ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     560273   ڀيرا پڙهيو ويو

آرڪمڊيز (ARCHIMEDES) 287 – 212 ق.م


 

ڏيهان ڏيهه مشهور يوناني رياضيدان، جيڪو ٽين صدي ق.م ڌاري سسلي ملڪ ۾ ٿي گذريو آهي. پنهنجي ابتدائي ايجادن ڪري زندهه ۽ امر رهندو.

هُن جاميٽري ۽ مشيني علم جا اهڙا ته بُنيادي اصولَ جوڙيا، جن تي هاڻوڪي سموري سائنس جي عمارت بيٺل آهي. هو علم خاطر جيئرو رهيو ۽ اُن لاءِ ئي موتُ ماڻي امر بڻيو.

 
   

 

 

روم سمنڊ جي آبهوا پنهنجي خوبين ۽ خوبصورتين سبب ڏاڍي مشهور آهي، سسلي ملڪ ۾ به اها ئي گُهلي ٿي. انهيءَ جي هڪ شهر سيراڪيوز (Syracuse) ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان 287 سالَ اڳ آرڪمڊيز پيدا ٿيو ۽ وڏو ٿي علم حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ اهڙو محو ٿيو، جو کيس پنهنجي جسمَ جان جو به ڪو خيال نه رهيو. هڪڙي شامَ جي ڳالهه آهي ته سندس وطن جا شاهوڪار ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن پَسارَ ڪري رهيا هئا ۽ ڪي بي فِڪرا نوجوانَ هوٽلن ۾ ويهي کائي پي رهيا هئا ته ايتري ۾ شهر جي وچ رستي تان هڪ شخص چَرين وانگر ڊُڪندي نظر آيو. هو بلڪل اُگهاڙو هو ۽ ڪابه پرواهه ڪرڻ سواءِ صرف هڪڙو لفظ ”يوريڪا“ ڏاڍيان چوندو پئي ويو. ’يوريڪا‘ جي معنيٰ آهي: ”مون ڳولي ورتو.“

آرڪمڊيز کي بادشاهه هيرو لاءِ ٺهرايل هڪ تاج ڏنو ويو هو، جنهن ۾ کيس سون ۾ کوٽ جو مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. هڪ ڏينهن وهنجڻ دوران هن کي اهو خيال ٿيو ته پاڻيءَ جي ٽب ۾ ڪنهن جسم جي گهڙڻ سان ان جي سطح مٿي ٿئي ٿي، ڇو نه ان اصول موجب سون جي تاج کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڏسجي ته اهو ڪيترو پاڻي هٽائي ٿو ۽ ان ۾ هٽايل پاڻيءَ جي وزن ۽ مقدار ذريعي ڪيل حساب موجب هن کي سون جي وزن ۽ کوٽ جو پتو پئجي ويو. خوشيءَ ۾ هو ايترو ته جذباتي ٿي ويو، جو وهنجڻ جاءِ مان وٺي ٻاهر ڊوڙ پاتائين.

ڪِن ماڻهن کيس سُڃاتو ۽ پنهنجي سنگتين کي سندس نالو ٻُڌايو. اُهو ته هڪ مشهور ماڻهو هو... جيڪي هُن کي نه سُڃاڻندا هئا. انهن جو به اُنهيءَ شخصيت جو نالو ٻُڌل هو. پنهنجي وقت جي وڏي حسابن جي ماهرَ ۽ انجنيئر جو نالو ڀلا ڪنهن کان لِڪل هوندو! تڪڙ ۾ اِها دلچسپ خبر سڄي شهر ۾ باههِ وانگر پکڙي وئي، پر اُن جو اصل ڪارڻُ ماڻهن کي ٻئي ڏينهن تي معلوم ٿيو. اڄ اُن واقعي کي 23 صديون گذري ويون آهن، تڏهن به اُهو اهميت جي لحاظ کان پراڻو ٿي نه سگهيو آهي.

