ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552265   ڀيرا پڙهيو ويو

وليم هاروي (William Harvey) 1578ع – 1657ع


وليم هاروي پهريون ڀيرو دنيا آڏو ’رتُ جي گردش‘ جو نظريو پيش ڪيو، جنهنڪري سندس نالو اڄ به زندهه آهي. ڪجهه سائنسي حقيقتون اهڙيون آهن، جن جي اهميت کان ڪوبه انڪاري ٿي نٿو سگهي ۽ اها ڳالهه سولائيءَ سان ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اڄ کان ڪيترا سالَ اڳ ماڻهو اهڙن نظرين تي کِلندا هئا.

هاروي به پنهنجو نظريو پيش ڪري ڦهليل پراڻين غير فطري ڳالهين جو انت آندو ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو.

 
   

 

 

انساني شعور جي ابتدا کان اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي اهڙا ڪتابَ لکيا ويا آهن، جن عِلمي دنيا ۾ انقلاب آڻي تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيو. پر اهڙا ڪتابَ گهٽ ڇپيا هوندا، جن پوري انسانذات کي فائدو رسايو هجي. اڄ کان اٽڪل 373 سالَ اڳ هڪ اهڙو ڪتاب ڇپيو، جيڪو ماڻهن پڙهيو ته هو، پر اُن تي اعتبار ڪونه ڪيو. هاڻي اهو ئي ڪتاب گهٽ ماڻهو پڙهن ٿا، پر ڪنهن کي ڪا مجال ناهي، جو ان ۾ موجود مواد تي ذرو به شڪ ڪري سگهي.

هي ڪتابُ وليم هاروي لاطيني (Latin) ٻوليءَ ۾ سال 1628ع ڌاري انساني جسم اندر رت جي دؤري تي لکي ڇپرايو ۽ انهن مفروضن کي هڪ ڌڪ سان رد ڪري ڇڏيو، جيڪي پندرهين صديءَ کان هلندڙ هئا. هاروي ثابت ڪري ڏيکاريو ته رت جي چَڪَرَ يا ڦيري بابت انهيءَ وقت تائين جيڪو ڪجهه سوچيو سمجهيو ويندو هو، سو سراسر غلط هو.

وليم هاروي پهرين اپريل 1578ع تي فوڪسٽون (Folkston) شهر ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ مالدارُ ۽ وڏو واپاري هو. ان ڪري وليم جي تعليم سٺن اسڪولن ۾ ۽ پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ٿي. 1597ع ۾ هاروي پڊوا ويو، جتي ان جُڳَ جو بهترين ميڊيڪل ڪاليج قائم هو. هِن اتي جيڪو علم پرايو، سو کيس بعد ۾ ڏاڍو ڪم آيو. سندس اُستاد اِها کوجنا ڪئي هئي ته اسان جي شريانين (Arteries) ۾ وَالوَ (Valve) هوندا آهن پر هو اُن جو مقصد سمجهڻ کان عاجز هو. هاروي پوءِ اِهو به ثابت ڪري ڏيکاريو ته والوَ اسان جي رت کي رڳو دل ڏانهن وهڪري ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ واپس موٽڻ يا ڪنهن ٻئي مخالف رخ ۾ وهڻ کان روڪين ٿا.

هاروي پڊوا يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر آف ميڊيسن جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وري ڪيمبرج واپس آيو ۽ اُتان به اهڙي قسم جي هڪ ٻي ڊگري وٺي لنڊن ۾ عَمَلِي ڪم (پريڪٽس) شروع ڪيو. شادي ٿيڻ کان پوءِ سندس شاهي درٻار ۾ اچڻ وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ستت ئي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽر بڻيو، جتي هُن غريبن جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻايو. ان اسپتال ۾ کيس ڪجهه تجربا به حاصل ٿيا. هاروي محسوس ڪرڻ لڳو ته رَتُ جي دؤري بابت جيڪي ان وقت هلندڙ مفروضا هئا، اُهي بلڪل غلط آهن ۽ هن ان غلطيءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. هو حقيقت پسند هو ۽ سچائيءَ سان پيار ڪرڻ ڪري ڦهليل قديم غلط سوچن جي پاڙَ پٽڻ ۽ بلڪل رَدُ ڏيڻ کان ڪونه ڪيٻايو. هاروي رَتُ جي گردش تي تجربا ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي ۾ هن ماڻهن، جانورن، جهرڪين، ڏيڏرن، نانگن، سيهڙن ۽ ٻين ڪيترن مختلف مئل جسمن جي چيرڦاڙ بعد ڳوڙهو مطالعو ڪيو، ڇو ته هن انهيءَ منجهيل مامري جي پوريءَ ريت چِٽائي ٿي چاهي.

