ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552113   ڀيرا پڙهيو ويو

گيليلو گيليلي (Galileo Galilee) 1564ع – 1642ع


گيليلو کي دنيا جي انتهائي عظيم سائنسدانن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هن کي دوربيني ايجاد ڪرڻ ۽ دنيا وارن لاءِ آسمانَ جا دروازا کولڻ جو به اعزاز حاصل آهي، پر وقت جا مذهبي ٺيڪيدارَ سندس مخالف ۽ دشمن بڻجي پيا هئا.

هُن حرڪت (چُرپر) جا ڪيترائي اهڙا ابتدائي اصولَ جوڙيا، جن تي اڳتي هلي نيوٽن، نظرياتي ۽ ابتدائي سائنس جي عمارت اَڏي.

22 جون 1633ع تي روم جي هڪ وڏي گرجا گهر ۾ هڪ پوڙهو شخص مذهبي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو. هِن جو مُنهن هيڊو ۽ سندس هَٿَ پيرَ ڏڪي رهيا هئا. ايتري ۾ هڪ پادري اُٿيو ۽ عدالت جي سانت کي ٽوڙيندي هڪ فتويٰ پڙهي ٻڌايائين:

”هِن پوڙهي جو ڏوههُ معاف ڪري سگهجي ٿو، پر شرط اِهو آهي ته هو ڪليسا جي مخالفت کان مُڙي وڃي. پنهنجو تعليمي سِلسلو بند ڪري، نه ته کيس ڪليسا جي حڪم سان جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ واڙيو ويندو...“

پوڙهي حُڪم بَجا آندو ۽ گوڏن ڀر ڪري پيو. هُن قسم کنيو ته اڳتي پنهنجي علم کي عامُ نه ڪندو. سندس ڏوهه رُڳو اِهو ئي هو ته هُو چوندو هو:

”ڌرتي گول آهي ۽ سج جي چوڌاري ڦِري ٿي.“

ان کان پوءِ هُن ڏڪندڙ هٿن سان هڪ پَني تي صحي ڪئي. عدالت ختم ٿي وئي. پوڙهو ڪورٽ جي ڪمري کان ٻاهر نڪتو. چيو وڃي ٿو ته ان وقت به سندس چپن تي اِهي ئي لفظ هئا:

”... پر اُها گول آهي ۽ ڦِري ٿي، يقين سان ڦِري ٿي...“                                           

پوڙهو شخص گيليلو گيليلي سائنسدان، هيئتدان، دنيا جي هڪ عظيم هستي، فيبروري 1564ع ۾ اٽليءَ جي شهر پِيسا ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ معزز ماڻهو هو. گيليلو کي ننڍپڻ کان ئي سائنس سان لڳاءُ هو. هو واندڪائيءَ وقت ننڍا ننڍا اوزارَ، رانديڪا ۽ ڪَل- پُرزا جوڙيندي دل وندرائيندو هو. سندس پيءُ 1581ع ۾ کيس پِيسا يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو، هن چاهيو ٿي ته سندس پُٽ وڏو ٿي ڊاڪٽر بڻجي.

گيليلو کي وري رياضي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو آرڪمڊيز جي ڪتاب کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هُو نهايت تيزيءَ سان هر مسئلي کي سمجهي سگهندو هو. هن ارسطوءَ جي فلسفي تي به تحقيق ڪئي. 18 سال عُمر ڇا ٿيندي آهي، پر انهيءَ وهيءَ ۾ ئي گيليلو، ارسطوءَ جي فڪر مان به خاميون ڳولي ڪڍيون. جڏهن اُن جي پيروڪارن، گيليلو جون ڳالهيون نه مڃيون ته هِن جاکوڙي انسانَ تجربن جو سَهارو ورتو.

1853ع ۾ گيليلو گِرجا گهر ۾ لڙڪيل هڪ بتيءَ جي مدد سان ’لُڏڪڻي جو نظريو‘ ايجاد ڪيو ۽ ان کي وقت ڳڻڻ لاءِ استعمال ڪيو. هُن ٻڌايو ته ”لڏڪڻي جي حرڪت وارو وقفو هِڪَ ڪَرو ئي رهندو آهي، پوءِ ان جي حرڪت گهٽ هجي يا گهڻي.“

گيليلو کي جيئن ته حسابن جي علم سان بي پناهه پيارُ هو، اُن ڪري هو 1588ع ۾ پِيسا يونيورسٽيءَ ۾ ساڳئي مضمونَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي زماني ۾ هُن پِيسا جي پاسيري ڍُرڪيل مينار تي اهڙو تجربو ڪيو، جيڪو اڄ تائين سندس نالي پٺيان مشهور آهي، جنهن جو ڪجهه تفصيلي احوالُ هن ريت آهي.

