ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552260   ڀيرا پڙهيو ويو

ليونارڊو ڊاوِنشي (Leonardo Davinci) 1452ع – 1519ع


دنيا ۾ تمام گهٽ اهڙا ماڻهو هوندا آهن، جن کي ’هر فن مولا‘ چيو وڃي. جڏهن ته انسانيت جي عظمت اِها آهي ته اسان زندگيءَ جي هر راهه ۾ توازن قائم رکي سگهون. جيڪڏهن ڪنهن انسان جو ذهن اهڙو هجي ته هو سائنس کان سواءِ مصوري به ڄاڻي، هن ۾ تخليقي قوت به هجي، خوبصورت جسمَ سان گڏ سڀاءَ ۾ به سنجيدگي ڀريل هجي، اهڙي شخص لاءِ اسان چونداسين ته هُن انسانيت جي بلندي ماڻي ورتي!

ليونارڊو ڊاوِنشي به اهڙو اعليٰ صفتن وارو اِنسان هو. هو ساري جڳ ۾ بي پناهه صلاحيتن سبب گهڻو مشهور آهي ۽ سندس جيونُ سڀني لاءِ ريس ڏياريندڙ ۽ مثالي آهي.

 
   

 

 

اچو ته اسان گڏجي ماضيءَ جي جَهروڪن ۾ ليئا پايون. فلورنس شهر تي شام ڇانئجي وئي آهي. ماڻهو ٿَڪُ پَٽي رهيا آهن. ڄاڻو فنڪارَ، سنگتراش، سائنسدانَ، فلسفي، سڀ جا سڀ گڏ آهن، پر ڪوئي ڳالهائي نه ٿو. هو سَڀ چُپ آهن. هُو هڪ نوجوان جون ڳالهيون ٻُڌي رهيا آهن، جنهن جي سونهري وارَن ۽ چِٽي رنگ، سندس حَسين چَهري کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي.

اُن ڳڀروءَ جو نالو ليونارڊو ڊاوِنشي آهي. هُو سڄي فلورنس ۾ پنهنجي سونهن سوڀيا، ذاتي ڪشش کان سواءِ ڄاڻ سبب به ڏاڍو مشهور آهي. هو موسيقيءَ جو ماهر، شاعر، ڪمال جو مصور ۽ مجسما ٺاهيندڙ به آهي ته اُن سان گڏ گڏ سائنسدان به آهي. هُن کي انجنيئري ۽ اڏاوتي فن سان به لڳاءُ آهي. سائنسي ميدان ۾ هُن گئليلو، نيوٽن، بيڪن، واٽ، هاروي ۽ فلٽن لاءِ نوان رستا ڳولي لڌا. ساري دنيا ۾ ذهين، ذوق وارو ۽ حد درجي جي ڄاڻ رکندڙ اهڙو شخص شايد وري جنم وٺي.

هي عظيم اِنسان 1452ع ۾ اٽليءَ جي هڪ وڻندڙ ڳوٺ ونشيءَ ۾ پيدا ٿيو. انهيءَ نسبت سان سندس خانداني نانءَ ۾ ’ونشي‘ لفظ جو واڌارو آيو. هن جو پيءُ وڪيل هو. ليونارڊو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي طبيعت ۾ ڄاڻ جا جوهر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيا. هو حسابن ۾ حد درجي جو هوشيار هو. کيس ڪجهه سازَ سٺي نموني وڄائڻ ايندا هئا، پر هو ڊرائينگ ۽ مجسمي سازيءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو. 1470ع ۾ هو فلورنس جي هڪ مشهور آرٽسٽ جو شاگرد بڻيو ۽ جلد ئي پينٽنگ ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪري ورتائين جو سندس استادُ دنگ رهجي ويو.

ليونارڊو کي علم ۽ هنر سان اَٿاهُو عشق هو. سندس عِلمي اُڃَ اُجهڻ واري ڪانه هئي. هُن انهيءَ قديم زماني ۾ به روشنيءَ جو تفصيلي مطالعو ڪيو ۽ اک جي اندروني جوڙجڪ کي جاچڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن لهرن جا بنيادي اُصولَ سِکيا ۽ اُنهن کي آواز سان گڏ روشنيءَ جي سفر تي به لاڳو ڪندي تجربا ڪيا. مصوريءَ ۽ مجسمي سازيءَ جي چاههَ هن تي عِلم جا ڪيئي دروازا کولي ڇڏيا. هُن انسانن ۽ جانورن جي جسماني اندرين بناوت جو غورَ سان جائزو ورتو ۽ اعصابي حرڪتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. هو پهريون سائنسدان هو، جنهن علم بدن (فزيولاجي) ۽ علم نباتات (باٽنيءَ) جو باقاعدي مطالعو ڪيو. اهڙي تحقيق ڪندي هن پنهنجي عمر جا چاليههَ سالَ گذاري ڇڏيا.

1482ع ۾ ليونارڊو ميلان ويو. انهيءَ وقت اُتي سفورزا جي حڪومت هئي. هي حڪمران ليونارڊو جي شخصيت ۽ فن کي ايترو ته قرب ۽ قدر جي اک سان ڏسندڙ هو، جو هن عظيم اِنسانَ پورا سترهن سالَ سندس درٻار ۾ گذاري ڇڏيا. هن اتي فوجي سائنس ۽ جنگي طريقن ۾ سڌارا آندا. 1485ع ۾ ميلان ۾ پليگ جي بيماريءَ ڏاڍي تباهي ڦهلائي. بادشاهه کي هڪ نئون شهر آباد ڪرڻ جو خيال آيو، جنهن ۾ صفائي سُٿرائيءَ جو انتهائي سُٺو انتظام ۽ خاص بندوبست رکيو وڃي.