انسان جي دل جا چار حصا يا خانا ٿيندا آهن. ساڄي کاٻي پاسي وارا هيٺ ۽ مٿي وارا خانا ۽ پردا. دل کي هڪ اُڀي جهلي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي.

رَتُ جي ڦيري لاءِ پهرين صدي عيسويءَ ۾ گيلن جيڪو نظريو قائم ڪيو هو، ساڳيو ئي هاروي جي وقت ۾ به هلندڙ هو. انهيءَ جو تَتُ اِهو هو ته رت جيري مان نڪري ٿو ۽ اهو ٻن قسمن جو ٿئي ٿو. هڪ قسم دل جي ساڄي پردي مان نڪري رڳن وسيلي جسم جو دؤرو ڪري ٿو ۽ ٻيو قسم کاٻي پردي مان شروع ٿي شريانين ذريعي سفر پورو ڪري ٿو . اهو هو رت جي گردش جو ان وقت وارو نظريو.

هاروي پنهنجي استاد کان والوَ (Valve) وارو جيڪو نظريو پڙهيو هو، تنهن جي تجربن وسيلي تصديق به ڪري ڇڏي. ان موجب رَتُ رڳو هڪ پاسي حرڪت ڪري سگهي ٿو ۽ اهو سفر دل ڏانهن ئي آهي. ان حساب سان اڳيون نظريو سراسر غلط هو، جنهن مطابق رت دل جي ساڄي پردي مان نڪري رڳن وسيلي جسم جو چڪر ڪاٽي ٿو.

هاروي اُن موضوعَ تي لاتعداد تجربا ڪيا ۽ جيترا ڪتاب پڙهڻ ممڪن هُئا، سي ڏاڍي غور سان مطالعي هيٺ آندائين. هو تشريح واري علم جو ماهر بڻجي پيو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتو ته اسان جي جسم ۾ ٻن نمونن جو رت ڪٿي به ڪونهي. سمورو رت هڪ ئي قسم جو هوندو آهي، اُهو ئي رڳن ۾ ڊوڙي ٿو ۽ اُهو ئي شريانين ۾ ڦِري ٿو. دل کي اسان جي سريرَ (جسمَ) اندر هڪ موٽر يا پمپنگ مشين جهڙي حيثيت حاصل آهي، جيڪا رت کي اڇل ڏئي ٿي  ۽ ان جي طاقت سان رت جو دؤرو جاري رهي ٿو. سڄي جسم جو سير سفر ڪرڻ بعد رت ٻيهر دل ۾ واپس داخل ٿئي ٿو ۽ سلسلو ائين ئي هلندو رهي ٿو. اهو آهي هاروي جو رت جي گردش بابت نظريو.

جڏهن هاروي پنهنجو نظريو عوام آڏو پيش ڪيو ته ڪنهن به اِن پاسي ڌيان نه ڏنو. ٻارهن سالن کان پوءِ هِن انهيءَ موضوعَ تي پنهنجو اهو ڪتاب ڇپرايو، جنهن جو ذڪر مضمونَ جي شروعات ۾ ڪيو ويو آهي. طبي دنيا ۾ هُل هنگامو مَچي ويو. گهڻا ماڻهو سندس مخالف بڻجي پيا. ڊاڪٽرَ به کيس ذهني مريض سمجهڻ لڳا، پر ترت ئي حالتن ڦيرو کاڌو. جڏهن ڪن سمجهو ڊاڪٽرن هِن جي نظرئي کي تجربي واري پرک پٽاندر درست ڄاتو ته دل ئي دل ۾ هاروي سان سهمت ٿيڻ لڳا. انهيءَ ڪتاب اچڻ سان هاروي جي پرئڪٽس ۾ حد کان وڌيڪ واڌارو آيو ۽ هِن اڻمَئي دولت ڪمائي.

جلد ئي پوري يورپ ۾ هاروي جو نظريو مقبوليت ماڻڻ لڳو. اهڙي مشهوريءَ جي ڪري شاهي درٻار ۾ سندس آجيان اڃا به وڌيڪ ٿيڻ لڳي. هن کي چارلس پهرئين جو ذاتي طبيب مقرر ڪيو ويو. بادشاههَ کيس ڏاڍي سهائتا ڪئي ۽ تجرباتي ڪم لاءِ سموريون سهولتون ڏياريون. جڏهن به حاڪم پنهنجي سرڪاري سرگرمين جي سلسلي ۾ ڪيڏانهن به ويندو هو ته هاروي کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، پر هاروي هميشه پنهنجي ڪم سان ڪم رکيو. جتي به ويندو هو، اُتي رت جي گردش تي پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو. اِنتها جي ڳالهه اِها هئي جو جنگ جي ميدان ۾ به هن کي جسم جان جو ڪو خاص خيال نه رهندو هو.

