ناميارا سائنسدان (جلد I)

ڪتاب جو نالو ناميارا سائنسدان (جلد I)
ليکڪ قاضي منظر حيات
سنڌيڪار / ترتيب قاضي منظر حيات
ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
ISBN 978-969-625-045-6
قيمت 80    روپيا
ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو  PDF  E-Pub
انگ اکر

15 February 2017    تي اپلوڊ ڪيو ويو    |     552148   ڀيرا پڙهيو ويو

وليم ڪيڪسٽن (William Caxton) 1422ع – 1491ع


اُهو موجد شخص، جنهن پندرهين صدي عيسويءَ ڌاري انگلستان ۾ ڇپائيءَ واري هنر کي ترقي ڏني. کيس پنهنجي وطن سان بيپناهه پيارُ هو ۽ هِن پنهنجي ديس واسين جي تمام گهڻي سچائيءَ سان سيوا ڪئي. ڪيڪسٽن علم ۽ عقل جي واڌاري لاءِ نِت نيون راهون نروار ڪيون. ڪتابَ تڏهن ئي عام ٿي/ڦهلجي سگهيا، جڏهن ڇپائيءَ جو فن پنهنجي بلنديءَ تي رسيو.

 
   

 

 

انگريزي ٻولي دنيا جي لڳ ڀڳ سمورن سُڌريل ملڪن ۾ سمجهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. ان کي ڦهلائڻ ۾ وليم ڪيڪسٽن جو وڏو ڪردار آهي ۽ پنهنجي ملڪ ۽ ٻوليءَ لاءِ اِها هُن جي وڏي خدمت آهي، جو هو هڪ موجد هئڻ سان گڏوگڏ پاڻ هڪ عالم ۽ تعليمي ماهر هو. ڪيڪسٽن کي انگلنڊ جو پهريون پبلشر سڏيو وڃي ٿو،  پر ان کان وڌيڪ فخر لائق ڪم اهو سرانجام ڏنائين، جو هن انگريزي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي يورپ کان سواءِ ٻين کنڊن تائين پڻ پهچايو. سندس زندگيءَ جو اهو ئي عمل سڀني لاءِ پيروي ڪرڻ جوڳو آهي. پنهنجي دلبر ديس جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي خدمت ٿي سگهي ٿي، جو انسان پنهنجي ٻوليءَ، پنهنجي ثقافت، پنهنجي سڀيتا ۽ پنهنجي روايتن جو نه رڳو پاڻ قدر ڪري، پر انهن کي ٻين آڏو به اهڙيءَ ريت پيش ڪري، جو ڌاريا به متاثر ٿين.

وليم ڪيڪسٽن 1422ع ڌاري ڪينٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان چڱو ڀلو اثر وارو هو. پندرهن سورهن سالن جي عمر ۾ هُو هڪ اداري اندر ڪم سکڻ لڳو ۽ 1441ع ۾ ڏيهه ڇڏي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريائين. ماڻهو نيڪ ۽ ايماندار هو، پنهنجي محنت سان ڪجهه وقت ۾ چڱو ڪمائي شاهوڪار ٿي ويو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ وطن واپس وريو؛ جتي هن جو نالو لنڊن جي نالي وارن واپارين ۾ شمار ٿيڻ لڳو. ان کان سواءِ ايڊورڊ چوٿين کيس اعزازَ ۽ عزت سان نوازيو ۽ اهي ذميواريون سونپيون ته هو واپارين جي جهيڙن جهٽن جا فيصلا ڪري، اندرئين ملڪ ايندڙ واپار کي ترقي وٺرائي ۽ ٻين ملڪن ۾ انگلنڊ جي ساکَ قائم ڪري، ڪيترن سالن تائين ڪيڪسٽن اهڙيون خدمتون بَجا آڻيندو رهيو. هن کي شاهي درٻار جو اعتماد حاصل هو.

اُنهن ڏينهن ۾ ڪيڪسٽن هڪ فرانسيسي ڪتابَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. اُن ترجمي سبب 1472ع ۾ هن کي ڪتابَ ڇاپڻ جو خيال آيو ۽ کيس اهڙي فن سان لڳاءُ پيدا ٿيو. ٻن سالن کان پوءِ هڪ ٻئي ماڻهوءَ ويسٽ منسٽر نالي جي ڀائيواريءَ ۾ هن هڪ پريس قائم ڪئي. ان پريس مان انگريزي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو. هي اُهو ئي ساڳيو ترجمو هو، جيڪو هن پاڻ فرينچ ٻوليءَ مان ڪيو هو. 1476ع ۾ ڪيڪسٽن هڪ ٻيو ڪتاب ترجمو ڪري ڇپيو. اهو به فرينچ ٻوليءَ مان ترجمو هو.

تنهن کان پوءِ ڪيڪسٽن محسوس ڪيو ته ڇپائيءَ وارو علم عام ڪرڻ ڪيڏو ضروري آهي، جنهن وسيلي وطن واسين جي خاص طور ۽ دنيا جي انسانن جي عام طور وڏي خدمت ڪري سگهجي ٿي. هن جو اهو جذبو واپاري يا ذاتي فائدي بدران انسانذات جي ڀلائيءَ جي سوچ تي ٻڌل هو. هن پڪو پَههُ ڪيو ته هو سُٺا ڪتاب شايع ڪري علم ۽ انسانيت ٻنهي جي خدمت ڪندو رهندو.

