ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552166   ڀيرا پڙهيو ويو

بينجمن فرينڪلن (Benjamin Franklin) 1706ع – 1790ع


آمريڪي موجد ۽ جڳ مشهور فلسفي فرينڪلن جي زندگي اسان سڀني کي اهو اهم ڏَسُ ڏئي ٿي ته عِزّت ۽ شُهرت حاصل ڪرڻ لاءِ وَڏ-گهراڻي يا امير خاندان ۾ ڄمڻ ضروري ڪونهي. هِن شخص ڏکين حالتن جو همت سان مُقابلو ڪندي، دنيا ۾ پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام ماڻيو، پاڻ به راحت سان رهيو ۽ انسانذات جي خدمت به ڪيائين.

هِن آمريڪي موجد انسان کي ’بجليءَ جو جادوگر‘ به چيو ويندو آهي. هِن لغڙ جي ڏورِ وسيلي ڪڪرن کان کنوڻ کَسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هو پنهنجي ٻين ڪيترن سائنسي ڪَرتبن جي ڪري ڏاڍو مشهور آهي. هڪ ڀيري هو انگلنڊ ويو ۽ هڪ لارڊ جو مهمان بڻيو، جنهن جو شاندار محل ڍنڍ جي ڪناري تي جُڙيل هو. هڪ ڏينهن هو ڪيترن نالي وارن ماڻهن سان گڏجي ڍَنڍ جي ڪپر تي پَسار ڪندي بيهي رهيو. سندس هڪ هَٿ ۾ لٺ هئي ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ ڏاڍيان چيائين:

”مان هِن لٺ کي گهمائي ڍَنڍَ جي هلندڙ پاڻيءَ کي بيهاري سگهان ٿو.“

ماڻهو اِهو ٻُڌي کليا. ڪنهن کي انهيءَ ڳالهه تي يقين نه آيو، ڇو ته تيز هوا هَلي رهي هئي. ڀلا ڍنڍ جو پاڻي ڪهڙي طرح بيهي سگهيو ٿي، ڏسندي ئي ڏسندي بينجمن پنهنجي لٺ پاڻيءَ تي گُهمائي ۽ گڏوگڏ ڪوئي مَنتر به ڦوڪيو. لٺ جي ڦيرڻ سان ئي ڍنڍ جو پاڻي بيهي ويو. کِلندڙ سڀئي خاموش ٿي ويا ۽ حيرانيءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن ڏِسندا رهيا.

سڀ ماڻهو جڏهن هَليا ويا ته ميزبانَ، بينجمن کان پُڇيو: ”اوهان پنهنجي لٺ سان ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ڪهڙي طرح بيهاري ڇڏيو؟“ فرينڪلن وراڻيو: ”ڪجهه به نه، منهنجي لٺ اندران پَوري آهي. اُن ۾ تيلُ ڀَريل هو. مون اهو تيلُ پاڻيءَ جي سطح تي ڇٽڪاريو، جيڪو بيهي رهيو.“

بينجمن فرينڪلن چوندو هو ته:

”جيڪڏهن دُرست ترڪيب استعمال ڪئي وڃي ته دنيا جو هر مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.“

اهو ئي هو فرينڪلن جي بي پناهه ڪاميابيءَ جو رَازُ. مشاهدي ۽ تجربي کان سواءِ هو پنهنجي عقل کان به ڪم وٺندو هو. هُن کي قدرت سهڻي صورت ۽ جانٺي جسم سان گڏ حد کان وڌيڪ ذهانت به عطا ڪئي هئي. سندس ڏاڏاڻي ڪِرت ته لوهارڪو ڪم هو، پر سندس نانو شاعر هو. ان ڪري فرينڪلن جي طبيعت ۾ به نفاست هئي.

بينجمن فرينڪلن 1706ع ۾ بوسٽن ۾ پيدا ٿيو. هو پاڻ ۾ سورهن ڀائر ڀينر هئا پر پيءُ جو پيارُ هِن سان ڪجهه سَرسُ هو. پنجن سالن جي عمر ۾ فرينڪلن انجيل پڙهڻ شروع ڪيو. تنهن کان پوءِ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. والدين وٽ گهڻا ڏوڪڙ نه هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم جاري رکي نه سگهيو. جيئن ته پيءُ ميڻ بَتين ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هئس، ان ڪري پنهنجي پٽ کي پاڻ سان دُڪان تي ساڳيو ڪم ڪرائڻ شروع ڪيائين. پر بينجمن فرينڪلن کي چرٻيءَ جي ڌپ ڏاڍي خراب لڳندي هئي. هُو اُتي گهڻو وقت ڪم ڪري نه سگهيو ۽ ڀاءُ جي ڇاپي خاني (پريس) تي وڃڻ شروع ڪيائين.