ارسطوءَ هڪ اصول اِهو به بيان ڪيو هو ته ’جيڪڏهن ٻَه شيون ڪجهه اوچائيءَ تان هيٺ اڇلايون وڃن ته وڌيڪ وزن واري شيءِ هلڪي وزن واري شيءِ جي ڀيٽَ ۾ زمين تي اڳ ڪِرندي ۽ ان جي رفتارَ به وڌيڪ هوندي.‘ گيليلو اهڙي اصولَ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته:

”وزن سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي. ڳريون ۽ هلڪيون شيون گڏ ئي زمين تي ڪرنديون. جيڪڏهن ڪجهه فرق ٿئي ٿو ته اهو هوا جي روڪَ جو ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته هوا هلڪي شيءَ کي پنهنجي پَڪَڙ ۾ آڻي هيٺ ڪِرڻ کان روڪي ڇڏي.“

گيليلو ارسطوءَ جي ڪجهه پوئلڳن کي گڏ ڪيو ۽ پِيسا جي اوچي مناري تان هي سادو، پر دلچسپَ تجربو عملي طور ڪري ڏيکاريو. هو مُناري جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ اتان ٻه شيون هڪ ئي وقت هيٺ اُڇلايائين، اُنهن ۾ هڪ ڳري هئي ۽ هڪ هلڪي. ماڻهن جي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن اُنهن سڀني پنهنجي اکين سان اِهو ڏٺو ته ٻئي شيون ڌرتيءَ تي هِڪ ئي وقت ڪِريون. ارسطوءَ جا معتقد پوءِ به ساڻس سهمت نه ٿيا، انهن چيو ته ان ۾ به ڪا ڳُجهي هيراڦيري آهي، جيڪا اسان جي سمجهه ۾ نه ٿي اچي.

ماڻهن جي سخت مخالفت هوندي به گيليلو طبيعيات واري علم ۾ هڪ نئين ۽ اهم اصولَ جو اضافو ڪيو. ماڻهن کي سندس مشهوري پسند نه آئي. انهن هن ڳالهه تي ڳَتِ ڏني ته هو استعيفا ڏئي فلورنس واپس هليو وڃي، پر 1592ع ۾ گيليلو کي پڊوا (Padua) يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ان وقت سندس شهرت سڄي يورپ ۾ پکڙي چڪي هئي. 1604ع ۾ هُن هيئيت پاسي ڌيان ڏنو. انهيءَ زماني ۾ اُڀ تي ماڻهن کي هڪ نئون ستارو نظر آيو. ڪجهه هيئتدان اُن کي ’رات وارو ٽٽندڙ تارو‘ چوڻ لڳا ۽ ڪِن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته اُهو آهي ڇا؟

گيليلو انهيءَ موضوع تي ڪيتريون ئي تقريرون ڪيون ۽ چيو ته ”اهو رات وارو تارو ناهي، پر اهڙو ئي هڪ ستارو آهي، جهڙا ٻيا لکين ستارا اُڀ ۾ چمڪن ٿا. اهو ستارو آهي، سيّارو ناهي، ان ڪري اُن جو اسان جي سورج- مَنڊل سان ڪوبه واسطو ڪونهي.“ ماڻهن ۾ چوٻول پئجي ويو. هزارين شوقين گيليلو جا ليڪچر ٻُڌڻ ايندا هئا. ايستائين جو تِرَ ڇَٽِڻ جي به جاءِ نه بچندي هئي. ان کان پوءِ گيليلو ليڪچرن سان گڏ پنهنجي نظرين کي ڪتابي صورت ڏيئي ڇپائڻ ۽ ڦهلائڻ شروع ڪيو. هن ڪَل- پُرزن جي علم، حرڪت جي اصولن، ڪائنات جي نظام، آواز، روشني، رنگن ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي ڪتاب لکيا، پر 1609ع ۾ ساڻس هڪ وڏو واقعو پيش آيو.

