ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552214   ڀيرا پڙهيو ويو

ڪوپرنيڪس (Copernicus) 1473ع – 1543ع


ڪوپرنيڪس جديد هيئت جو ابو سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته هن صديون پراڻي بطليموسي نظرئي کي رَد ڪيو، جنهن جي سوچ موجب ڌرتيءَ کي مرڪزي حيثيت مليل هئي. جنهن موجب سجَ سميت ٻيا گرهه (سيّارا) اُن جي چوڌاري ڦرندڙ سمجهيا ويندا هئا. موجوده شمسي نظام جي ڄاڻ ڪوپرنيڪس جي ئي محنتن جو مظهر آهي.

چوٿين صدي ق.م جي ڳالهه آهي ته هڪ يوناني هيئتدان هيرڪ لائٽس (Heraclites) اِهو چيو هو ته ڌرتي ۽ ٻيا گرهه يا (سيّارا) سج جي چؤطرف ڦرن ٿا، پر 16 صديءَ تائين ماڻهو ان ڳالهه کي غلط سمجهندا رهيا. هو پنهنجي زمين کي ايتري ته اهميت ڏيندا هئا، جو سجّ ۽ ٻين سيّارن کي اُن جو تابع تصور ڪندا هئا. هو چوندا هئا ته اِهي سڀ زمين جي چوڌاري ڦرن ٿا. اسڪندريا جي عالم بطليموس سيارن جي جيڪا جدول ٻي صدي عيسويءَ ۾ تيار ڪئي هئي، ان ۾ به سج ۽ سيارن کي زمين جي چوڌاري چڪر ڏيندڙ ڏيکاريو ويو هو.

1543ع ۾ انهيءَ نظرئي کي رَد ڪيو ويو ۽ زمين جي اها حيثيت نه رهي، جيڪا ايستائين کيس سمورا فلڪياتي ماهر غلطيءَ وچان ڏيندا پئي آيا. اُن سال ڪوپرنيڪس پنهنجو ڌماڪيدار ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن جو مقصد ماڻهن کي اِهو ٻڌائڻ هو ته سج کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ سمورا سيّارا، جن ۾ اسان جي ڌرتي به شامل آهي، سندس چوڌاري چڪر ڪاٽين ٿا.

اهڙي نظرئي کي عام ڪرڻ آسان ڪم نه هو، ڇو ته ڪوپرنيڪس صديون پراڻي نظرئي کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. نظام شمسيءَ جي ان نظرئي کي مشهور ٿيڻ ۾ ڏيڍ سؤ سالَ لڳي ويا. ڪوپرنيڪس پنهنجي حياتيءَ جا ٽيههَ سال اهڙي ڪتاب لکڻ تي پورا ڪري ڇڏيا، ڇو ته انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي جدولون شامل هيون. ٻيو ته اهڙي اَوائلي جُڳَ ۾ سُٺا ۽ سُريلا اوزارَ به ڪونه هئا، تنهنڪري ننڍڙي ڳالهه کي سمجهڻ سمجهائڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويندو هو.

ڪوپرنيڪس ڪيترن ئي ڪَمن جي ڪري ڏاڍو مصروف رهندو هو. هُو هڪ ماهر ڊاڪٽر، سُٺو پادري ۽ ڪامياب سياستڪارُ پڻ هو. حيرت جي ڳالهه آهي ته ايترن ڪمن هوندي به هُن پنهنجو اهڙو ڪتاب لکي ڇپرايو، جنهن سبب سندن نالو اڄ تائين زندهه سلامت آهي. اهو ڪتاب پورو ڪرڻ کان پوءِ ڪوپرنيڪس تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب هن جي زبان متاثر ٿي ۽ هو ڳالهائڻ جي سَگههَ کان محروم ٿي ويو. نه فقط ايترو پر بيماريءَ جي ڪري سندس حافظو ايترو خراب ٿي ويو، جو جڏهن 24 مئي 1543ع تي پريس مان سندس ڪتاب ڇپجي هِن آڏو آندو ويو ته هُو اُهو به سُڃاڻي نه سگهيو ۽ ساڳئي ئي ڏينهن اکيون ٻُوٽي ظاهري طور هميشه لاءِ اَبدي ننڊ سُمهي پيو.

ڪوپرنيڪس 1473ع ۾ اولهه پولينڊ جي هڪ هنڌ ٽورن (Torun) ۾ پيدا ٿيو. هِن جو پيءُ هڪ واپاري ۽ پنهنجي شهر جو مئجسٽريٽ هو. هي خاندان جرمن نسل مان هو. ان ڪري ڪوپرنيڪس کي جرمني ۽ پولينڊ ٻنهي ملڪن وارا پنهنجو ڪوٺين ٿا.

