ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد I) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-045-6 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 560275 ڀيرا پڙهيو ويو |
ايڊورڊ جينر هڪ ڊاڪٽر هو، سندس عظمت جو اندازو اِن حقيقت مان لڳائي سگهجي ٿو ته هِن دنيا کي ماتا جهڙي پکڙجندڙ وبا ۽ موذي مرض کان ڇوٽڪارو ڏياريو. همت، اٽل ارادو، لڳاتار محنت ۽ بي پناهه ذهانت گڏجي، جينر کي اُها اهميت ۽ مڃتا ڏياري، جنهن جي هر ڪو حسرت ڪندو آهي.
ويهن سالن جي مسلسل جاکوڙَ کان پوءِ ئي هِن ماتا جو ٽُڪو ايجاد ڪيو، جنهن انهيءَ بيماريءَ جي خطري کان پوري دنيا کي هميشه لاءِ آجو ڪري ڇڏيو.
ايڊورڊ جينر 17 مئي 1749ع تي انگلنڊ جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي گلاءُ سيسٽر ۾ پيدا ٿيو، سندس پيءُ هڪ پادري هو. جينر جي صاف سُٿري ماحول ۾ پرورش ٿي. هِن جي اُٿڻي ويهڻي هارين سان گهڻي هوندي هئي. ڳوٺاڻو وايومنڊل سادو ۽ وائکو هو، کيس فطرت سان اُٿاههُ لڳاءُ هو. انساني لاچاريءَ ننڍپڻ ۾ ئي سندس سوچ تي گهرو اثر ڇڏيو، تنهنڪري هُن وڏو ٿي ڊاڪٽر بڻجڻ جو پڪو پَههُ ڪيو.
هو برسٽل ويجهو هڪ ڊاڪٽر وٽ سِکيا حاصل ڪرڻ لڳو. اُن زماني ۾ هِن ڳوٺاڻن کان اِها ڳالهه ٻُڌي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڳئونءَ واري ماتا ٿئي ته پوءِ اُن کي زندگي ڀَر ماتا نه نڪرندي. ڳئون- ماتا کير ڏُهڻ وقت ڌنارن کي ٿيندي هئي ۽ اهڙي طرح اُهي موذي مرض جي حملي کان محفوظ ٿي ويندا هئا.
جينر اِنهيءَ خيال جي تَههَ تائين پهچڻ ۽ ان ڳالهه جو عملي تجزيو ڪرڻ پئي چاهيو. هُن ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کان اِن بابت پڇيو، پر کيس مطلب حاصل نه ٿيو. گهڻي ڀاڱي ڊاڪٽر اِنهيءَ ڳالهه کي رڳو افواههُ ۽ ڍونگ سمجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ جينر کي پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن وڃڻ جو موقعو مليو. هُن کي اُتي به اُها ئي اُڻ تُڻ لڳي رهي، پر ڪابه هَڙُ حاصل نه ٿيس، اِئين ڪندي هو 1773ع ۾ برڪلي ۾ آيو ۽ اُتي هن پرئڪٽس شروع ڪئي.
آخرڪار 1880ع ۾ جينر کي اُها سُڌ ملي ته ڳئون جي ماتا اصل ۾ ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. اُن جو رڳو هڪ قسم اهڙو آهي، جيڪو انسانن کي ماتا جي حملي کان محفوظ ڪري ڇڏي ٿو. جينر لاڳيتو تحقيق ڪندو رهيو ۽ ان قسم جي ماتا جي ڦهلاءَ لاءِ منتظر رهيو. ويهن سالن جي لڳاتار تجربن کان پوءِ هُن کي اِنهيءَ ڳالهه جي سچي هئڻ جي پَڪَ پئي. هاڻي هُن اِنسانن کي سُئيءَ وسيلي ماتا کان محفوظ ڪرڻ وارو بارُ پنهنجي سِر تي کنيو.
ماتا جي تاريخ ۾ 14 مئي 1796ع جو ڏينهن سدائين يادگار رهندو. جڏهن ايڊورڊ جينر اٺن سالن جي هڪ ڇوڪري کي اِهو ٽُڪو هنيو، جنهن جو نالو جيمز فلپس هو. انهيءَ سُئيءَ لاءِ ضروري موادُ ڳئون چاريندڙن وٽان ئي حاصل ڪيو ويو، جنهن کي ڳئون واري ماتا ٿي هئي.
پهرئين جولاءِ تي جينر ماتا جا جراثيم اُن ڇوڪري جي جسم اندر داخل ڪيا. ٻين ڊاڪٽرن جينر جي اِنهن تجربن کي نفرت جي نظر سان ڏٺو ۽ هِن مٿان سخت تنقيد ڪندي اِهو چيو ته هو ٻين جي جان خطري ۾ ٿو وجهي. جينر کي ڪنهن جي به پرواههَ نه هئي، ڇو ته جيمز فلپس ماتا کان محفوظ بڻجي ويو هو. جينر جي اڳڪٿي سچي ثابت ٿي. هاڻي سندس دشمن به دوست بڻجي پيا ۽ سندس ناماچاري چئني پاسي ڦهلجڻ لڳي.
