جـيهــا جــي تـيهــا، مــون مــارو مــڃــيــا،
مون جيڏيون مليرَ ۾، چونڊِين موڪَ ميها،
منهنجي آهه اِها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي!
|
جيها: |
جهڙا |
|
ميها: |
ڀاڄيءَ جو قسم |
|
تيها: |
تهڙا |
|
آهه: |
رڙ، صدا، دانهن |
|
موڪَ: |
گهڻا، ججها |
|
ڪوٽ: |
محل، قلعو |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ’سُر مارئيءَ‘ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ مارئي چوي ٿي ته منهنجا مارو مائٽ جهڙا به آهن، غريب مسڪين، ميرا سيرا، تهڙا ئي مون کي قبول آهن، ڇو ته اُهي منهنجا پنهنجا آهن. منهنجي ڳوٺ ملير ۾ منهنجيون سرتيون ۽ جيڏيون ججها ميها ۽ ٻيون ڀاڄيون چونڊينديون هونديون، اُنهن سان ملڻ لاءِ منهنجي دل دانهون پئي ڪري ۽ دُکي دل جي دانهن ۽ آهه هڪ ڏينهن ضرور عمر بادشاهه جي ڪوٽ قلعن کي ڪيرائيندي ۽ آءٌ آزاد ٿي پنهنجي ملڪ ملير وينديس.
- ●●