اهو ڪارڻ هي هو ته... گهر پهچي آرڪمڊيز پنهنجي کوجنا کي تجربي وسيلي پَرکيو ۽ معلوم ڪيو ته جڏهن ڪنهن جسم کي پاڻيءَ يا ڪنهن ٻي پاڻياٺ ۾ وڌو وڃي ٿو ته اُن جي وزن ۾ ٿورڙي گهٽتائي ٿي اچي وڃي. اها گهٽتائي ايتري پاڻياٺ جي وزن جيتري هوندي آهي جيتري اهو جسم پنهنجي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ وقت پَري ڪري ٿو. اهو اصولُ اڄ به آرڪمڊيز جي نالي سان زندهه آهي ۽ اُن وسيلي ئي هِن باڪمال سائنسدان پنهنجي وقت جي بادشاههَ هيرو کي اِهو ٻڌايو هو ته سندس تاجَ ۾ سونُ ڪيترو ۽ ڦيٽَ ڪيتري آهي. اهو ڄاڻڻ کان پوءِ آرڪمڊيز جي هاڪَ اڃا به وڌي وئي.

هُو هڪ سُٺي خاندان جو هو. سندس پيءُ سِتارن جو علم ڄاڻندڙ ۽ مڃيل جوتشي هو. بادشاهه هيرو سندس به قدردان هو. آرڪمڊيز جوانيءَ تائين اسڪندريا ۾ تعليم حاصل ڪئي. شروعاتي دؤر ۾ مصر کي نيل درياههَ وسيلي پوکَ لاءِ پاڻي پهچايو ويندو هو. انهيءَ ڪم ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ هن هڪ مشين ايجاد ڪئي، جنهن جو اصولُ اڄڪلهه به ساڳيو آهي، جنهنڪري ايندڙ وقت ۾ ڪيتريون ئي ڪلون تيار ڪيون ويون.

آرڪمڊيز پنهنجي وطن کي رومي حملي آورن جي هلان کان بچائڻ لاءِ به ساراهه جوڳو ڪردارُ ادا ڪيو. ڪارٿيج، روم ۽ يونان جا رهاڪو پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. جنگ جدل ۽ خون خرابيءَ جو سلسلو هلندڙ هو. بادشاهه هيرو احتياطي طور آرڪمڊيز کي ڪجهه سائنسي هٿيارَ ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. اُنهي موقعي مناسبت سان جيڪي لفظَ آرڪمڊيز هيرو حاڪم کي چيا هئا، سي اڄ به تاريخي حيثيت رکن ٿا ۽ اڃا تائين ڏاڍا مشهور آهن:

”مون کي هڪ بيرم ۽ ان جي رکڻ جي جاءِ ڏيو ته آءٌ سڄي دنيا کي پنهنجي جڳهه تان هَٽائي ڇڏيندس.“

بيرم (ليور) ۽ چرخي آرڪمڊيز جون ايجادون آهن. هن ڪجهه رَسين ۽ چرخين جي مدد سان هڪ وڏي جهازَ کي وچ سمنڊ مان ڇِڪي ڪِناري تي آڻي بيهاريو هو. بادشاهه سندس اِهو ڪارنامو ڏسي ڏاڍو حيران ٿيو ۽ هُن سڄي شهر جي حفاظت جو ڪم آرڪمڊيز جي حوالي ڪيو.

جڏهن رومي جرنل مارسيلس (Marcellus) سيراڪيوز جو گهيرو ڪيو ته هو اِهو ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ته سپاهين کان سواءِ ڪيتريون ئي مشينون سندس مقابلي لاءِ تيار بيٺل آهن. اهي مشينون شهر جي ڪوٽَ ٻاهران ڳوريون ڳوريون زنجيرون تيزيءَ سان اڇلائن ٿيون ۽ اهي جنهن جهاز تي ڪِرن ٿيون، سو بلڪل ڀڄي ڀورا ٿي برباد ٿيو وڃي. ان کان سواءِ آرڪمڊيز رَسين ۽ چَرخين وسيلي دشمن جي ڪيترن ئي جهازن کي سمنڊ مان ڇِڪي ڪناري جي جابلو ٽَڪرين سان ٽڪرائيندي پُرزا پُرزا ڪري ڇڏيو. ڪجهه جهازن کي ارشميدس سامونڊي مٿاڇري تان کڻي هوا ۾ تيز لوڏا ڏياري تباهه ڪيو.

