اِيءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مَٽائن سونَ تي،
اَچي عُمرڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانهَ ڪُريت،
پَکنِ جي پريتِ، ماڙين سين نه مٽيان.
|
اِيءَ: |
اِها |
|
ڪُريت: |
خراب روش، ڪني ريت |
|
|
ريت: |
رسم، رواج |
|
پريت: |
محبت، سڪ، اُڪير |
|
|
سيڻَ: |
مٽ مائٽ، عزيز |
|
ماڙي: |
محلات |
|
|
مٽائن: |
بدلائن |
|
مَٽيان: |
بَدلايان |
|
|
عمر ڪوٽ: |
علائقو، شهر، جتي عمر بادشاهه جو محل هو، (هن وقت عمر ڪوٽ کي ضلعي جي حيثيت حاصل آهي) |
||||
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُر مارئيءَ“ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه سائين مارئيءَ جي زباني عمر سومري کي جواب ڏيندي چوي ٿو ته: اي عمر سومرا! اهو اسان غريب ماروئڙن جو دستور ۽ رواج نه آهي، جو سون ۽ دولت جي لالچ ۾ اچي. پنهنجيون مٽيون مائٽيون بدلايون ۽ پنهنجا ناتا ٽوڙيون. هتي عمرڪوٽ ۾ اچي آءٌ ڪا اهڙي ڪُڌي روش اختيار نه ڪنديس ۽ ڪو به اهڙو ڪچو ڪم ڪانه ڪنديس، جو منهنجي مٽن مائٽن ۽ مٽيءَ تي ڪو حرف اچي. مون کي پنهنجي اباڻن ڪکن ۽ مٽيءَ سان جيڪا محبت آهي، اُها تنهنجي ماڙين عيوض هرگز نه مٽائينديس.