ليونارڊو هڪ اهڙي شهر جو نقشو ۽ نمونو تيار ڪيو. انهيءَ ڪم سان گڏ هو جاميٽري، فلڪيات، رياضي ۽ ٻين علمن جي مطالعي ۾ به رُڌل رهيو.

1494ع ۾ ليونارڊو آبپاشيءَ پاسي ڌيارن ڌريو ۽ ٻنين ۾ پاڻي پهچائڻ جو هڪ حيرت ۾ وجهندڙ نظامُ تيار ڪيو. ان کان سواءِ هن طوفان ۽ کِنوَڻ تي به تحقيقي ڪم ڪيو. ميلان ۾ رهندي ليونارڊو مصوري ۽ سنگتراشيءَ جا اهڙا ته مثالي شاهڪارَ تيار ڪيا، جيڪي پنهنجي سونهن سندرتا، نفاست ۽ لاتعداد فني خوبين جي ڪمال جي ڪري اڄ ڏينهن تائين جڳ مشهور آهن ۽ سڄي دنيا جي وڏين آرٽ گئلرين جي زينت بڻيل آهن. اهڙن شاهڪارن ۾ ’موناليزا جي مُرڪ‘ واري تخليق ڪيل تصوير سندن لافاني چترڪار واري ڪردارَ جو مثالي نمونو آهي.

1499ع ۾ ليونارڊو ونشي ويو ۽ اُتي هِن حسابن واري علم تي وڌيڪ ڪم ڪيو. کيس 1500ع ۾ وري جاگرافي پڙهڻ جو جنون جاڳيو. هاڻي هو پنهنجي وطن فلورنس واپس آيو ۽ چنڊ جي ڪشش سبب سمنڊ جي پاڻيءَ جي لهڻ چڙهڻ وارو مشاهدو ماڻيائين ۽ اِٽليءَ جا اهڙا ته نقشا تيار ڪيائين، جيڪي اڄ به وڏي اهميت واري اک سان ڏٺا وڃن ٿا.

هن مضمونَ ۾ ڪيترين ئي خوبين واري هن قابل شخص جي مصوري ۽ آرٽ بابت تفصيلي ذڪر ان ڪري نه ڪيو ويو آهي، جو هتي صرف سندس سائنسي ڪاوشن ۽ کوجنائن بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ ڏيڻي آهي. چِٽن لفظن ۾ اِهو چئي سگهجي ٿو ته ليونارڊو جي مرڻ وقت سندس ڇڏيل تحريرون جيڪڏهن تُرت ڇاپيون وڃن ها ته سائنسدانن کي ايترو ته موادُ ملي پوي ها، جو ايندڙ صدين تائين کين گهڻي محنت ۽ مغزماري نه ڪرڻي پوي ها...!! اُوڻويهين صديءَ تائين ڪنهن به اها ضرورت محسوس نه ڪئي ته ليونارڊو جي لکيل ڪاغذن تي هڪ نظر وجهي سگهي. تمام گهڻو پوءِ ماڻهن اهو ڄاتو ته اُن مَهان محنتي شخص سائنسي علم جو ڪو به اهڙو پاسو يا شعبو ڪونه ڇڏيو هو، جنهن تي هُن تحقيقي مطالعو ۽ مشاهدو ماڻي عملي ڪم نه ڪيو هجي!

بيڪن کان هڪ صدي اڳ ليونارڊو تجرباتي سائنس جا اُهي اصول جوڙيا هئا، جيڪي بيڪن به نه ٻُڌائي سگهيو. ليونارڊو ڊاوِنشيءَ جو سَڀ کان وڏو ڪارنامو اِهو آهي ته هُن ئي سَڀ کان پهرين هوائي جهاز بابت اڳڪٿي ڪئي هئي، جيڪڏهن اُن وقت تائين جهاز جي انجڻ ايجاد ٿي وئي هجي ها ته هوائي جهاز جوڙڻ جو اعزاز به کيس ئي ملي ها!

ان کان سواءِ ليونارڊو ٻاڦ جي قوت طرف پڻ اشارو ڪيو هو. هن ٻاڦ وسيلي هلندڙ توپ جو خاڪو تيار ڪيو ۽ سامونڊي جهازن لاءِ ونجهه جا نمونا به بڻايا. هِن جون جوڙيل ڪجهه مشينون اڃا تائين استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ليونارڊو پاڻيءَ جي طاقت جو اندازو لڳايو، فوٽوفراگيءَ جو تصور پيش ڪيو ۽ نموني طور هڪ ڪئميرا به ٺاهي. هن کي پاڻيءَ جي ڪيميائي بناوت جو اندازو هو ۽ هو اهو به ڄاڻندو هو ته روشني ۽ آواز لهرن جي شڪل ۾ هلندا آهن. ليونارڊو گلن ۽ ڪجهه ٻين ٻوٽن تي به تحقيقي ڪم ڪيو.

مصور ۽ سائنسدان هئڻ سان گڏوگڏ هو هڪ عظيم فلاسافر به هو. مئي 1519ع ۾ پنهنجي ذات ۾ ڪائنات جهڙي شخصيت جو جيون سفرُ پڄاڻيءَ تي پهتو. ليونارڊو ڊاوِنشي اڻ ڳَڻين لياقتن وارو آرٽسٽ، سائنسدان، انجنيئر، نقشا ٺاهيندڙ، عالم، فلسفي هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سُٺو انسانُ ۽ سماج سُڌارڪ به هو.