اُن سال گيليلو هڪ اهڙي اوزار جو ذڪر ٻُڌو، جيڪو ڏورانهين شين کي ويجهو ڪري ڏيکاريندڙ هو. هِن به اهڙي قسم جا ڪجهه تجربا ڪيا ۽ آخرڪار دوربيني تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جنهن سندس نالو سدائين لاءِ لافاني بڻائي ڇڏيو. هن ٻه ننڍڙا شيشا يا لينس کنيا، جن مان هڪ اُڀريل ۽ ٻيو اُپٽيل هو. اهي ٻئي جِست جي هڪ نلڪيءَ جي ٻنهي پاسن تي لڳايائين. جڏهن هن نلڪيءَ جي آرپار ڏٺو ته سندس خوشيءَ جي انتها نه رهي، کيس نت نئون نور ملي ويو يا ائين کڻي چئجي ته اهڙيون اکيون عطا ٿي ويون هيون، جن سان اُڀ جو سَير ڪري ٿي سگهيو. هو دوربيني بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

اها دوربيني خوشيءَ مان وينس کڻي ويو ۽ ان کي يونيورسٽي انتظاميا آڏو پيش ڪيائين. سڀ ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ گيليلو کي سموري ڄمار لاءِ پِڊوا يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. سندس پگهار به پنج سؤ ويهه فلورن مان وڌائي هڪ هزار ڪيو ويو. ڪي مهينا پَري پَري تائين دوربينيءَ جي هاڪَ هلندي رهي ۽ هشام ماڻهن جا اها ڏسڻ ايندا رهيا. هڪ ڏينهن گيليلو جو هڪ دوست اها دوربيني کڻي هڪ مينار تي چڙهي ويو، جيئن هو ڪنهن جي روڪَ ٽوڪَ کان سواءِ استعمال ڪري سگهي، پر ماڻهن کي خبر پئجي وئي ۽ اُهي اُتي پهچي ويا. جيسين هر هڪ ماڻهو دوربينيءَ کي پنهنجي اکين سان نه لڳايو، تيسين ماڻهن جند نه ڇڏي.

گيليلو پنهنجي دوربينيءَ کي وڌيڪ ترقي ڏني ۽ ان وسيلي ڪائنات جا اهڙا رازَ ڳولي لڌا، جن سان هيئت جي دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. هِن چنڊ تي جابلو سِلسِلا ۽ گَهري غار ڳولي لڌي. نه فقط ايترو، پر گيليلو مشتريءَ جا چار چنڊ به ڏسي ورتا، جيڪي ان سيّاري جي چوڌاري اهڙيءَ طرح ڦرن ٿا، جيئن چنڊ اسان جي زمين جي چوڦير گردش ڪري ٿو. انهن ڳالهين کان سواءِ هِن جاکوڙي اِنسانَ زحل نالي سيّاري جي جاءِ به ڳولي ڪڍي ۽ ان جا گهيرا به پنهنجي اکين سان ڏِٺا.

جڏهن گيليلو انهن سڀني ڳالهين کي ڇپائي پڌرو ڪيو ته هن خلاف هڪ طوفان اُٿي کڙو ٿيو. علم دشمن ماڻهو سندس سخت مخالف بڻجي پيا. ڪجهه ساڙولن ته حسد سبب اهو به چيو ته اِهي سموريون شيون هنن کانئس اڳ ۾ دريافت ڪيون آهن ۽ ڪن وري زوردار لفظن ۾ چيو ته هو ملحد آهي ۽ مذهبي عقيدن خلاف ڪم ڪندي، قدرتي ڳُجَهه پيو ڳولي.

1611ع ۾ گيليلو روم ويو، جتي سندس بي انتها احترامُ ڪيو ويو. اڃا اميرن ۽ مذهبي پيشوائن ۾ هُن خلاف ايتري نفرت پيدا نه ٿي هئي. گيليلو پنهنجي بهترين دوربينيءَ پاڻ سان گڏ کڻي ويو هو ۽ هن سڀني کي پنهنجي تازي تحقيق بابت ڄاڻ ڏيندي ايجاد ڪيل دوربين وسيلي سج جا داغ پڻ ڏيکاريا.