ڪوپرنيڪس جي عمر ڏهه سالَ مَس هئي ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو. هن جي چاچي کيس سنڀاليو، نپايو ۽ پڙهايو، جيڪو پاڻ به هڪ مشهور پادري هو. ڪوپرنيڪس ڪيترين ئي سُٺين يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪئي، جن ۾ پڊوا جي يونيورسٽي به شامل آهي. هن دينيات ۽ ڊاڪٽريءَ جون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون ۽ سڀ کان وڏي گِرجا- گهر ۾ مذهبي درسَ ڏيڻ لڳو.

ڪوپرنيڪس کي ننڍپڻ کان ئي آسمانَ جو سيرُ ڪرڻ جو شوق هو. سندس هڪ اُستاد کي اُسَ- واچون جوڙڻ سان لڳاءُ هو. ڪوپرنيڪس به کانئس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن هو اڃا يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد ئي هو ته هُن شمسي نظام بابت پنهنجو هڪ الڳ نظريو قائم ڪري ورتو. هُن کي بطليموس جو نظريو ته ”زمين کي مرڪزي قوت حاصل آهي.“ هڪ لمحي لاءِ به پسند ڪونه ٿي آيو.

ڪوپرنيڪس هيئيت ۽ حسابن لاءِ ڪا به باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، نه ئي هُن اهڙي قسم جي موضوعن تي اُن وقت تائين ڪو ڌيان ڌريو هو، جيستائين سندس چاچو فوت نه ٿيو هو، هُو تيستائين چرچ جي مختلف ڪمن ۾ وڌيڪ مصروف رهيو.

اُن وقت تائين دوربيني ايجاد نه ٿي هئي، ان ڪري ڪوپرنيڪس جيڪي به سوچيو ٿي، اُن کي عملي طور ثابت ڪري نه سگهيو. انهيءَ زماني ۾ پولينڊ جي جنگ به شروع ٿي چڪي هئي ۽ ڪوپرنيڪس مٿان ٻيون ڪيتريون ئي ذميواريون پڻ مَڙهيون ويون. هن کي پنهنجي تجربيگاههَ ۾ وڃڻ جو موقعو گهٽ ملندو هو، پوءِ به هن پنهنجي ڪتابَ جو مسودو تيار ڪري ئي ورتو.

آخر ۾ ڪوپرنيڪس کي ٻين ڪمن مان ڪجهه واندڪائي ملي ۽ هُن پوءِ سڄو عرصو علم هيئيت تي تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ گذاريو. پوڙهائپ جو پَهَرُ اچي پُهتو، پر پوءِ به ابتدائي اَوائلي اوزارن وسيلي اُڀ تي اکيون کُپائي رکيائين. راتين جو سخت سيءُ به کيس ڪَمَ کان روڪي نه سگهيو. هِن پنهنجي ڪتابَ ۾ به وقت سان گڏ گڏ ڪيتري ڦيرڦار ڪئي ۽ سُڌارا آندا.

ڪوپرنيڪس کي اِها پڪ ڪانه هئي ته هُو جيڪو ڪجهه ڏسي رهيو آهي، سو درست به آهي يا نه، ان ڪري پنهنجي ڪتابَ کي شايع ڪرائڻ کان گهٻرائيندو رهيو؛ پر سندس هڪ دوست، جيڪو پڻ هڪ سٺو هيئتدان هو، جنهن هن مٿان زور بار رکيو ته هو اهو ڪتاب ڇاپڻ جي اجازت ڏي. ڪتاب جو نالو رکيائين: ‘Revolution’ (’ڦيرو / انقلاب‘). ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته انهيءَ ڪتاب هيئيت جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو. اهو ڪتاب لاطيني ٻوليءَ ۾ ڇپيو، جنهن ۾ شمسي نظامَ جو اهو مفهوم موجود ڪونهي، جيڪو اڄ اسان جي ذهن ۾ آهي. ڪوپرنيڪس سمجهندو هو ته ڌرتي ۽ سيّارا گول مَدار ۾ سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا، ان سبب ڪري ئي کيس وڌيڪ ڏُکيائي ڏِسڻي پئي. تنهن کان پوءِ اِهو مسئلو ٽائيڪوبراهي ۽ ڪپلر جي ڪوششن سان پُڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن ۾ رياضيءَ وسيلي اِهو ثابت ڪيو ويو ته سيّارن جا اِهي مدار گولُ نه پر بيضوي آهن.

مٿئينءَ حقيقت هوندي به ڪوپرنيڪس جي ڪتاب هڪ وڏي خدمت سرانجام ڏني، نه ته خبر ناهي ڪيترو وقت دنيا اِهو سمجهندي رهي ها ته سج ۽ ٻيا سيّارا زمين جي چوڌاري ڦِرندا آهن. هِن اڪيلي اڪابر هيئتدان هڪ جديد نظرئي جو بنياد وڌو. بعد ۾ وري ٻين ماهرن سندس نظرئي کي ترقي ڏياري ۽ وڌيڪ تجربا ڪيا. هيئت ۾ ڪيترين ئي جدولن جو واڌارو آيو، ڪئلينڊر ۾ سُڌارو آندو ويو ۽ سج جي اهميت/حيثيت کي مڃيو ويو.