ڪتاب جو نالو | ناميارا سائنسدان (جلد I) |
---|---|
ليکڪ | قاضي منظر حيات |
سنڌيڪار / ترتيب | قاضي منظر حيات |
ڇپائيندڙ | سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو |
ISBN | 978-969-625-045-6 |
قيمت | 80 روپيا |
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو | PDF E-Pub |
انگ اکر | 15 February 2017 تي اپلوڊ ڪيو ويو | 560563 ڀيرا پڙهيو ويو |
ٻاڦُ جي بي پناهه سَگههَ کان ڀلا ڪنهن کي اِنڪارُ ٿي سگهي ٿو، ليڪن انسان کي صحيح معنيٰ ۾ ان جو احساس اٽڪل ٻه صديون اڳُ ٿيو. هونئن ته اڄ کان ٻه هزار سال اڳ وارا انسان به انهيءَ قوت کان واقف هئا، پر ان مان عملي طور فائدو وٺڻ جو سلسلو ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ شروع ٿيو.
نيوڪومن کي عام طور ٻاڦ واري سائنس جو ’ابو‘ چيو وڃي ٿو، پر جنهن شخص ان خيال کي مڪمل طرح منزل تائين پڄايو ۽ هڪ ڪامياب ٻاڦ واري انجڻ جوڙِي، اهو جيمز واٽ آهي.
عام طور اِهو سَمجهيو ويندو آهي ته جيمز واٽِ ٻاڦ واري انجڻ ايجاد ڪئي، پر حقيقت اِها آهي ته هِن کان ٽي سؤ سال اڳ وارا سائنسدانَ به ٻاڦ جي خاصيتن تي غور ڪري رهيا هئا. واٽِ انهن جي خيالن کي عملي روپ ڏنو ۽ نظرياتي سائنس جي روشنيءَ ۾ ٻاڦ تي هلندڙ هڪ انجڻ جو نمونو دنيا آڏو پيش ڪيو.
ٻاڦَ جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان هڪ سؤ سالَ اڳ هڪ يوناني فلسفيءَ هيرو اسڪندريا ۾ هڪ اهڙو رانديڪو ٺاهيو، جيڪو ٻاڦ جي داٻَ سان هلندو هو. اُهو هڪڙي قسم جو لاٽون هو ۽ ٻاڦَ وسيلي تيزيءَ سان ڦِرندو هو. اُن کي ئي پهرين ٻاڦَ واري مشين چئي سگهجي ٿو.
وقت گذرندو رهيو ۽ وڃي سورهين صدي عيسويءَ ۾ اِٽليءَ جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن انهيءَ رانديڪي تي غور ڪيو. تَنهن کان پوءِ ٻن سؤ سالن تائين پوري يورپ جا سائنسدان ٻاڦ جي طاقت تي سوچ ويچار ڪندا رهيا ۽ اِن نتيجي تي پهتا ته ٻاڦ ۾ داٻَ سان تمام گهڻو زور پيدا ٿئي ٿو، ليڪن اُهي اُن مان ڪارائتو لاڀ وٺڻ بجاءِ هوائي داٻ ۽ خلا جي مدد سان مختلف قسمن جا پَمپَ بڻائيندا رهيا، ڇو ته اُن زماني ۾ کاڻين اندران پاڻي ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو هو.
اُهو پهريون ماڻهو، جنهن ٻاڦ سان مشين هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، سو ٿامس نيوڪومن هو، جيڪو 1663ع ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 1729ع تائين زندهه رهيو. هِن هڪ اهڙي انجڻ تيار ڪئي هئي، جيڪا ٻاڦ جي مدد سان هلندي هئي ۽ هڪ منٽ ۾ پنجاهه گيلن پاڻي 156 فٽن جي هيٺاهينءَ کان ڇِڪي ڪڍندي هئي. جيتوڻيڪ نيوڪومن ٻاڦ کان وڏي فائدي وارو ڪم ورتو ۽ هڪ نئين سائنس جي شروعات ڪئي، تنهن هوندي به هِن غريب سائنسدانَ بابت تاريخي صفحن مان ڪابه تفصيلي معلومات نه ٿي ملي، تنهنڪري سندس جيون ڪهاڻي بنهه اڻپوري آهي. اُنهيءَ زماني ۾ ماڻهو ايجادون ڪندڙن جو ڪو قدرُ نه ڪندا هئا، ڇو ته مشينون ٺهڻ سان مزدورن جي بيروزگار ٿيڻ جو بيحد خوف رهندو هو.
نيوڪومن، ڊارٿ مائوٿ جو هڪ لوهارُ هو. چيو وڃي ٿو ته هو ننڍپڻ ۾ ئي ڪٽليءَ مان ٻَڙڪندڙ پاڻيءَ ۽ اُن مان نِڪرندڙ ٻاڦ تي غور ڪندو هو. هُن وڏو ٿي هڪ اهڙي ڪامياب انجڻ جوڙي، جيڪا ٻاڦ وسيلي هلندي هئي ۽ کاڻين مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪم ايندي هئي.