گيليلو جي دشمنن جو انگُ وڌندو رهيو ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ قائل ٿي نه سگهيا. گيليلو گهڻو ڪري ويهن ويهن ماڻهن سان هڪ ئي وقت بحث مباحثو ڪندو هو ۽ کين پنهنجي سوچ سان سهمت ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو رهيو، پر بي سمجهه ڪٿي ٿا مطمئن ٿين! هو سندس مخالفت لاءِ سينو تاڻي بيٺا. انتها اِها ٿي ته ڪليسا به سندس ويري ٿي پئي. مذهبي اڳواڻَ هِن جي علمَ ۽ سندس نظرياتي سرواڻن کي به بَدشد ڳالهائڻ لڳا، پر گيليلو ڪنهن  جي به ڪا پرواهه ڪرڻ کان سواءِ مسلسل ڪم ڪندو رهيو.

انهيءَ زماني ۾ بطليموس جو نظريو عام هو ۽ ماڻهو مڃيندا هئا ته زمين هڪ هنڌ بيٺل آهي ۽ باقي سمورا سيّارا ۽ ستارا ان جي چوڌاري ڦرن ٿا. سج به ان جي چوڦير گردش ڪري ٿو، پر گيليلو اِن ويچارَ کي ردَ ڪندي چيو ته زمين هڪ سيّارو آهي. سجُ ان جي ڀيٽَ ۾ تمام گهڻو وڏو آهي، جيڪو زمين جي چوڌاري ڦِري نه ٿو سگهي، پر زمين سج جي چوڌاري چَڪَر لڳائي ٿي. ڪوپرنيڪس به اهو نظريو گهڻو وقت اڳ ۾ پيش ڪيو هو، پر ان لاءِ ڪو چِٽو ۽ وزنائتو ثبوت ڏئي نه سگهيو هو. گيليلو پنهنجي دوربينيءَ سان اِها ڳالهه سَچُ ثابت ڪندي درست قرار ڏني ۽ ان نظرئي جي پٺڀرائي ڪئي.

هاڻي گيليلو جي دشمنن هڪ طوفان کڙو ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته بطليموسي نظرئي جي مخالفت ڪري گيليلو مذهبي نظرين کي به چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي. ڳالهه وڌي وئي ۽ 1615ع ۾ عظيم پوپ گيليلو کي تنبيهه ڪئي ته ڪوپرنيڪس جي نظرئي کي نه ڇاپي ۽ نه وري اُن جو طرفدار بڻجي ڪا پرچار ڪري. ڪوپرنيڪس جي نظرئي تي مڪمل طور پابندي مَڙهي وئي.

گيليلو ڪجهه وقت لاءِ چُپ ٿي ويو ۽ پنهنجي تحقيقي ڪَمَ ۾ رُڌل رهيو ۽ 1632ع ۾ هن هڪ زبردست ڪتاب ڇپرايو، جنهن سائنسي دنيا ۾ ته هڪ واکاڻ جوڳو واڌارو ڪيو، پر مذهبي اڳواڻن کي چيڙائي ڇڏيو، ڇو ته ان ۾ بندش پيل نظريو اُجاگر ٿيل هو. نتيجو اهو نڪتو، جنهن جو خوف هو؛ گيليلو کي روم سَڏايو ويو. پهرين ته هُن لڳل الزامن کي مڃڻ کان اِنڪارُ ڪيو، پر پوءِ هُن ڏوههُ باسيو. مذهبي عدالت کيس قيد جي سزا ڏني. آخرڪار اُن ۾ ڦيرگهير ڪندي، اِهو فيصلو ڪيو ويو ته هو پنهنجي علم آگاهي جي ڦهلاءَ کان مُڙي وڃي ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن وطن ۾ چپ چاپ گذاري.

گيليلو جو ٻُڍاپو ڏاڍي تڪليف ۾ گذريو. هو آزاد ضرور هو، پر کيس حق سچ ڳالهائڻ کان روڪيو ويو هو. هُن کي پنهنجي ڌيءُ سان بي پناهه پيارُ هو. اُها بيمار ٿيڻ کان پوءِ تُرت ئي گذاري وئي. گيليلو جي پنهنجي صحت به خراب رهڻ لڳي، کيس ڌيءُ جو وڇوڙو کائي ويو. هو جُهري پيو، پر همت کان ڪم وٺندي، ظاهري طور تحقيقي ڪم ۾ رُڌل رهيو. 1636ع ۾ هُن هڪ ٻيو سائنسي ڪتابُ ڇپرايو. 1637ع ۾ گيليلو چنڊَ بابت ڪي نيون ڳالهيون ڪيون، پر ان کان ڪجهه مهينن بعد نظرَ جي نعمت کان محروم ٿي ويو.

