ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد I) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-045-6 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 560566 ڀيرا پڙهيو ويو |
هڪ نامور سائنسدان، جنهن پنهنجي نظرين کي تجربن وسيلي دُرست ثابت ڪري ڏيکاريو. هِن ثابت ڪيو ته هوا ۾ وزن آهي. اُها هوا ۽ ٻيون گئسون داٻ هيٺ آڻي سگهجن ٿيون. هُن داٻ ۽ گئسن جي جسامت وچ ۾ هڪ واسطيداري ڳولي ڪڍي، جنهن کي ’بوائلز لا‘ سڏجي ٿو.
1630ع جي ڳالهه آهي، جرمنيءَ جي هڪ مؤجد گورڪ (Guericke) پنهنجي گهر ۾ هڪ اهڙو پاڻي ڇڪيندڙ پمپ لڳايو، جيڪو مٿئين ماڙِ وارن گَهرن تائين پاڻي پهچائي سگهندو هو. انهيءَ جي مدد سان ٽين ماڙ تائين ته پاڻي سولائيءَ سان چڙهندو هو، پر چوٿين ماڙ تي پهچي نه پئي سگهيو، ڇو ته ان جي اوچائي ڇٽيهه فُٽ هئي. يعني انهن پمپن جي چوٽيهن فٽن واري حد کان ٻهَ فُٽ وڌيڪ هئي، جيڪي هوا جي داٻَ سان ڪم ڪندا هئا.
سائنس جو هڪ قائدو اهو به آهي ته پاڻي هوا جي داٻَ وسيلي چوٽيهن فٽن جي اوچائيءَ تائين چڙهي سگهي ٿو، پر اها ڳالهه سترهين صديءَ جي ماڻهن کي ايتري سمجهه ۾ نه آئي هئي، جهڙي هاڻ اسان کي معلوم آهي. انهيءَ سلسلي ۾ تحقيق ٿيندي رهي، پر گورڪ پهريون ويڪيوم يا خلائي پمپ ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، جنهن تجرباتي سائنس جو هڪ نئون دروازو کوليو.
اهڙي پمپ جي مدد سان گورڪ ڪنجهي جي ٻن اڌ گولن جي اندروني هوا ڇڪي ورتي ۽ انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. انهن ٻنهي اڌ گولن کي ڌار ڪرڻ لاءِ اَٺ گهوڙا جوٽيا ويا، پر اُهي جدا ٿي نه سَگهيا. ماڻهو اِهو تجربو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا، ڇو ته هُو هوا جي داٻَ جي ڀرپور قوت کان بي خبر هئا.
هاڻي اسان لاءِ اِها ڳالهه سمجهڻ بلڪل به ڏُکي نه آهي ته جڏهن اهڙي قسم جي ٻن اڌ گولن جي اندروني هوا خارج ڪئي وڃي ته اهي سختيءَ سان ڇو ڳنڍجي پوندا آهن.
اُن پمپ ۽ اُنهي تجربي جو ذڪر هڪ ڪتاب ۾ لکيو ويو. جيئن ته اُن زماني ۾ ڪتابن جي ڇپائي تمام گهٽ هئي، اتفاقي طور اهو ڪتاب هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي هٿ لڳو، جنهن پوءِ سائنسي دنيا ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ هُن جا تجربا وڏي پئماني تي پَڌرا ٿيا. انهيءَ انسان جو نالو هو ’رابرٽ بوائل‘. هِن کي اهڙي قسم جي تجربن ۾ حد کان وڌيڪ دلچسپي پيدا ٿي ۽ پنهنجي هڪ دوست جي مدد سان اِن کان به وڌيڪ بهتر پمپ تيار ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ بوائل هوا تي وڌيڪ تجربا ڪيا ۽ هُن جڳ مشهور نظريو جوڙيو، جيڪو ’بوائلز لا‘ (Boyle’s Law) جي حيثيت سان اڄ به مشهور آهي ۽ هَلندو اچي، جنهن کي طبعي علم ۾ بنيادي درجو حاصل آهي.
بوائل پوري دنيا کي ٻُڌايو ته گئسن ۾ هڪ اهڙي صفت موجود آهي، جيڪا پاڻياٺ وارين شين ۾ ڪانهي يعني انهن کي ڪنهن حد تائين داٺ هيٺ رکي سگهجي ٿو. اُن تي جيترو وڌيڪ داٻُ وِڌو ويندو، اُن جي جسامت اوتري ئي گهٽجي ويندي ۽ دٻاءُ جيترو گهٽ هوندو، جسامَت اوتري ئي وڌي ويندي. مثال طور اِهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن گئس جو داٻُ ٻيڻو ڪيو وڃي ته اُن جي جَسامت اڌو اڌ رَهجي ويندي. بوائل اَهڙي قاعدي جو اعلان 1662ع ۾ ڪيو ۽ اُن کي ’بوائلز لا‘ جو نالو ڏنو. انجڻين، ريفريجريٽرن ۽ هوا يا گئس تي هلندڙ مشينن ۾ انهيءَ اصول جي وڏي اهميت آهي.