فرينڪلن ان ڪم ۾ ڪا خاص دلچسپي نه ڏيکاري. ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سندس شخصيت اُڀرڻ لڳي، ڇو جو هاڻ اندروني صلاحيتن کي اجاگر ڪري رهيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ هو شاعري ڪرڻ لڳو ۽ شعرن کي خوبصورت اکرن ۾ لکي بوسٽن جي رستن تي وڪرو ڪندو هو. مجلسن ۽ ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي بحث مباحثن ۾ حصو وٺندو رهيو. راندين ۾ پاڻ مڃرايائين ۽ بهترين تارو به سڏجڻ لڳو.

بينجمن فرينڪلن جو ذهني لڳاءُ مشيني کوجنائن ۾ وَڌيو، پر کيس ڪتابن پڙهڻ جو به ڏاڍو شوق هو. هو سترهن سالن جي عمر تائين پنهنجي ڀاءُ وٽ پريس جو ڪم سکندو رهيو. سَوڙ آهر پير ڊگهيڙيندي ڪجهه پئسا بچائڻ، خوش اخلاقيءَ سان سڀني سان پيش اچڻ سميت سمورا سُٺا لڇڻ سندس طبيعت ۾ فطري طور شامل هئا ۽ هو انهن تي سختيءَ سان عملُ لازمي ڄاڻندو هو. هُن جڏهن محسوس ڪيو ته ڇپائيءَ واري پريس ٻنهي ڀائرن جي گذرسفر لاءِ پوري پئجي نه سگهندي. تڏهن سترهن سالن جي عمر ۾ نوجوان بينجمن بنا ٻڌائڻ جي لڪي وڃي هڪ سامونڊي جهاز تي سوار ٿيو ۽ نيويارڪ جي بندرگاهه تي وڃي لٿو. نيويارڪ ان وقت ستن هزارن جي آباديءَ وارو هڪ ڳوٺڙو هو، جنهنڪري کيس اُتي ڪو مزو نه آيو ۽ هو فلاڊلفيا ڏانهن هليو ويو.

 فرينڪلن جي کيسي ۾ جيڪا ٿوري گهڻي موڙي موجود هئي، سا ختم ٿي وئي. جسم تي ڪو ڍنگ جو لباسُ نه رهيس، پر اٽل ارادي ۽ مقصد سان سچائيءَ جهڙي بي بها دولت سندس سوچن ۾ سانڍيل هئي. هُن ڪجهه سالن تائين لڳاتار مختلف پريسن تي ڪم ڪيو ۽ جڏهن ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري ورتا ته لنڊن جو رستو ورتائين. اُتي هُن پئسا ڪمائڻ کان سواءِ وڌيڪ فني تجربا به ڪيا ۽ فلاڊلفيا واپس وَري پنهنجي هڪ پريس قائم ڪيائين. جيتوڻيڪ مالي حالتون گهڻيون سازگار ڪونه هئس، پر سندس ڪاروبار تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ لڳو ۽ سٺي سڀاءَ ڪري، سُتت ئي ڪيترن ماڻهن سان دوستي رکڻ ۽ ڪاروباري واسطا وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هُن شادي ڪئي، تَنهن کان پوءِ هن کي ٻار ڄاوا ۽ وقت گذرندي سندس عمر 41 سالن کي وڃي پهتي. هاڻي کيس ڪجهه واندڪائي نصيب ٿي ۽ بي فڪريءَ واري زندگي گهارڻ لڳو.

هتان بينجمن فرينڪلن جي جيون جو نئون دؤر شروع ٿئي ٿو. هن حياتيءَ جي هر پاسي دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ هر جاءِ تي ڪامياب رهيو. هو هڪ ئي وقت اديب، سياستدان، سماج سڌارڪ، فلسفي، موجد سائنسدان ۽ سفير هو. مطلب ته هڪ شخص هوندي به ذات ۾ ڪائنات هو. حد ته اِها آهي علم ۽ عقل سبب، سوچ ويچار ۾ ايترو اوچو اڏامڻ لڳو، جو ڪيتري ئي وقت تائين پنهنجي نئين مذهبَ جوڙڻ جو ارادو ڪندو رهيو، پر عملي طور اِهڙي رٿا کي ڪو ظاهري روپ ڏئي نه سگهيو.

