Video

بيت: 2

هيٺ جَرُ، مَٿي مَڃرُ، ڪَنڌيءَ ڪَونر تَرن،

وَرئي واهوُندنِ، ڪينجَهر کَٿُوري ٿِئي.

جَر:

مَڃرُ:

زمين اندر پاڻي

ڪنڊيءَ جو ٻُور

 

واهوندا:

هوا، واءَ جو قسم، اولهه ڏکڻ جي ڪُنڊ جو واءُ

ڪنڌي:

ڪنارو، ڪپر

 

ڪينجهر:

ڍنڍ جو نالو

ڪَونر:

ڪنول جا گل

 

کٿوري:

مُشڪ، خوشبوءِ

ورئي:

موٽندي، ايندي

 

 

 

بيت جي سمجهاڻي

                هيءُ بيت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ”سر ڪاموڏ“ مان چونڊيو ويو آهي. هن بيت ۾ شاهه سائينءَ سنڌ جي مشهور ڪينجهر ڍنڍ جي فطري خوبصورتي ۽ بي مثال  حُسن جو نقش چٽيو آهي ته ڪينجهر ۾ هيٺ صاف شفاف پاڻي آهي، مٿان ڪنڊيءَ جي وڻن ۾ ٻور آهي،  ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ڪنول جا گل ترندا ڏسڻ ۾ ٿا اچن، جيڪي نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ منظر پيش ڪن ٿا. وري جڏهن واهوندي جون وڻندڙ هوائون لڳن ٿيون ته ڪينجهر جي چوڌاري گلن جي واس ڪري خوشبوءِ پکڙجي وڃي ٿي. هن بيت ۾ مجموعي طور ڪينجهر ڍنڍ ۽ اُن جي خوبصورتي بيان ڪيل آهي.

 

●●●