Video

بيت: 2

اِيءَ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مَٽائن سونَ تي،

اَچي عُمرڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانهَ ڪُريت،

پَکنِ جي پريتِ، ماڙين سين نه مٽيان.

اِيءَ:

اِها

 

ڪُريت:

خراب روش، ڪني ريت

ريت:

رسم، رواج

 

پريت:

محبت، سڪ، اُڪير

سيڻَ:

مٽ مائٽ، عزيز

 

ماڙي:

محلات

مٽائن:

بدلائن

 

مَٽيان:

بَدلايان

عمر ڪوٽ:

علائقو، شهر، جتي عمر بادشاهه جو محل هو، (هن وقت عمر ڪوٽ کي ضلعي جي حيثيت حاصل آهي)

           

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُر مارئيءَ“ مان چونڊيو ويو آهي. شاهه سائين مارئيءَ جي زباني عمر سومري کي جواب ڏيندي چوي ٿو ته: اي عمر سومرا! اهو اسان غريب ماروئڙن جو دستور ۽ رواج نه آهي، جو سون ۽ دولت جي لالچ ۾ اچي. پنهنجيون مٽيون مائٽيون بدلايون ۽ پنهنجا ناتا ٽوڙيون. هتي عمرڪوٽ ۾ اچي آءٌ ڪا اهڙي ڪُڌي روش اختيار نه ڪنديس ۽ ڪو به اهڙو ڪچو ڪم ڪانه ڪنديس، جو منهنجي مٽن مائٽن ۽ مٽيءَ تي ڪو حرف اچي. مون کي پنهنجي اباڻن ڪکن ۽ مٽيءَ سان جيڪا محبت آهي، اُها تنهنجي ماڙين عيوض هرگز نه مٽائينديس.