هنن بيتن ۾ حب الوطني، پنهنجن هم وطنن سان وفاداري، قيد ۽ ڏاڍاين باوجود پنهنجي اصول تي قائم رهڻ ۽ انسان لاءِ پاڪيزگي قائم رکڻ جو پيغام ڏنو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جيستائين پنهنجي مٽيءَ ۽ پنهنجي مائٽن سان سچو نه آهي، تيستائين هن جي شخصيت اڻپوري آهي.
سوال:
- مارئيءَ کي عمر ڪهڙي سبب جي ڪري اغوا ڪيو؟
- قيد ۾ مارئيءَ جي حالت ڪيئن هئي؟
- قيد واري پوري عرصي ۾ مارئيءَ جو عمر سان سلوڪ ڪيئن رهيو؟
- مارئيءَ سان قيد ۾ عمر سومري ڪهڙو ورتاءُ ڪيو؟
بيت جي سٽن جي آخر ۾ آيل هم آواز لفظن کي قافيو چئبو آهي. هيٺ ڪجهه اهڙا لفظ لکجن ٿا. اوهان ڪجهه وڌيڪ اهڙا لفظ ڳولي لکندا؟
(1) ريت (2)..................... (3).....................
(4) جيها (5)..................... (6).....................
نوٽ: مارئيءَ جي ڪردار تي تفصيلي نوٽ لکو.