رابرٽ بوائل 25 جنوري 1627ع ۾ انگلنڊ جي هڪ مشهور شخص ’ارل آف ڪورڪ‘ جي گهر ۾ جنم ورتو. هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي چوڏهون نمبر ٻارُ هو. اِها انگلنڊ جي مهان شاعر مِلٽن ۽ مِثالي سائنسدان آئزڪ نيوٽن جي دؤر جي ڳالهه آهي. ان وقت ماڻهو سائنسي علم ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا هئا ۽ سائنسدانن جي همت افزائي ڪئي ويندي هئي. ڪيتريون ئي سائنسي سوسائٽيون جُڙي چُڪيون هيون ۽ ڪجهه سائنسي رِسالا به ڇپجڻ لڳا هئا. بوائل اهڙي قسمَ جي مشغولين ۾ حِصو وٺندو هو ۽ کيس شروع کان ئي سائنسي ڪمن سان لڳاءُ هو.
رابرٽ بوائل جو پيءُ 1644ع ۾ فوت ٿي ويو ۽ پٺيان آئرلينڊ توڙي ڏکڻ انگلنڊ ۾ ڪيتري ملڪيت سميت لنڊن ۾ هڪ گهرُ به ڇڏيائين. ان وقت بوائل جي عمر رڳو سترهن سالَ هئي. هُن پَڪو پَههُ ڪري ڇڏيو ته هاڻي هو پنهنجي حياتي سائنسي تحقيق ڪندي گُذاريندو. تن ڏينهن ۾ سائنس کي ’نيچرل-فلاسافي‘ چيو ويندو هو ۽ بوائل کي ننڍپڻ کان ئي ان مضمون سان چاههُ وڌي ويو هو. جنهن سال گئليلو گذاري ويو، تنهن سال بوائل اِٽليءَ جي شهر فلورنس ۾ هيئيت، روشني ۽ مقناطيس بابت تعليم حاصل ڪري رهيو هو.
بوائل سائنس جي لڳ ڀڳ هر شاخ ۾ ڪجهه نه ڪجهه تجربا ڪيا. هُن حياتيات جي علم تي به عملي ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو، پر سندس چواڻيءَ ته نرم دل کيس اِها اجازت نه ڏني ته هو بيگناهه جانورن کي ماري ۽ سندن جسم کي چيري ڦاڙي ڄاڻ حاصل ڪري. هُن ڪيميائي مسئلن ۽ مامرن جي به جاچ پڙتال ڪئي. ڪيمياگرَ کيس اِنهيءَ علم جو به سرواڻ سمجهن ٿا. هِن ڪيترائي اهڙا نوان عنصر ڳولي لَڌا، جن کي پهريائين ڪو به نه سُڃاڻندو هو. هُن ڪيميائي مُرڪبن تي به ڪم ڪيو، مڪسچر ۽ مرڪب وچ ۾ هڪ فرق واري واٽَ به مقرر ڪئي ۽ پهريون ڀيرو عنصر جي تفصيلي وصف به بيان ڪئي.
هِي بوائل ئي هو، جنهن گئليلو جي آبي بئروميٽر جو مُنڍ مُهربند ڪيو ۽ اهڙي طرح پَهريون ٿرماميٽر وجود ۾ آيو، جنهن جي مدد سان بوائل انساني جسم جي گرميءَ جو درجو معلوم ڪيو. ان کان سواءِ هُن بجلي ۽ چقمق تي به اهم تجربا ڪيا. هُو پهريون سائنسدان هو، جنهن اِهو نظريو پيش ڪيو ته ڪنهن به جسم ۾ گرمي اُن جي نَهرن (Solid) ماليڪيولن (پرماڻن) جي حرڪت جي ڪري پيدا ٿئي ٿي، پر هن جو نالو گئسن ۽ خلائي پمپن جي تجربن ڪري وڌيڪ مشهور ٿيو.
اِهو ذڪر به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته 1650ع کان پوءِ سائنسدانن ۾ اِهو سوالُ وڏي بحث جو سبب بڻجي ويو هو ته هوا کي وزن هوندو آهي يا نه؟ ۽ ڇا اسان ڪنهن صورت ۾ خلا پيدا ڪري سگهون ٿا؟ گيليلو جو هڪ شاگرد ٽورسيلي (Torricelli) ڪجهه عرصو اڳواٽ انهيءَ موضوع تي ڪي تجربا ڪري چڪو هو. هُن هڪ ڊگهي نَليءَ ۾ مُنهَن تائين پارو ڀريو ۽ پوءِ اُن کي هِڪ کليل پيالي ۾ پيٽيو. اونڌو ڪرڻ تي نَليءَ ۾ لڳ ڀڳ ٽيهن انچن جي اوچائيءَ تائين پارو بيهي ويو. ٽورسيلي ان جو سبب اِهو ٻُڌايو ته پيالي ۾ پَاري جو مقدار ڪِري پيو آهي، ان ڪري هوا دٻاءُ وجهي ٿي ۽ ان داٻَ ڪري نَليءَ جو پارو ٽيهن انچن جي اوچائيءَ تي بيهي رهي ٿو. نليءَ جي مٿئين پاسي جيڪا جاءِ رهجي وئي، اُها خلا آهي، معنيٰ هوا بلڪل ظاهري طور موجود ڪانهي.