جينر جي حقيقي عظمت اِنهيءَ ڳالهه ۾ لِڪل آهي ته جيڪڏهن هو چاهي ها ته پنهنجي اهڙي دريافت کي ڳُجهو ۽ رازَ ۾ رکي لکين رُپيا ڪَمائي ها. هُن اُن کي لِڪايو ڪونه، پر خلق جي خدمت لاءِ عام ڪرڻ جو عَهد ڪيو. هُن جي اِنهيءَ عَمل ۾ هر ماڻهوءَ لاءِ هڪ سبق موجود آهي. 1798ع ۾ ۽ اُن سان ويجهڙ وارن ٻن سالن تائين هُن پنهنجي سموري تحقيقَ ۽ تجربا ڪتابن ۽ رسالن جي صورت ۾ سڀ لاءِ عام ڪري ڇڏيا. ماتا جو ٽُڪو نه رڳو هندستان تائين پر چين تائين به پهچي ويو، جيڪو اُن وقت نهايت ڏُتڙيل مُلڪ هو، جتي ماتا وڏي تباهي مچائي هئي.
جيئن سدائين ٿيندو آيو آهي، ائين ئي جينر جا به ڪيترا حاسد ۽ دشمن پيدا ٿي پيا. ڪجهه ماڻهن ته اِن بهاني ڏوڪڙن ڪمايا ۽ غلط قسم جون سُيون هنيون، ماڻهن کان پئسا ڦريا ۽ کين وڏو نقصان رَسايو. اهڙن حادثن ڪري جينر جو نظريو گهڻي ڀاڱي بدنام ٿيو. ڏٺو وڃي ته اِن ۾ هُن جو ڪوبه ڏوهه نه هو. سندس نظريو پنهنجي جاءِ تي بلڪل دُرست هو ۽ آهستي آهستي سڀئي ان جا قائل ٿي ويا.
جينر جي مشهوري انگلنڊ مان نِڪري، ٻين ملڪن تائين وڃي پهتي. فرانس ۾ ماتا جا ٽُڪا عام ٿيا. نيپولين پاڻ اِن ۾ وڏي دلچسپي ورتي ۽ عوامي جاڳرتا لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪئي. هِتي هڪ تاريخي واقعي جو ذڪر ضروري آهي.
جڏهن جينر نيپولين جي اهڙي اُتساههَ جو ٻڌو ته هُن نيپولين کي هڪ خط لکي، ڪجهه انگريز قيدين کي آزادي ڏيڻ جي درخواست ڪئي. هي خط جوزيفائن راڻيءَ وسيلي نيپولين جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. شهنشاهه پهريائين ڪجهه سوچيو، پر جڏهن جوزيفائن اهو ٻُڌايو ته هيءَ درخواست جينر طرفان آئي آهي ته نيپولين چيو:
”اڙي، اسان اُن شخص جي ڪنهن به درخواست کي نامنظور نٿا ڪري سگهون!“
اِهو هو جينر جو مانُ، مَرتبو! هِن پنهنجي خدمت جو صلو چاهيو به ته پنهنجي ذات لاءِ نه پر پنهنجي ملڪ لاءِ. اهو مثالُ اسان سڀني لاءِ پيرويءَ جوڳو آهي. جينر جو نانءُ ايتري قدر بلند ٿيو جو سندس صحي ڪيل سرٽيفڪيٽ پاسپورٽ جو ڪم ڏيندو هو. هِن رڳو پنهنجي ڪوشش سان ميڪسيڪو ۽ آسٽريا جهڙن ڏورانهن ملڪن ۾ ڪيترن ئي وطن واسين کي غيرن جي قيد مان آزاد ڪرايو.
جينر دولت آڏو ڪڏهن به نه جُهڪيو. هو غريبن جي خدمت ڏاڍي چاههَ مان ڪندو هو. پارليامينٽ هڪ ڀيري کيس ويهه هزار پائونڊ جو عطيو ڏنو، جيڪو هن 1808ع ۾ نيشنل ويڪسين اِنسٽيٽيوٽ جي بنياد وجهڻ تي خرچ ڪيو.
1810ع ۾ جينر جو سڀ کان وڏو پُٽ گذاري ويو. ان صدمي ۽ سخت محنت سندس صحت خراب ڪري ڇڏي. هو برڪلي ۾ پاسيرو رهڻ لڳو، ڪڏهن ڪڏهن رڳو لنڊن مان ٿي ايندو هو. 1815ع ۾ سندس گَهرواري به فوت ٿي وئي، جنهن سان کيس اٿاههُ عشق هو. اهڙين محرومين هوندي به هي ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهيو. سندس نظارن ۽ جاگرافيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ وارو پراڻو شوق ٻيهر وڌي وڻ ٿيو. هُن هڪ ڦوڪڻو به ٺاهيو هو. اُن علائقي ۾ اِن کان اڳ ڪنهن به ڦوڪڻو ڪڏهن نه ڏٺو هو. 1823ع ۾ هُن رائل سوسائٽيءَ (جنهن جو هو 1780ع ۾ فيلو چونڊيو ويو هو) آڏو پنهنجو آخري رسالو پيش ڪيو، جنهن جو سِرو هو ”جهرڪين جي اُڏامَ.“
ظاهري طور تي اِهو معلوم ٿيندو هو ته هو اڃا ڪيئي سالَ زندهه رهندو، پر حقيقت اِها هئي ته ٻين جي خدمت سندس جسماني سگهه ختم ڪري ڇڏي هئي. 24 جنوري 1823ع تي صبح سوير کيس پنهنجي ڪُتب خاني جي فرش تي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڪِريل ڏٺو ويو. هُن مٿان فالجَ جو شديد حملو ٿيو هو. جسم جو ساڄو اڌ حصو بلڪل بيڪار بڻجي پيو هوس ۽ ٻئي ڏينهن تي هي فطرت سان پيارُ ڪندڙ شاعر، ڊاڪٽر ۽ انسانيت تي اڻکٽ احسانَ ڪندڙ اِنسانُ، هِن فاني جهانَ مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.