تون سَمُو، آئون گَندري، مُون ۾ عَيبن لکَ،
هِنَ منهنجي حال جي، توکي سَڀُ پَرکَ،
ڪارڻ رَب اَلکَ، مَتان ماڱر مَٽيين.
|
سَمو: |
ذات، ڄام تماچي، بادشاهه |
|
ڪارڻ: |
سبب، خاطر |
|
گَندري: |
مُهاڻي |
|
رَبَ: |
الله تعاليٰ، پالڻهار |
|
عيب: |
نقص، گهٽتائي، کوٽ |
|
الک: |
الله تعاليٰ |
|
لَک: |
لکين، گهڻا |
|
ماڱر: |
مهاڻن جي ذات جي |
|
پَرک: |
سڃاڻ، خبر، ڄاڻ |
|
مَٽيين: |
تبديل ڪرين، مُنهن ڦيرين، مٽائين |
بيت جي سمجهاڻي
هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي ”سُرڪاموڏ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ نوريءَ جي عاجزيءَ ۽ نهٺائيءَ جو بيان ڪيو آهي. نوري سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ کي عرض ڪري ٿي ته تون بادشاهه ۽ راڄ جو مالڪ آهين، پر آءٌ غريب مُهاڻي آهيان، مُون ۾ لکين عيب آهن، توکي منهنجي هن حال جي خبر آهي، تنهنڪري سچي ڌڻيءَ جي واسطي مون غريب کان منهن نه موڙجانءِ. مطلب ته نوري مُهاڻي، عجز ۽ نياز سان ڄام تماچيءَ کي منٿ ڪري رشتن جي پارت ڪري ٿي.
- ●●