انهيءَ دؤر ۾ آمريڪا تي انگلنڊ جو قبضو هو. فرينڪلن پنهنجي وطن کي آزاد ڪرائڻ ۾ هڪ خاص ڪردار ادا ڪيو. هو پنهنجي علائقي پينسلوينيا ۾ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. پوءِ کيس پوسٽ ماستر جنرل جو عهدو ڏنو ويو. بينجمن پينسلوينيا ۾ يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ سماجي ڀلائيءَ جا بيشمار ڪَم ڪيا. هُن آمريڪا ۾ پهرين پبلڪ لائبرري جوڙائي، اسپتالون قائم ڪرايون ۽ بي علميءَ جي اونداهيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ حد کان وڌيڪ پاڻ پتوڙيو.

فرينڪلن کي غربت سبب اسڪول جي تعليم به نصيب نه ٿي هئي، پر سندس ڪاوشن ۽ ڪارنامن ڪري آمريڪا توڙي يورپ جي وڏين وڏين يونيورسٽين کيس اعزازي ڊگريون ۽ تعليمي سَنَدون عطا ڪيون. هاڻي هو ڊاڪٽر بينجمن فرينڪلن سڏجڻ لڳو. هن کي تجربن ڪرڻ جو عشق جي حد تائين شوق هو ۽ ڪيترائي تجربا بجليءَ تي ڪيائين. سندس نالي جي نسبت سان هڪ تجربو اڄ تائين مشهور آهي.

هو ڄاڻندو هو ته ڪڪرن ۾ کنوڻ موجود رهندي آهي، پر ان ڳالهه جو ڪنهن به عملي طور تجربو ڪونه ڪيو هو. هن هڪ لغڙ کي تمام گهڻو مٿي اُڏايو ۽ ڏورِ کي آلو ڪري، ان جي هيٺئين ڇيڙي وٽ لوهه جي هڪ ڪنجي لڙڪائي ڇڏي. جيئن ئي لغڙ ڪڪرن ۾ پهتو ته کنوڻ ڏوريءَ وسيلي ڪنجيءَ تائين هيٺ لهي آئي، جنهن مان شعلو ڀڙڪيو. اهڙي خطرناڪ تجربي وقت فرينڪلن سان گڏ سندس ننڍڙو پٽ به هو.

اڄڪلهه بجليءَ ۾ واڌو ۽ ڪاٽوءَ جو فرق، ’بيٽريءَ، جو لفظ به فرينڪلن جي ذهن جو يادگار آهي. هِن بجليءَ تي هڪ پورو ڪتاب لکيو ۽ سندس جوڙيل نظريو اڃا تائين هلندو اچي. فرينڪلن جو لکيل ڪتاب نه فقط آمريڪا ۾، پر يورپي ملڪن ۾ به ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن جا پنج ايڊيشن انگريزيءَ ۾، ٽي فرانسيسيءَ ۾، هڪ اطالوي ۽ هڪ جرمن ٻوليءَ ۾ ڇپيا. بينجمن فرينڪلن جي شهرت ايتري وڌي وئي جو هو انگلنڊ جي جڳ مشهور رائل سوسائٽيءَ جو فيلو چونڊيو ويو. هُن کي پئرس جي رائل اڪيڊمي آف سائنس پاران اعزاز مليو ۽ انهيءَ دؤر ۾ هر ڪنهن جي زبان تي فرينڪلن جو ئي نالو هو.

فرينڪلن کي 1744ع ۾ بجليءَ جي موضوع سان دلچسپي پيدا ٿي. هن جاکوڙ ڪندي ست سالَ ساندهه انهيءَ مضمون تي تجربن جو سلسلو جاري رکيو ۽ غير معمولي مقبوليت ماڻي. ان کان پوءِ به سندس تجربا جاري رهيا. بينجمن جو مقصد قدرت جي لڪل رازن کي پڌرو ڪرڻ ۽ انسانذات لاءِ آرام مهيا ڪرڻ هو.