آهستي آهستي انگلنڊ جا ڪيترا واپاري ۽ چڱا ماڻهو هِن نيڪ ڪم ۾ ڪيڪسٽن جو ساٿ ڏيڻ لڳا. جيڪي ساڻس گڏجي پيا، اُنهن ۾ ايڊورڊ چوٿون ۽ ان کان پوءِ شاهي تخت جا ٻه وارثَ رچرڊ ٽيون ۽ هينري ستون ذڪر جوڳا آهن.

ڪيڪسٽن جي پريس ننڍي هئي، پر هِن اُن کي آهستي آهستي وڌايو. شروع ۾ فرينچ ٻوليءَ جا ڪجهه ترجما ڇپيا، پر پوءِ پنهنجي ملڪ جي شاعرن جو ڪلامُ پڻ ڇپيو. اهڙي طرح سندس پريس مان ٻيا به ڪيترائي ڪتابَ ڇپجي پڌرا ٿيا. هو ڏاڍو محنتي ۽ جاکوڙي هو. ڪتابَ ڇاپڻ کان سواءِ انهن جو ترجمو ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، پروف پڙهڻ ۽ ٻيا سڀئي ڪَم سندس ذمي هوندا هئا.

ڪيڪسٽن جي خواهش هئي ته سندس پريس مان صرف اهڙا ڪتابَ ڇپجن، جيڪي اخلاقي ۽ سماجي طور بهترين هجن. هن پنهنجي ڪوشش سان قومي وقار وڌائڻ پئي گُهريو ۽ نوجوانن جي هٿ ۾ ڪوبه اهڙو ڪتابُ نه پئي ڏيڻ چاهيائين، جيڪو کين شعوري تباهي ۽ اخلاقي پَستيءَ پاسي کڻي وڃي. ڪيڪسٽن جي مقبوليت ۽ مشهوريءَ ڪري انگلنڊ جا ٻيا واپاري به پريس واري ڪاروبار پاسي ڌيان ڏيڻ لڳا. آڪسفورڊ ۽ ٻين شهرن ۾ پريسون قائم ٿيڻ لڳيون. هڪ ٻئي شخص ليٽو به لنڊن ۾ هڪ سٺي پريس کولي. مقابلي ٿيڻ سبب ڪيڪسٽن به ڇپائيءَ جي فن کي وڌيڪ ترقي ڏياري. ڪتابَ وڌيڪ سُهڻا ڇپجڻ لڳا. 1481ع ۾ هن انگريزي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪتابُ ڇپيو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو تصويرون ڏنيون ويون. اُن ڪتابَ جو نالو ’عالمي آئينو‘ (The Mirror of the World) هو.

جيڪڏهن توهان اُنهن شروعاتي ڪتابن کي ڏسو ته پاڻ هُرتو کلي ڏيو. ڪنهن ڪتابَ تي صفحن جو انگُ لکيل نه هوندو هو ته وري ڪنهن جي صورتخطي غلط هوندي هئي. ڪن ۾ سَرورق (ٽائيٽل) سري کان هوندو ئي نه هو. دراصل ڪيڪسٽن اِنهن ڏيکاءَ وارين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران رڳو انهيءَ پاسي ڌيان ڏيندو هو ته ڪتابَ جو مواد ڪهڙو آهي. هو پنهنجي ڇپيل ڪتابن ۾ عِلمي خوبين، اخلاقي قَدرن ۽ صاف سُٿري مواد جو خاص خيال رکندو هو. هن کي افسانن سان به دلچسپي هئي ۽ هو قصن ڪهاڻين جا ڪتابَ به شوق سان ڇاپيندو هو.

اوهان سڀني کي هن شخص جي محنت جو اندازو اِنهيءَ حقيقت مان ٿِي سگهندو ته ويسٽ منسٽر ۾ هِن جيڪا ننڍڙي پريس کولي هئي، اُتان 80 کان وڌيڪ شايع ٿيا، جن ۾ 21 ترجما هئا، جيڪي هُن پاڻ ڪيا هئا. ان اوائلي دؤر ۾ به سندس ڪتابن جا ٻَه ٻَه، ٽَي، ٽَي ڇاپا ڇپجندا هئا، ڇو ته ماڻهو سندس چونڊَ ۽ ترجمي واري ڏانءُ کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا. ۽ سندس ڇپيل ڪتابن کي معياري حيثيت حاصل هوندي هئي.

ڪيڪسٽن مرڻ گهڙيءَ تائين ڪم ڪندو رهيو. آخري عمر ۾ هُن ڪجهه ڊگها ترجما ڪيا ۽ قومي خدمت جو فرض نڀائيندو رهيو. هن مضمون ۾ ڪيڪسٽن جي انهن مشينن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي، جيڪي هُن ڇپائيءَ واري هنر کي ترقي ڏيارڻ خاطر پاڻ جوڙيون/ايجاد ڪيون آ پر صرف سندس اهڙين ڪاوشن ۽ عَملي خدمتن جو احوال ڏنو ويو آهي، جيڪي هُن پنهنجي قومَ جي اخلاقي سنوار لاءِ ۽ سندن ترقيءَ جي راههَ تي  هلڻ لاءِ ڪتب آنديون. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي پيشي ۾ اهڙو عظيم مقصد پنهنجي آڏو رکي جدوجهد ۽ جستجو ڪري ته ملڪ، قوم جو مان مٿانهون ڪري سگهي ٿو.