اُن زماني ۾ ڪيترائي پڙهيل، لکيل ۽ سمجهدار ماڻهو به اِهو سمجهڻ کان عاري هئا ته خلا قسم جي ڪابه شيءِ ممڪن ٿي سگهي ٿي. هو اِهو مڃڻ لاءِ به تيارُ نه هئا ته نليءَ ۾ پارو رڳو هوائي داٻَ ڪري ايترو اوچو بيهي سگهي ٿو. ڪجهه ماڻهو ته ايستائين به چوندا هئا ته نليءَ جي اندر پاري جي مٿئين تهه وچ ۾ ڪو ڌاڳو ٻَڌو ويو آهي، جيڪو ٻاهران نظر نٿو اچي.
ظاهر آهي ته انهن حالتن ۾ هوا جي وزن ۽ خلا کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي صاف تجربي جي ضرورت هئي، جيڪا اُن زماني جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي وڃي. بوائل هوا جو وزن به ڳولي لَڌو هو ۽ خلا جو نظريو به. هِن انهن جا عَملي ثبوت به ڏنا. هُن هڪ وڏو ويڪيوم پمپ به بڻايو، جنهن ۾ شيشي جو هڪ خالي چيمبر به هو. اُن چيمبر جي هوا ڪڍي سگهبي هئي ۽ اُن ۾ ٻاهران ڪا ٻي شيءَ به وجهي سگهبي هئي.
بوائل انهيءَ چيمبر ۾ هڪ واچ لڙڪائي ڇڏي، جيئن جيئن چيمبر جي هوا گهٽجي ويندي هئي، واچَ جو آواز به گهٽجي ويندو هو. خوشقسمتيءَ سان تنهن وقت تائين يورپ جا سمورا پڙهيل لکيل ماڻهو اِها ڳالهه مڃي چُڪا هئا ته آوازُ، هوا وسيلي ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ سادي تجربي سان هو خَلا جا به قائل بڻجي پيا. اهڙي قسم جا تجربا ڪندي بوائل اِهو به محسوس ڪيو ته هوا ۾ ڪافي لچڪ موجود آهي. اُن کي اسپرنگ وانگر دَٻائي به سَگهجي ٿو ۽ ڍرو به ڇڏي سگهجي ٿو.
1660ع ۾ بوائل جو هڪ ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هِن پنهنجا تجربا ۽ انهن جا نتيجا لکيا. سندس قاعدي جا ڪيترائي مُخالف پيدا ٿي پيا ۽ بوائل کي اِها ذميواري قبولڻي پئي ته هُو هَوا جي اِهڙي صفت عَمَلي طور ثابت ڪري ڏيکاري. هِن شيشي جي هڪ نليءَ (جنهن جي شڪل انگريزي اکر ’J‘ جهڙي هئي) ۽ پاري جي مدد سان تمام کُليل نموني اِهو ثابت ڪيو ته جڏهن داٻَ ۾ واڌ آندي وڃي ٿي ته هوا جي ويڪرائي به گهَٽ ٿي وڃي ٿي، ڄڻ هوا ۽ ٻين گئسن ۾ دٻجڻ جي صلاحيت موجود آهي. اهڙيءَ ريت داٻَ ۽ جسامت وچ ۾ هڪ واسطيداري معلوم ڪئي وئي، جنهن کي ’بوائلز لا‘ چئجي ٿو.
بوائل گئس جي گرميءَ جي دَرجي ۽ جَسامت ۾ به هڪ تعلق معلوم ڪري ورتو. هو ڏاڍو محنتي هو ۽ سندس نگاههَ هَر نئين ڳالهه کي فوراً پَڪڙي وٺندي هئي. کيس تجربن ڪرڻ ۽ ڪتابن لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُن مختلف موضوعن تي، جن ۾ دينيات به شامل هئي، چاليهن کان وڌيڪ ڪتابَ لکيا. هِن 1662ع ۾ انگلنڊ ۾ سائنس جي اها قديم ترين سوسائٽي قائم ڪئي، جيڪا اڄ به موجود آهي ۽ اها ”رائل سوسائٽيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. اُن جو فيلو بڻجڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. بوائل فطرت جي ڪيترن ئي رازَن کي بي نقاب ڪيو ۽ انساني عِلمَ ۾ ڏاڍو واڌارو آندو.