هو آخري دم تائين ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ مصروف رهيو. هُن کي سياست کان گهٽ مهلت ملندي هئي، پر جڏهن به کيس واندڪائيءَ جا ڪي پل ملي ويندا هئا ته هُو انسانذات جي سُکَ سهنج لاءِ سوچيندو هو ۽ عملي خدمتن ۾ وقت گذاريندو هو. سندس عمر 81 سالن تي رَسڻ بعد به سندس ڪم ڪرڻ جو جذبو جوان ۽ محنتي ڪردار ساڳيو ئي متحرڪ ۽ زندهه سلامت رهيو.

فرينڪلن جو گهڻو ڪم کنوڻ بابت آهي. هِن معاشري ۾ پکڙيل ڪيترن ئي غلط خيالن کي ختم ڪري، سڀني ماڻهن کي ٻُڌايو ته جهڙي طرح کنوڻ ڪڪرن مان ڌرتيءَ ڏانهن ڪِرندي آهي، اهڙيءَ ئي طرح ڌرتيءَ تان کنوڻ ڪڪرن ڏانهن واپس به ويندي آهي. سڄي آمريڪا ۽ يورپ ۾ هن جي هاڪَ هُلي وئي. تمام گهڻي مشهوري ٿيڻ ڪري، فرانس جي بادشاهه لوئي پانز ڏهين کي برقي تجربن ڏسڻ جو ايترو شوق ٿيو، جو هُن کيس پنهنجي آڏو گهرائي تجربا ڪرايا.

ان کان سواءِ فرينڪلن ”برقي ڪنڊينسر“ تي به تحقيق ڪئي ۽ ان کي اڳي جي ڀيٽ ۾ بهتر ۽ طاقتور بڻايو. اهو اوزار ”برقي ڪرنٽ“ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. اهڙي قسم جي تجربن ۽ نظرين سان بجليءَ جي علم کي ڏاڍي ترقي ملي. فرينڪلن ئي اها ڳالهه معلوم ڪئي هئي ته جڏهن ڪنهن گولي کي چارج ڪيو وڃي ٿو ته برقي بار ان جي ٻاهرينءَ سطح تي ڦهلجي ٿو ۽ اندر نٿو اچي. منڍ ۾ ڪنهن کي به ان ڳالهه تي ڪو يقين نه آيو، پر گهڻو وقت گذرڻ بعد فيراڊي ۽ ڪولمب جي تجربن اهڙي عمل جي تصديق ڪئي. هن کي ’آمريڪا جو نيوٽن‘ به چيو ويندو آهي.

84 ورهين جي ڄمارَ ۾ فرينڪلن ڏاڍو هيڻو ۽ لاچار ٿي پيو. اهو ئي سندس جيون جو آخري سالُ ثابت ٿيو. کيس ڪمزوريءَ ڪري پنهنجي پوئين پَهَرَ جو احساسُ ۽ اندازو ٿي ويو هو، پر پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو. سندس آخري ڪارنامو غلاميءَ کي نندڻ هو. هِن اِن ڳالهه جي شديد مخالفت ڪئي ته هڪ انسانُ ٻين جو ٻڌو ٻانهو بڻجي غلامَ وانگر زندگي گهاري. فرينڪلن ڦڦڙن جي مرضَ ۾ ڦاسي پيو. هو پاسو به آرامَ سان ورائي نه سگهندو هو. سندس مداحَ ۽ ملازم کيس مدد ڪرڻ لڳا، جيئن کيس ساهه کڻڻ ۾ ڪجهه سهولت پيدا ٿي پوي. فرينڪلن کين انهيءَ ويل چئي ڏنو هو:

”مرڻ واري ماڻهوءَ لاءِ ڪجهه به سولو ڪونهي“!

ان هوندي به هو آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي هوش حواس ۾ رهيو ۽ مُنهن تي مُرڪ برقرار رکيائين.

”هي سورُ هاڻي سدائين لاءِ ختم ٿي ويندو. مون کي پَڪ آهي ته مان ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ زندهه سلامت رهندس.“

اهي هئا فرينڪلن جا آخري لفظ، جيڪي هن 1790ع ۾ فلاڊلفيا ۾ چيا. هاڻي سمجهه ۾ ٿو اچي ته اهي اکر سچا ثابت ٿيا آهن، بينجمن فرينڪلن پنهنجي ڪاوشن ۽ سائنسي تجربن سبب اڄ به زندهه آهي.