 هاروي ايج هِل جي ويڙهه ۾ به موجود هو. ان جو ڪم فقط اهو هو ته هو ٻن شهزادن جي سارَ سنڀالَ ڪري. هاروي هڪ ٻُوڙي جي اوٽَ ۾ پناههَ ڳولي ويٺو ۽ کيسي مان هڪ ڪتابُ ڪڍي پڙهڻ لڳو. کيس ان وقت هوش آيو، جڏهن توپ جو هڪ گولو سندس اڳيان اچي ڪِريو. اِهو هو هاروي جي ڄاڻ پرائڻ جو شوق ۽ ڪتابن ۾ گم ٿي وڃڻ جو عالم!

ٻئي سال هاروي کي بادشاههَ سان گڏ آڪسفورڊ وڃڻو پيو. هاڻي کيس وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو سونهري موقعو مليو. يونيورسٽيءَ کيس ’ڊاڪٽر آف ميڊيسن‘ جي اعزازي ڊگري ڏني. هاروي اُتي انتهائي اهم کوجنائي ڪم ڪيو. ڪجهه ٻيا نظريا به پيش ڪيا، پر ان زماني ۾ خوردبيني ايجاد نه ٿي هئي، تنهنڪري هو ڪجهه نظرين کي تجرباتي حوالي سان وڌيڪ پرکي نه سگهيو. ان هوندي به سندس رت جي دؤري واري ڳالهه کي هر هنڌ مڃتا ملي.

1654ع ۾ انگلنڊ جي رائل ڪاليج آف فزيشنز هاروي کي صدر بڻجڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، جيڪو ان زماني جو سڀ کان وڏو اعزاز هو پر هُن اهو چئي اهڙو عهدو قبولڻ کان معذرت ظاهر ڪئي ته: ”مان هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان.“

جڏهن ته ڪاليج لاءِ هِن اِها سيوا ضرور ڪئي ته پنهنجي خرچ مان هڪ نئين عمارت جوڙائي، جنهن ۾ هڪ عاليشان ڪُتب خانو ۽ اعليٰ عجائب خانو به شامل هو.

هاڻي هاروي جي صحت خراب رهڻ لڳي، پر سندس هوش حواس آخري دم تائين قائم رهيا. 3 جون 1657ع تي هن مٿان فالج جو حملو ٿيو. هو ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم ٿي ويو. هن پنهنجي ملڪيت جي ورهاست جو فيصلو ڪيو ۽ سموريون صلاحيتون ساڻ کڻي سوچ سمجهه ۽ سُرت ساڃاهه وارو اهو سگهارو سج هن ڌرتيءَ تان ظاهري طور اُلهي ويو.

هِن کان ڪجهه سالَ اڳ ئي هاروي جي گهر واري گذاري وئي هئي ۽ کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهنڪري هُن پنهنجي ملڪيت جو ڳچ حصو رائل ڪاليج آف فزيشنز نالي وقف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ اهڙي فنڊ جو به انتظام ڪيو، جنهن وسيلي ڪاليج ۾ هر سال ڪنهن ڄاڻو ڊاڪٽر جو هڪ ڀرپور ليڪچر ڪرائڻ جو سٺو بندوبست ڪري سگهجي. علم ۽ سائنسي سوچ جي ڦهلاءَ لاءِ سندس اِها آخري مثالي خدمت هئي. هو چاهيندو هو ته طبّي سائنس ترقي ڪندي رهي. ليڪچر ڪرائڻ وارو سلسلو لڳاتار سالن جا سالَ هلندو رهيو ۽ اڃا تائين سندس ياد جي مناسبت سان اهڙا ليڪچر پروگرامَ ٿيندا رهن ٿا.

وليم هاروي جي حياتيءَ جو هڪ ئي مقصد هو ته هر انسانُ پنهنجي جسماني بناوت کان پوريءَ ريت باخبر هجي، جيئن هو عقل سان سمورين بيمارين جو مقابلو ڪري ۽ انهن جي بهتر علاج لاءِ پاڻ پتوڙي. سندس جوڙيل نظريو اڄ به زندهه آهي. انهيءَ حوالي سان هاروي مري به جيئرو بڻجي پيو آهي. هو يقيني طور ان اعزاز جو اهلُ به آهي، ڇو ته گذريل دؤر ۾ جڏهن اڄ جهڙيون تحقيقي سهولتون ۽ نت نوان سائنسي اوزار موجود نه هئا، تڏهن به عقل، علم ۽ اندر جي سوجهري تي هڪ اٽل حقيقت بيان ڪري، ان تي اعتماد سان بيٺو رهيو، جنهن جي سچائيءَ تي ڪنهن کي ڪو شڪ ڪونهي ۽ نه وري اڄ ڏينهن تائين ڪو به سندس نظرئي کي رد ڏئي سگهيو آهي.