مارسيلس آرڪمڊيز جي انهن مشينن کي مسمار ڪرڻ لاءِ پنهنجي انجنيئرن سان مشورا ڪيا. انهن تمام گهڻي ڪوشش کان پوءِ هڪ ايڏي وڏي مشين تيار ڪئي، جيڪا اَٺن جنگي جهازن تي رکي آڻڻي پئي. ان کي سيراڪيوز شهر جي دفاعي ديوارن ڏانهن حملي خاطر اڳتي آندو ويو. اڃا ڪا گهڻي دير نه ٿي هئي، جو آرڪمڊيز پنهنجي هڪ ننڍڙي انجڻ وسيلي دشمنن جي ان سازش کي ناڪام ڪري ڇڏيو.

تاريخ جا ورق اٿلائڻ سان اِهو به معلوم ٿئي ٿو ته ڪاهه وقت آرڪمڊيز ڪجهه شيشن ۽ اُپٽيل بِلورن جي مدد سان رومي فوج جا ڪيترائي جهازَ ساڙي رَکَ ڪري ڇڏيا. رومي جنگ جهيڙيندڙَ آخر آرڪمڊيز کان ڊڄڻ لڳا. جيئن ئي هو شهر مٿان ڪا نوڙي يا لڪڙو ٽنگيل ڏِسندا هئا ته سندن ساههُ نڪري ويندو هو ۽ هو رڙيون ڪندي خوف ۽ خطري کان هڪ ٻئي کي باخبر بڻائيندا هئا. هو سمجهندا هئا ته آرڪمڊيز سندن خاتمي لاءِ ضرور ڪا نئين موتمار مشين جوڙي آهي. اِجهو... هو تجربو ڪندي کين وڏو نقصان رَسائيندو. آخرڪار مارسيلس آرڪمڊيز جي علمَ، عقلَ، ڏانءَ ۽ ڏاهپَ کان ڏاڍو متاثر ٿي دل ئي دل ۾ کيس دادُ ڏيڻ لڳو ۽ سندس قدر ڪرڻ لڳو.

آرڪمڊيز، مارسيلس کي ٽن سالن تائين پنهنجي شهر کان پَري رکيو، پر آخر ۾ رومي فوجين دوکي ۽ چالبازيءَ سان سيراڪيوز تي قبضو ڪري ورتو. اِها 212 ق.م جي ڳالهه آهي. مارسيلس فاتح جي حيثيت سان شهر ۾ داخل ٿيندي ئي آرڪمڊيز سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. هڪ سپاهي کيس سڏڻ ويو، پر هو پنهنجي گَهرَ جي اڱڻ تي جاميٽريءَ جون عجيب انوکيون شڪليون ڪڍڻ ۾ ايترو ته مَحو هو، جو کيس اِها سُڌِ به ڪانه هئي ته شهرُ رومين جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي.

رومي سپاهيءَ پنهنجي جرنل جو پيغام آرڪمڊيز تائين پهچايو، پر هُن کي ڪنهن جي به پرواههَ نه هئي. گهڻي چوڻ تي هن رڳو ايترو جواب ڏنو ته ”آءٌ پنهنجو ڪم ختم ڪرڻ کان سواءِ مارسيلس سان ملي نٿو سگهان.“ سپاهيءَ کي جواب ڪونه وڻيو، تڪڙ ۾ تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان ظالمَ، آرڪمڊيز جي زندگيءَ جي لاٽَ اُجهائي ڇڏي ۽ فرش تي پاتل ابتا سبتا ليڪا رت سان رنڱجي ويا! اهڙيءَ ريت انتهائي بيدرديءَ سان عالم، اَڪابر، حسابن جي ماهر ڏاهي انسان آرڪمڊيز جو انت اچي ويو...!

