۽ اڄ تائين مشهور آهي، انهيءَ موضوع سان واسطو رکي ٿو.
نيوٽن 1692ع کان 1694ع تائين ڏاڍو بيمار رهيو. کيس رات جو ننڊ بلڪل نه ايندي هئي ۽ رڳن جي ڇڪ سبب سڄي يورپ ۾ اهو افواههُ پکڙي ويو ته آئزڪ نيوٽن چريو ٿي پيو آهي ۽ هن کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. خدا خدا ڪندي اها مصيبت دور ٿي. ان وچ ۾ سندس ساٿارين هن واري ڪم کي اڳتي وڌايو.
1695ع ۾ نيوٽن کي ’وارڊن آف مِنٽ‘ (سِڪن جوڙڻ واري فئڪٽريءَ جي آفيسر) واري نوڪريءَ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هِن قبول ڪئي. چئن سالن کان پوءِ کيس ترقي ڏئي ’ماسٽر آف مِنٽ‘ بڻايو ويو. 1701ع ۾ هن کي يونيورسٽي پارليامينٽ لاءِ چونڊيو ويو. انهن مصروفيتن ڪري سندس وقت جو ڏاڍو زيان ٿيڻ لڳو ۽ ان عرصي ۾ کيس سائنسي تحقيق لاءِ ڪابه وِٿي نه ملي.
نيوٽن ’ماسٽر آف مِنٽ‘ جون خدمتون ڏاڍي جفاڪشيءَ سان بجا آنديون. هو انهيءَ عهدي سان آخري گهڙيءَ تائين سلهاڙيل رهيو، پر سائنسي ڪمن سان به لڳاءُ هلندو آيس. 1703ع ۾ هو رائل سوسائٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو ۽ ان کان پوءِ پورن پنجويهن سالن تائين کيس هر سال اهڙو اعزاز ملندو رهيو. 1705ع ۾ راڻي اَين ڪيمبرج آئي ۽ ان موقعي تي نيوٽن کي نائٽ (Knight) جو امتيازي خطاب عطا ڪيو ويو.
1727ع جي ابتدا ۾ آئزڪ نيوٽن وري ڏاڍو بيمار ٿي پيو. سندس صحت ڪجهه وقت کان لاڳيتو خراب رهڻ لڳي هئي ۽ مختلف روڳن سبب 20 مارچ 1727ع ۾ هو ڪنسنگٽن ۾ وفات ڪري ويو ۽ 28 مارچ تي کيس ويسٽ منسٽرايبي ۾ دفنايو ويو. 1731ع ۾ سندس اعزاز ۾ اتي هڪ يادگار جوڙايو ويو.
اِها آهي جيون ڪهاڻي هڪ اهڙي اِنسان جي، جنهن جي ابتدا هڪ عام وچولي درجي واري شاگرد جي حيثيت سان ٿي، پر قدرتي ذهانت، اڻٿڪ محنت ۽ اٽل ارادي کيس حد کان وڌيڪ مڃتا سميت پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي هر اعزاز ڏياريو. هاڻي ته زمانو تمام گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي ۽ سائنسي ترقيءَ اُڀ ڇُهڻ لڳي آهي، پر آئزڪ نيوٽن، جيڪا ڄاڻ جي ڏِياٽي جلائي هئي، اُن جي روشني عِلمي جهانَ ۾ اڃا به اهميت واري آهي. ڌُنڌلي يا جَهڪي ڪانه ٿي آهي.