پنجهتر سالن تائين اِها انجڻ انگلنڊ ۾ لاڳيتو اِستعمال ٿيندي رهي. جيئن ته نيوڪومن بابت ڪجهه وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي، ان ڪري ٻاڦ سان هلندڙ انجڻ کي بهتر بڻائڻ جي سِلسلي ۾ عام طور جيمز واٽِ جو نالو ورتو وڃي ٿو. هُن جي حياتي 1736ع کان 1819ع تائين ڦهليل آهي. اِن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته واٽِ انهيءَ انجڻ کي رڳو کاڻين تائين محدود نه رکيو، پر ٻين به ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪيو، مثال طور: ڪارخانن جي مشينن کي هلائڻ، اَٽو پِيهڻ، سُرنگهون کوٽڻ، جايون جوڙڻ ۽ جهازن تان ڳَرو سامان لاهڻ. تنهن هوندي به اِهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گُهرجي ته هِن نيڪ ڪم جي ابتدا نيوڪومن هَٿان ٿي هئي.
جيمز واٽِ کي به ننڍي هوندي کان ڪٽليءَ جي اُٻرندڙ پاڻيءَ سان ڏاڍو چاههُ هو. هو سُست ۽ ڪتابن کان ڪِيٻائڻ وارو ڇوڪرو هو. ويٺو رُڳو ڪٽليءَ مان نڪرندڙ ٻاڦ کي گهوريندو رهندو هو. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري کيس پنهنجي ماسيءَ ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو:
”جيمز واٽ! مون تو جهڙو سُست ڇوڪرو ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. اهڙيءَ طرح ويهي ڇا ٿو ڪرين؟ ويهي ڪو ڪتاب پڙهه يا ڪو ٻيو ڪم ڪر. هڪ ڪلاڪَ کان تو هڪ لفظ به پنهنجي واتان نه ڪڍيو آهي. بس ائين ئي چپ چاپ ويٺو آهين ۽ ڪٽليءَ سان پيو کيڏين. ڪڏهن اِن جو ڍَڪُ ٿو لاهين، ڪڏهن بند ٿو ڪرين، ڪڏهن ٻاڦَ کي ٿو روڪين، ڪڏهن خارج ٿيڻ ٿو ڏين. آخر اِهو ڪري ڇا رهيو آهين؟“
وڏو ٿِي جيمز هڪ مستري بڻيو ۽ خوشقسمتيءَ سان کيس گلاسگو يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. اُتي هڪ تجربيگاهه ۾ نيوڪومن جي ٺاهيل انجڻ ڪجهه خراب ٿي پئي ۽ واٽِ کي اُن جي مرمت لاءِ چيو ويو. هِي اهو زمانو هو، جڏهن واٽِ کي ٻاڦَ وارين انجڻين ۾ دلچسپي پيدا ٿي. هِن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ آخرڪار اهڙين انجڻين ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪي گهٽ ٻارڻ کپائينديون هيون، پر وڌيڪ قوت مهيا ڪنديون هيون.
واٽِ انهن انجڻين ۾ ڪجهه بنيادي تبديليون ڪيون ۽ اُنهن کي اِن قابل بڻايو ته هو وڏي ۾ وڏي مشين کي به حرڪت ۾ آڻي سگهن. سندس بڻايل انجڻ لڳ ڀڳ اُها ئي آهي، جيڪا اسان اڄ استعمال ڪري رهيا آهيون. انهن انجڻين سان ريل گاڏين کي ڇِڪڻ جو ڪم جارج اِسٽيفن سَن ورتو.
ڪيترن ئي ٻين موجدن جيان واٽِ به مسڪين ماڻهو هو. هِن وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هئا ته هو پنهنجا تجربا جاري رکي سگهي، پر سندس ڀاڳَ ڀَلا هئا، جو کيس هڪ مالدارَ جي مدد ملي وئي، جنهن واٽِ جي ڀرپور مالي مدد ۽ حد کان وڌيڪ همت افزائي ڪئي. ٻنهي گڏجي هڪ ڪارخانو قائم ڪيو، جنهن ۾ انجڻين جا ضروري پُرزا ٺاهڻ لڳا.
واٽِ سڄي ڄمار وڏي محنت سان ڪم ڪيو. جيڪڏهن نيوڪومن ٻاڦَ واري انجڻ جو بُنياد وڌو ته واٽِ اُن کي اِن قابل ڪيو ته اُها مشين کي حرڪت ۾ آڻي سگهي. جارج اسٽيفنسَن وري اُن کي ريل گاڏي ڇِڪڻ لاءِ استعمال ڪيو. 1819ع ۾ 73 سالن جي عُمر ۾ واٽِ وفات ڪئي ۽ کيس ويسٽ منسٽرائبي ۾ دفن ڪيو ويو.
محنتي اِنسانَ عزت سان جيئن ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ به سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيا وڃن ٿا.