مارسيلس کي جڏهن اِها خبر پئي ته هو ڏاڍو ڏُکارو ٿيو. هن سپاهيءَ کي ڏاڍو ڇنڀيو ۽ آرڪمڊيز جي مِٽن مائٽن سان ڏاڍي سڪ، سهڪار ۽ سخاوت وارو سلوڪ ڪيو. عالم ۽ عظيم انسان آرڪمڊيز جو جنازو ڏاڍي شان شوڪت ۽ عزت احترام سان کنيو ويو. سندس مقبرو سندس ڪيل وصيت موجب جاميٽريءَ واري ڊزائين تي جوڙيو ويو، جنهن جو نمونو مرڻ کان گهڻو اڳ هُن پاڻ تيار ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ حساب سان هڪ ويلڻ يا نَلَ (Cylinder) جهڙي بناوت اندر هڪ ٻي گولائيءَ جي شڪل واري عمارت ۾ دفن ٿيو، جنهن جو نئون انداز موت بعد به سدائين ڏاهپ جي شاهدي ڏيندو رهندو. اڄ به ان شاهڪار عمارت ۾ آرڪمڊيز جي جاميٽريءَ جون ٻه صورتون/شڪليون اهم آهن.

آرڪمڊيز رياضي، حسابن ۽ مشينري ڪمن کان سواءِ ستارن جي علم تي به گهڻو ڪم ڪيو ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان جي هاڻوڪي سُڌريل تهذيب، سُلجهيل سائنس ۽ ڳُتيل مشينري انهيءَ ابتدائي جاکوڙ ۽ جستجوءَ جو نتيجو آهي. ايتري گهڻي مڃتا، مشهوري ۽ مانَ مرتبي هوندي به سڄي حياتي آرڪمڊيز کي هٺ، تڪبر ۽ وڏائي ويجهو نه آئي، سدائين سادگيءَ سان سمورو وقت سوچيندي ۽ لوچيندي گذاريائين. هن پنهنجي تحقيق ۽ ايجادي عملن جو ڪو تحريري رڪارڊ رکڻ به ضروري نه سمجهيو، ڇو ته هو علم ۽ عقل جي ڀيٽَ ۾ ذاتي ۽ سکڻي شُهرت کي اهميت نه ڏيندو هو. هُن هڪ اهڙي خيالي گول جو نقشو به تيار ڪيو، جيڪو سج، چنڊ ۽ پنجن گرهن / سيّارن (جيڪي ان وقت تائين معلوم ٿي چڪا هئا) جي چُرپُر کي پڌرو ڪري. پنهنجي انهيءَ کوجنا کي آرڪمڊيز ٿوري اهميت ڏيندو هو، باقي هُو عملي زندگيءَ ۾ پاڻ کي عام ماڻهوءَ وانگر ظاهر ڪندي، نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ سان وڏا ذهني ڪَمَ ڪندو رهندو هو. سندس رياضيءَ جي اصولن، ڪَلَن جي علمَ، ستارن ۽ گرهن (سيّارن) جي تحقيق تي ڪيتريون تحريرون ۽ ڪتاب جديد سائنس جو اَمُلهه سرمايو آهن.

آرڪمڊيز هر وقت ڪجهه نه ڪجهه سوچيندو رهندو هو ۽ سوچ ۾ ايترو ته مَحو ٿي ويندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن کيس زور زبردستيءَ سان غسل خاني تائين پهچايو ويندو هو. وري وهنجڻ وقت به هو جسم تي لڳل صابڻ واري گجيءَ تي جاميٽريءَ جون اُبتيون سُبتيون صورتون ٺاهيندو رهندو هو. کيس پنهنجي جسمَ جان جو به ڪو هوش نه رهندو هو.

علم جي خدمت ان کان وڌيڪ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جو هي عظيم، انسانُ علم حاصل ڪرڻ لاءِ زندهه رهيو ۽ علم پرائيندي، موت ماڻي/ شهادتي جام پي امر بڻجي ويو. هن پنهنجي رَت جو جاميٽري جي شڪلين کي رنگ ڏنو. سندس حياتي هر علم حاصل ڪندڙ لاءِ هڪ حيرت ڏياريندڙ بابُ ۽ اڻ وِسرندڙ سبق آهي.