Video

بيت: 3

الله! ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مَران بندَ ۾،

جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،

پَهرين وَڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄنم ڏينهڙا.

الله ائين م هوءِ:

اي الله ائين نَه ٿئي

 

روءِ:

روئي ٿو، رڙي ٿو

بند:

قيد

 

لوءِ:

وطن، ساڻيهه

جُسو:

وُجود، جسم

 

مَر:

ڀَلُ

راتو ڏينهان:

ڏينهن رات

 

پُڄنم:

منهنجا پورا ٿين

بيت جي سمجهاڻي

هي ءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سُرمارئيءَ“  مان چونڊيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه سائين مارئيءَ جي زباني پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. مارئي چوي ٿئي ته اي الله سائين! متان  ائين نه ٿئي، جو آءٌ هتي قيد ۾  ئي مَري وَڃان، منهنجو جسم زنجيرن ۾ قيد آهي، پر پوءِ به رات ڏينهن پنهنجي ماروئڙن لاءِ پڪاريندي رَهان ٿي. منهنجي هيءَ آس آهي ته پهرين پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڀل منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿين ۽ مري وڃان.

  • ●●