الله! ائين مَ هوءِ، جيئن آءٌ مَران بندَ ۾،
جُسو زنجيرن ۾، راتو ڏينهان روءِ،
پَهرين وَڃان لوءِ، پوءِ مَر پُڄنم ڏينهڙا.
|
الله ائين م هوءِ: |
اي الله ائين نَه ٿئي |
|
روءِ: |
روئي ٿو، رڙي ٿو |
|
بند: |
قيد |
|
لوءِ: |
وطن، ساڻيهه |
|
جُسو: |
وُجود، جسم |
|
مَر: |
ڀَلُ |
|
راتو ڏينهان: |
ڏينهن رات |
|
پُڄنم: |
منهنجا پورا ٿين |
بيت جي سمجهاڻي
هي ءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سُرمارئيءَ“ مان چونڊيو ويو آهي، جنهن ۾ شاهه سائين مارئيءَ جي زباني پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. مارئي چوي ٿئي ته اي الله سائين! متان ائين نه ٿئي، جو آءٌ هتي قيد ۾ ئي مَري وَڃان، منهنجو جسم زنجيرن ۾ قيد آهي، پر پوءِ به رات ڏينهن پنهنجي ماروئڙن لاءِ پڪاريندي رَهان ٿي. منهنجي هيءَ آس آهي ته پهرين پنهنجي وطن وڃان، پوءِ ڀل منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿين ۽ مري وڃان.
- ●●