اِنهن تڪليفن ۽ پريشانين هوندي به گيليلو جي اَٽل ارادي ۾ ڪوبه فرق نه آيو. هُن وڏي حسرت مان پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو:

”مان بلڪل اَنڌو بڻجي چُڪو آهيان. منهنجي ديدَ موٽي نٿي سگهي. هي آسمان، هيءُ ڌرتي، هيءَ ڪائنات جن کي نئين معنيٰ ۽ مطلب ڏنو ۽ انهن جي ڪشادگيءَ ۾ قديم دؤر جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا واڌارو آندو. هاڻي منهنجي لاءِ ختم ٿي چڪا آهن. پر خدا جي مرضي اِها هئي، مان ان جي رضا تي راضي آهيان.“

سندس پادري دوست اهڙي خط جي جوابَ ۾ لکيو:

”قدرت جي بڻايل بهترين اک مٿان اوندهه ڇانئجي وئي آهي...“

نابين ٿيڻ کان پوءِ به گيليلو ڪم ڪندو رهيو ۽ سندس تحقيق جاري رهي. هِن لُڏڪڻي (Pendulum) کي گهڙيال ۾ لڳائڻ ۽ درست وقت معلوم ڪرڻ جو طريقو رائج ڪيو. انهيءَ ڪم جي پُڄاڻي پندرهن سالن کان پوءِ هائي گنز (Huygens) هٿان ٿي.

هو آخري گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو. پاڻ ته لِکي نه سگهندو هو، ان ڪري پنهنجن شاگردن کان نظريا لکرائيندو هو. هو پنهنجي ڪم ۾ ئي مصروف هو ته کيس ڏاڍو بُخار ٿيو. لاغر ۽ هيڻو ته هُو اڳ ۾ ئي ٿي چُڪو هو، ان ڪري 8 جنوري 1642ع تي هِن فاني جهانَ مان موڪلائي ويو. انهيءَ وقت سندس عمر 78 سال هئي.

گيليلو جي تحقيق سائنسي دنيا ۾ وڏي اُٿل پُٿل آندي. هِن آرڪمڊيز جي نظرين کي اڳتي وڌايو. هو جيڪا به ڳالهه ڪندو هو، تنهن کي تجرباتي تارازيءَ ۾ ضرور توريندو هو ۽ پاڻ مطمئن ٿيڻ کان پوءِ ٻين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪل پُرزن کان سواءِ هِن چقمق تي به ڪجهه تجربا ڪيا.

گيليلو چنڊ تي جبل ۽ غار ڳولي، قديم هيئيت ۾ نئون ساههُ وِڌو. نه فقط ايترو پر هُن ٻيا به ڪيترا ڳُجَهه ڳولي لَڌا ۽ سورج- منڊل بابت نيون نڪوريون ڳالهيون عوامَ آڏو آنديون. ماڻهو سندس اصولن ۽ نظرين کان سواءِ سندس جانِ جو به دشمن بڻجي پيو، پر هِن ڪنهن جي ڪا پرواههَ نه ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ دنيا ڏٺو ته هو جيڪي ڪجهه چوندو هو، سو سراسر سچ ثابت ٿيو. مذهبي ٺيڪيدارَ سندس سوچون سمجهي نه سگهيا، پر اڄ سمورو جڳُ کيس مانَ مرتبي سان ياد ڪندي مڃتا ڏئي ٿو. هِن هيئت واري علم کي چار چنڊ لڳايا. اِنهن سمورين ڪاوشن کان سواءِ سندس جيون هڪ سبق آهي. هُو اِنتهائي خرابُ ۽ نامناسب حالتن ۾ به ڪم ڪندو رهيو. اکيون بي نور بڻجي ويس، پر جاکوڙ ۾ ڪا جَهلَ نه آئي.

اِهو ئي آهي سندس جيون جو سڀ کان اُتاهون، عظيم ۽ سڀ لاءِ پيروي ڪرڻ جوڳو پاسو ۽ عظيم رُخُ.